سڄي سنڌ شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ جي ايف آءِ آر سان گڏ فريادي آهي

شهيد نصر الله گڏاڻي جي شهادت جي ايف آءِ آر روايتي هوندي به غير روايتي ئي ٿيڻي هئي ۽ وري جيڪڏهن اُها ايف آءِ آر شهيد جي امڙ داخل ڪرائي ته يقينن ان جي تاريخي حيثيت بڻجي وڃي ٿي. اهڙي تاريخ 28 مئي 2024ع تي ٺهي جڏهن شهيد جي امڙ پٺاڻي خاتون ميرپور ٿاڻي تي پهچي پنهنجي پٽ جي قتل خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ثابت ڪيو ته ڏکن ۽ صدمن کي هيئن طاقت ۾ تبديل ڪبو آهي. شهيد نصر الله گڏاڻي جي امڙ پنهنجي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري جو مقدمو سڌوسنئون پاڻ وڙهي واضح ڪيو آهي ته سندس پٽ ان ڪري به بهادر هو جو سندس ماءُ بهادر آهي. هونئن ته اها ايف آءِ آر شهيد نصرالله جا ڀائر به داخل ڪرائي سگهن پيا پر هن پنهنجي جگر جو اهو بار به ڪنهن ٻئي جي مٿان نه پر پنهنجي سر تي کنيو آهي. شايد ان ڪري به ته هوءَ ماءُ آهي. هوءَ پنهنجن باقي زنده بچيل اولاد لاءِ ڇپر ڇانو بڻجي پاڻ قاتلن سان منهن مقابل ٿيڻ ٿي گهري.

بهرحال پس منظر ڪهڙو به هجي اسان شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر سان گڏ آهيون. هوءَ ڪنهن ريت به اڪيلي ناهي. سنڌ جو سڄو عوام شهيد جي امڙ جي ايف آءِ آر ۾ ساڻس گڏ فريادي آهي. پر جيڪڏهن هوءَ اڪيلي به هجي ته اُها لکن ۽ ڪروڙن فريادن تي ڳري هجي ها ڇاڪاڻ ته هيءَ ماءُ جي فرياد آهي جيڪا چوندا آهن ته عرش تائين پهچندي آهي. سو اسان کي پڪ آهي ته مسمات پٺاڻي خاتون جي داخل ڪرايل هيءَ ايف آءِ آر ضرور ٿرٿلو مچائيندي ۽ ظالم قارتلن کي پنهنجي انجام تي رسائيندي ڇاڪاڻ ته هيءَ هڪ ممتا جي فرياد آهي. هن فرياد ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي مزاحمت جو تسلسل آهي. شهيد جنهن جاءِ تي پنهنجي جدوجهد ڇڏي سندس ماءُ اتان کان نئين سري سان شروعات ڪئي آهي ۽ ان جدوجهد کي جيئدان ڏنو آهي. شهيد جي امڙ جيڪا فرياد داخل ڪرائي آهي تنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ؛ نصر الله گڏاڻي هميشه حق سچ لکندو ۽ ڳالهائيندو هو جنهن سبب علائقي جا سردار، ڀوتار توڙي وڏيرا هن جا مخالف هيا جن سازش ڪري هن کي قتل ڪرايو آهي. اسان سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هن ايف آءِ آر کي عزت ڏيڻي پوندي جو اها هڪ ماءُ جي فرياد آهي. ٻيو ته هن فرياد سان سڄي سنڌ جو عوام شامل آهي.

سنڌ جا حڪمران جيئن ته چونڊيل آهن، تنهن ڪري انهن کي طاقت جو سرچشمو عوام کي بڻائڻو پوندو جيڪو پ پ جو بنيادي نعرو به آهي. سو وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت جيڪا پ پ جي آهي سا عملي طور تي پاڻ کي عوامي حڪومت بڻائي ڏيکاري، ان ۾ ئي صحيح معنيٰ ۾ پ پ جي عزت آهي ۽ ان ۾ ئي بقا آهي ته اها پنهنجي پارٽي مان عوام دشمن ڀوتارن کي ڪڍي ڏيکاري. سنڌ جي عوام جي به اها ئي فرياد آهي ته سنڌ مان ڀوتارڪي دهشت کي ختم ڪيو وڃي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سنڌ مان لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو ۽ قانون توڙي انصاف کي بالادست رکيو ويندو. پر افسوس ته هتي الٽو لاقانونيت جي راڄ کي مضبوط ڪيو ويندو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو هتي هر قسم جا ڏوهه ، قبضا قتل، اغوا ڌڙا ڌڙ ۽ سرعام ٿي رهيا آهن پر هتي ٻيو ته ٺهيو ڍنگ سان ايف آءِ آر به ناهي ڪٽبي. هتي ايئن به ٿيندو آهي ته ڏيکاءُ طور ڪارروائي لاءِ بي گناهن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته شهيد نصرالله جي ماءُ جي ايف آءِ آر سان ڇا ٿو ٿئي. هن ڪيس ۾ رپورٽون آهن ته پوليس پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ بي گناهه ۽ غريب ماڻهن کي سوگهو ڪرڻ لڳي آهي. ان حوالي سان اهي به رپورٽون آهن ته ڳڙهي چاڪر جي لاٽڪي برادري جي عورتن گهوٽڪي پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس شهيد نصر الله گڏاڻي جي واقعي ۾ اسان کي ناحق ڦاسائڻ جي ڪوشش پئي ڪري جنهن ڪري گهرن تي چڙهايون ڪري اسان جي نوجوان نثار لاٽڪي سميت چئن ڄڻن کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

سو اسان جو زور هوندو ته ميرپرو ماٿيلو جي پوليس ايف آءِ آر جي بنياد تي وڏين مڇين جو گهيرو ڪري. ايف آءِ آر جي روح تحت عمل ڪري. ان ايف آءِ آر تحت ئي قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي. جيتوڻيڪ اسان ان پس منظر کان چڱي ريت واقف آهيون ته سنڌ ۾ وڏن قاتلن يعني وڏيرن، سردار، جاگيردارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ به مسئلو هوندو آهي، جان جوکي ۾ وجهڻ هوندو آهي اهو سڀ اسان ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ به ڏٺو هو ته ڪيئن هڪ سردار کي سرڪاري سرپرستي ۾ ان ڪيس مان ڪڍيو ويو. ايئن 291 ڏينهن گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اهي ڀوتارڪي نظام جو حصو آهن تنهن ڪري سندن وار به ونگو ٿيڻ نٿو ڏنو وڃي. پر ياد رکو ته سنڌ جو شعور هاڻي ڪهن به قسم جي زيادتي کي ڦٻڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي مسمات پٺاڻي خاتون جي ايف آءِ آر کي ڦٻڻ ڏيندو.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.