ايران ۾ قيادت جي ڇڪتاڻ ۽ اڳواڻن جي جا شڪي موت

اسلامي جمهوريه ايران جي 45 سالن جي سياسي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اقتدار ڪيترن ئي اڳواڻن لاءِ ڪنڊن جي سيج ثابت ٿي آهي. رضا شاهه پهلويءَ جو دور خوني انجام جلاوطنيءَ سان ختم ٿيو ۽ 1979ع ۾ آيت الله خميني جي واپسيءَ بادشاهت جو دور ختم ڪري ڇڏيو.ان بعد اسلامي جمهوريه ايران جنم ورتو.رڳو صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ موت پهريون واقعو نھ آھي،جنھن ۾ ڪنهن ايراني سربراهه جو سياسي سفر وقت کان اڳ ختم ٿيو هجي.هن کان اڳ سوئمنگ پولز ۾ شڪي موت کان وٺي بم ڌماڪن  ۾ ايراني اڳواڻ ماريا ويا آهن، ته وري ڪنھن اڳواڻ کي وطن ڇڏي جلاوطني جي زندگي گذارڻي پئي آھي.مھدي بازرگان،اسلامي  انقلاب کان پوءِ 1979 ۾ جڙندڙ گھڻ ڌري،عبوري حڪومت ۾ وزير اعظم بڻيو ھو.ھن جا بھ اختيارن تي اختلاف ٿي پيا.ھن جي دور ۾ تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ جو مسئلو ھن جي مٿي جو سور بڻجي ويو. 4 نومبر 1979ع تي رضا شاهه پهلوي جي دور ۾ ايراني مظاھرين آمريڪا سفارتخاني تي ڪاھ ڪري آمريڪي اھلڪارن کي  يرغمال بڻايو.جن کي 444 ڏينھن بعد آزاد ڪيو ھو.ان مسئلي جي حل کان اڳ ئي مهدي حڪومت جو فيصلو ڪيو، جنهن کان پوءِ هن حڪومتي نظام کي ڇڏي ڏنو ۽ حڪومتي نظام روح الله خميني  حوالي ڪري پاڻ رستي تان ھٽي ويو.جنھن بعد ۾ عوام جي نالي پيغام ۾چيو ھو تھ جنهن وزيراعظم کي ڪم ڪرڻ لاءِ سپريم ليڊر کان اجازت وٺڻي پئي اھو ليڊر نه پر صرف ملازم هوندو آهي،

ابو الحسن بني انقلاب بعد  چونڊن ۾ 75 سيڪڙو ووٽ کڻي ايران جي تاريخ جو پهريون صدرٿيو.پر 1980ع جي ايران ۽ عراق جنگ دوران بني صدر جي وزير اعظم محمد علي رجائي سان اختلاف وڌي ويا.تنهن هوندي به خميني مٿس ايترو ته اعتماد ڪيو جو هن آئيني حدن کي پار ڪري فوج جي ڪمان سونپي.پر سندس حڪومت گهڻو وقت نه رهي.ابوالحسن بني صدر جي غير موجودگيءَ ۾ ايران جي پارليامينٽ 21 جون 1981ع تي مٿس انقلاب مخالف گروپن جي مدد ڪرڻ جو الزام لڳائي ھن جو مواخذه ڪيو، جنهن بعد کيس برطرف ڪيو ويو.

سندس پڇاڻي دوران سندس مخالفن مٿس حملا ڪيا ۽ خميني به مٿس سخت تنقيد ڪئي.برطرفي بعد کيس غداري ۽ سازش جي الزام ۾گرفتاري کي منهن ڏيڻو پيو.هو فرانس فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جتي آڪٽوبر 2021 تائين جلاوطن رھيوهو ۽ اتي ئي گذاري ويو.

محمد علي رجائي 1981ع ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر چونڊجڻ کان اڳ ھو،ابو الحسن بني صدر جو وزيراعظم به رهيو ھو.محمد علي رجائي جو دور مختصر رهيو. 1981ع ۾ صدر جي حلف کڻڻ جي مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ ھو، پنهنجي وزيراعظم محمد جواد سان گڏ هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. مجاهدين خلق تنظيم تي ان حملي جو الزام لڳو  ھو .

علي خامنه اي سندس جانشين جي حيثيت سان عهدو سنڀاليو، ان کان اڳ سندس ٻن دورن جي پڄاڻي تي ۽ خميني جي وفات کان پوءِ سپريم رھبر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رھيو ھو.خامنه اي انقلاب کانپوءِ ايران جو واحد صدر آهي جنهن جو مدو بنا ڪنهن سياسي بحران جي ختم ٿيو يعني هن پنهنجو صدارتي مدو پورو ڪيو.هن انقلاب جي سپريم ليڊر چونڊجڻ بعد وڌيڪ ڪاميابيون پڻ حاصل ڪيون.

علي خامنه اي صدر ھو ۽ پنھنجي ويجھي علي اڪبر والائيتي کي وزيراعظم بڻائڻ پئي گھريو پر پارليامينٽ ايئن ڪرڻ نھ ڏنو.ان ڪري مير حسين موسوي کي اھو عھدو ڏيڻو پيو.ٻنھي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ جاري رھي ۽ حڪومت بھ ھلائيندا رھيا.1989 ۾ خامنه اي جي اڳواڻي ۾ آئيني ترميمن جي مدد سان وزيراعظم کي برطرف ڪيو ويو.موسوي 20 سالن تائين سياسي ميدان کان ٻاهر رهيو ۽ 2009ع جي چونڊن دوران ايران جي سياسي ميدان ۾ ٻيهر داخل ٿيو .شڪست کانپوءِ نتيجن کي چئلينج ڪيو. مظاهرا ٿيا ۽ مير حسين موسوي کي فيبروري 2010ع ۾ نظربند ڪيو ويو.

ايراني صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني  جي صدارت جا پهريان چار سال (1989-1993)  آسان گذريا ۽ هو هڪ طاقتور اڳواڻ طور اڀريو. پر سندس صدارت پنهنجي ٻئي دور ۾ داخل ٿي تھ رفسنجاني کي آيت الله خامنه اي جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو.

رفسنجاني، جيڪو ڪنهن زماني ۾ انقلابي ڪائونسل جو ٻيو وڏو اڳواڻ سمجهيو ويندو هو، 2005 جي صدارتي چونڊن ۾محمود احمدي نجاد جي ھٿان شڪست کاڌي.رفسنجاني انھن چونڊن نتيجن تي سوال اٿاريو ۽ انھن کي ‘مشڪوڪ’ سمجهندو ھو.مئي 2013ع ۾ هن صدارتي اليڪشن وڙهي پر اعتراضن سبب سندس ڪاغذ رد ٿي ويا. ٻن سالن کان پوءِ ”مجلس خبرگان رھبريءَ“ جي چونڊن ۾ ھن سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. 9 جنوري 2017 تي ھن جو سوئمنگ پول ۾ موت ٿيو. ان وقت سندس عمر 82 سال هئي، پر سندس خاندان رفسنجاني جي موت کي ”غير فطري“ ۽ ”منظم منصوبو“ قرار ڏنو.

محمود احمدي نجاد آگسٽ 2005ع ۾ صدارت جو عهدو سنڀاليو. آيت الله خامنه اي ۽ سندس  ويجهن حلقن جو خيال ھو تھ سپريم ليڊر کي آخرڪار صدارت لاءِ مناسب شخص ملي ويو آهي.پر اهو سياسي اتحاد گهڻو وقت نه هلي سگهيو.سپريم ليڊر تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هن پاڻ کي الڳ ڪرڻ ۽ 11 ڏينهن لاءِ صدارتي آفيس اچڻ کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.خيال آهي ته ان عمل احمدي نجاد جي سياسي مستقبل کي تباهه ڪيو. 2017 ۾محمود احمدي نجادي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ نااهل قرار ڏنو ويو. حسن روحاني 2013ع ۾ صدر چونڊيو. هن ريفرنڊم کي ايران جي ايٽمي پروگرام جي حل طور ڏٺو.پر هن جو ايٽمي معاهدو، سرڪاري طور تي ‘جوائنٽ جامع پلان آف ايڪشن’ (JCPOA) جي نالي سان مشهور آهي، هن ۽ ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي وچ ۾ تڪرار جو هڪ سبب بڻجي ويو.

محمد علي رجائي بعد ابراهيم رئيسي ٻيو ايراني صدر آهي جيڪو حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. رئيسي 2021 ۾ بنا مقابلي صدر چونڊيو ھو.سندس دور ۾، خاص ڪري سندس پهرئين ٻن سالن ۾ ھن جي سپريم ليڊر سان اختلاف جو ڪو واضح اشارو نٿو ملي.بهرحال، هن جي حڪومت کي ‘ڪمزور’ قرار ڏنو ويو آهي ۽ تنقيد ڪندڙن پاران ان جي اقتصادي ۽ سياسي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ٿي.

رئيسي 19 مئي 2024ع تي جمهوريه آذربائيجان جي صدر سان هڪ اهم ملاقات کان پوءِ اوڀر آذربائيجان جي شهر تبريز ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو.15 ڪلاڪن جي ڳولا کان پوءِ ھن جي ھيليڪاپٽر جو ملبو مليو ھو.سندس موت بھ تاحال ھڪ ڳجھارت بڻيل آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.