وفاقي حڪومت ۽ وزير اعظم جا نوان بحران

تحرير: علي محمد ميمڻ

   ملڪ ۾ وفاقي حڪومت ظاهري طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مشروط حمايت جي آڌار تي اڪيلي سر هلي رهي آهي ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف جي قيادت ۾ سنڌي واري چواڻي موجب” ڍڳو پير پيران “ واري رمز تي هلي رهي آهي. شينهن واري هن حڪومت جي هن وقت تائين جي جيڪا ڪارڪردگي آهي اها به ڪا اهڙي نظر نه ٿي اچي جو سندس ڪنهن ڪم ۽ ڪارڪردگي جي ساراهه ڪري سگهجي يا ڳڻپ ڪري سگهجي.  حڪومت جي جيڪا صورتحال آهي ان موجب،   اردوءَ جو هي  محاورو يا چواڻي ٺهڪي ٿي اچي ته ” نه خوبي انجن اور نه ڪمال ڊرائيور، چلي جارهي هي خدا ڪي سهاري  . “باقي جيئن ڏينهن گذرن پيا ته حڪمران جماعت، مسلم ليگ نواز جي اندروني ڇڪتاڻ پڻ حڪومت ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

 ميان شهباز شريف جيڪو گذريل 6 سالن کان مسلم ليگ نواز جو آئيني طور تي صدر هو ۽ حڪمران جماعت جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هئي اهاميان شهباز شريف جي نالي منتقل ٿيل هئي پر ميان نواز شريف هن حڪمران جماعت جي صدارت جي پڳ ميان شهباز شريف کان لهرائي پاڻ پائي ورتي آهي ۽ هاڻي حڪمران جماعت جو مالڪ  وڏو شينهن ميان نواز شريف پاڻ ٿي ويو آهي ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف جي هاڻوڪو عهدو پڻ هاڻي سڌو سنئون مسلم ليگ نواز جي صدر ۽ مالڪ ميان نواز شريف جي هٿن ۾ ۽ ان جي رحم وڪرم تي ٿي ويو آهي. يعني هاڻي وزير اعظم ميان شهباز شريف کي پنهنجي حڪومت جي سمورن فيصلن جااختيار پڻ اڻ سڌي طرح جماعت جي صدر ميان نواز شريف جي حوالي ڪرڻا پئجي ويا آهن. وزير اعظم ميان شهباز شريف هن وقت تمام گهڻي ڏکي ۽ نئين آزمائشن واري صورتحال جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ حڪومت جا انتظام هڪ وزير اعظم ۽ حڪومت جي چيف ايگزيڪٽو طور هلائڻ بجاءِ سخت دٻاءُ واري حالت جو شڪار ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن 28 مئي تي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪيل ايٽمي ڌماڪن واري ڏينهن کي حڪومت طرفان اوچتو  رات دير سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن ملڪ جي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ۾ ايٽمي ڌماڪن بابت اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا جنهن ۾ ملڪ کي ايٽمي قوت بنائيندڙ باني ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير سان گڏ ميان نواز شريف جي تصوير پڻ لڳائي وئي ۽ ملڪ جي سائنسدانن کي پڻ مڃتا ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ويو.  نه ته هن کان اڳ صرف ميان نواز شريف ئي پاڻ کي ايٽمي پروگرام جو باني ۽ مالڪ سمجهڻ ۽ قرار ڏيڻ واري مستي ۾ مبتلا رهيو جنهن جي نتيجي ۾ فيبروري واري چونڊ مهم ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان پنهنجي پنجاب جي انتخابي جلسن کي خطاب ۾”ميان نواز شريف کي  ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي پروگرام جو چور “ قرار ڏيندو رهيو .پر هن ڀيري جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ايٽمي پروگرام جي باني واري مڃتا کي مڃيو ويو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن طرفان پڻ 28مئي تي وفاقي حڪومت جي ڪيل فيصلي کي قبوليو ويو ۽ عام موڪل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

  حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز جي سياست ڪاري ۾ هن وقت جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي آهي ان صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي جماعتن سان ٻه طرفان معاملا طي ڪرڻ ۽ هلائڻ وارا اختيار عملي طور تي وزير اعظم ميان شهباز شريف کان پارٽي جي صدر ميان نواز شريف کي منتقل ٿي ويا آهن ۽ وزير اعظم جي عملي طور تي حيثيت اها ساڳي نه رهي آهي جيڪا حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻ وقت هئي. اهڙي صورتحال ۾ اتحادي ڌرين خاص طور تي حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ مسلم ليگ نواز ۾ پيدا ٿيل تازي اٿل پٿل ۽ اختيارن جي منتقلي وارا معاملا يقينن  ڳڻتي جو سبب ضرور بڻيل آهن.

 جڏهن ته ٻئي پاسي، مسلم ليگ جي نئون بحال ٿيل صدر ميان نواز شريف، مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي سربراهه عمران خان خلاف سڌي ريت سخت مخالفت وارو سلسلو نه صرف شروع ڪري وڌو آهي پر ان سان ڳالهيون ڪرڻ واري عمل جي پڻ سخت مخالفت ڪئي پئي وڃي. اهڙي ريت، وزير اعظم ميان شهباز شريف طرفان پڻ گذريل ڏينهن هڪ سرڪاري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي سختي سان نه صرف للڪاريو ويو پر عدالتن جي حوالي سان پڻ ڪافي اڻوڻندڙ خطاب ڪيو ۽ عدالتن ۾ موجود ڪجهه ججن کي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي مهم ۾ ملوث قرار ڏنو ۽ سخت ڇوهه ڇنڊيا ويا.

     وزير اعظم جي خطاب مان صاف طور تي ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاملن کي سمجهداري ۽ بردباري سان هلائڻ واري حڪمت ، ڏاهپ ۽ صبر جو پلاند هٿ مان ڇڏي ڏنو آهي . ممڪن آهي ته مسلم ليگ نواز جي هاڻوڪي ٿيل تنظيمي اٿل پٿل بعد پيدا ٿيل صورتحال ۽ هدايتن جي روشني ۾ اهو چيو ۽ ڪيو ويو هجي پر ان صورتحال مان حڪومت جو دٻاءُ ۾ اچڻ ۽ مخالف ڌر  واري سياست ۽ مهم جي وڌيڪ ڪامياب ۽ مقبول ٿيڻ لاءِ  وڌيڪ ماحول ۽ رستا هموار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.

ملڪ جي پارليامينٽ ۾ حڪومت سازي لاءِ  ميمبرن جي سادي اڪثريت جي تعداد به حاصل نه هجڻ جي باوجود خوش قسمتي سان  پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي پراڻي ۽ مضبوط سياسي جماعت جي اتحاد ۽ حمايت سبب هن اقليتي جماعت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ معجزاتي طور تي يا لاٽري کلڻ واري طريقي ڪار موجب اڪثريت جي حمايت حاصل ٿيڻ ڪري حڪومت ملي ويئي آهي ته ان تي سيني ساهڻ ۽ اتحادين ۽ مخالفن کي اکيون ڏيکارڻ وارو طريقيڪار  ڪنهن به صورت ۾ عقلمندي  وارو رستو نه آهي. شايد اها ئي اها صورتحال آهي جو حڪومت جي اهم اتحادي ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي ان صورتحال جو حساب ڪتاب ۽ اڳواٽ ڪاٿو لڳائڻ بعد هڪ پاسي ويهي رهي آهي ۽  صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان حڪومت جي راند کي حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف ۽ وزير اعظم ميان شهباز شريف تي ڇڏي ملڪ کان ٻاهر وڃي ويهي رهيا آهن ۽ اتي ويهي حڪومت جي ڪارگذاري ڏسي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ايندڙ سياسي طوفانن جو اندازو لڳائي رهيا آهن.      

    حڪومت ۽ اقتدار يقينن ڪڏهن به ڪنهن جو ٿيو آهي ۽ نه ئي سدا اهو ڪنهن سان رهڻو آهي تنهن ڪري  حڪومت ۽ اقتدار  وارن ڏينهن ۾ وڌيڪ صبر ۽ بردباري جي ضرورت ٿئي ٿي. حڪومت گهڻو وقت هلي به تڏهن سگهي ٿي جڏهن هن ۾ معاملا فهم ٿيڻ وارو جذبو هجي، هر هڪ ڌر ۽ سائل جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي هجي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي بهتري سان پنهنجي قبوليت ۽ مقبوليت ۾ اضافو ڪيو وڃي پر حڪمران جماعت ۽ حڪومت جي تازي صورتحال پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ واري وڌيڪ لڳي رهي آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي، حڪومت جي جنهن ڌر جي اتحاد تحت قائم آهي اها پڻ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ اتحادي ڌرين کي خلوص نيت سان پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ واري جذبي کان گهڻي ڀرپور نظر نه اچي رهي آهي. خاص طور تي هاڻي جڏهن حڪومت جا سمورا معاملا ئي حڪمران جماعت جي صدر کي منتقل ٿي رهيا آهن ته اهڙي صورتحال ۾ وزير اعظم جي پنهنجي اختيارن ۽ حڪومتي معاملن جي فيصلن جي صورتحال ڇا وڃي بيهندي اهي معاملا پڻ بنيادي سوال بڻجي ويا آهن.

    حڪمران ڌرين  ۾ اقتدار ۾ شراڪت ، پارلياماني ڪاميٽين جي جوڙجڪ ۽ ورهاست سان گڏوگڏ  پاڪستان پيپلز پارٽي جو حڪومت کي ملندڙ سهڪار ۽ مدد آخرڪار ڪيتري ۽ ڪهڙي قيمت تي جاري رهڻو آهي ۽ وفاق ۽ پنجاب وفاق ۽ پنجاب حڪومتن ۾ مسلم ليگ نواز طرفان شراڪت اقتدار ۽ وزارتن ۾ حصيداري ۽ ڪيتري تعداد هجڻ گهرجي ان بابت هلندڙ ڳالهيون ڪهڙي صورت اختيار ڪنديون انهن معاملن بابت امڪاني طور تي وفاقي حڪومت طرفان نئين مالي سال- 25 2024  جو بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ  پيش ڪرڻ ۽ بجيٽ جي منظوري لاءِ  ڳالهيون پڻ حڪومت جي  ٻنهي اتحادي ڌرين ۾ فيصلائتي صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون. ظاهري ۽ امڪاني طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ نواز سان پنهنجو اتحاد برقرار رکڻ جي حق ۾ نظر اچي ٿي پر حڪمران جماعت جي صدارت وزير اعظم ميان شهباز شريف کان وٺي ميان نواز شريف جي حوالي ٿيڻ کي سٺو سئنوڻ قرار نه ٿوڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ جو ميان نواز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ماضي جا تجربا ڪي گهڻا سٺا نه رهيا آهن. مسلم ليگ ن جي حڪومت هئڻ جي باوجود ميان نواز شريف طرفان حڪمران جماعت جي هن وقت صدارت پاڻ وٽ ڇڪي وٺڻ وارو معاملو ڪا عام ڳالهه معلوم نه ٿي رهي آهي.

 ممڪن آهي ته، ميان نواز شريف حڪومت جا سمورا اختيار ۽ فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳي ۽ مخالف ڌر ۽ عدالتن جي معاملن ۾ وري ڪا نئين ڇڪتاڻ ۽ بحراني ڪيفيت شروع ٿي وڃي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن طرفان وڌندڙ دٻاء خلاف  وڏي پيماني تي رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ته اهڙي قسم جي  صورتحال پيدا ٿيڻ جا ملڪ ۽ جمهوري نظام کي وڌيڪ نقصان ٿي سگهن ٿا.

 

صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل سنڌ !

وفاگولو

سنڌ اڃا سنڌ جي سينيئر صحافي جان محمد مهر جي وڇوڙي تي ماتم ڪندي رهي ته مٿان وري هڪ ٻئي سچ جي ساٿاري باشعور صحافي نصرالله گڏاڻي جو لاش سندس جهولي ۾ وڌو ويو آهي جنهن تي سنڌ جي هر هڪ اشڪبار آهي.نصرالله اهو صحافتي ڪردار هو جنهن پنهنجي قلم سان وقت جي فرعونن جاگيردارن ڀوتارن کي للڪاريو ۽ وڏي واڪي سچ جو علم بلند ڪيو.

صحافين جي لاءِ هونئن ته سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ڪو آئيڊيل ملڪ ناهي، پر دنيا جا ڪيترائي ئي ملڪ صحافت يا صحافين جي حوالي سان انتهائي خطرناڪ بڻيل آهن اهڙن ملڪن مان پاڻ ميانمار جو مثال کڻي سگهون ٿا جتي ڪجهھ سال اڳ جمهوريت تي راتاهو هڻي مارشل لا لڳايو ويو آهي ۽ انهي دوران بي بي سي جي صحافي سميت هن وقت تائين 17 کن صحافي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، ڪيترن ئي چئنلن ۽ اخبارن جا لائسنس رد ڪيا ويا آهن ۽ کنڀي گم ڪيل صحافين مان بي بي سي جي صحافي سميت اڃا 9 صحافين جو ڪو به پتو ناهي ته اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن، اهڙي طرح دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن جن جا حوالا ڏئي سگهجن ٿا پر ڏٺو وڃي ته اسان جو پيارو ملڪ به صحافين لاءِ خطرناڪ بڻيل اهڙن ملڪن جي ئي لسٽ ۾ اچي ٿو جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو آهي. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ صحافي روز بااثرن، ڪامورن، سياستدانن جي ڌمڪين کي ته منهن ڏئي رھيا آهن.

هن وقت تائين اتر سنڌ باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ انتهائي خطرناڪ علائقو بڻيل رهيو آهي جتي قبائلي جهيڙن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون آهن ڪيترائي وسندڙ ويڙھا جهڳا جهڻ ۽ ويران ٿي ويا جيڪا رت جي راند هاڻي ايتري قدرخطرناڪ ٿيندي پئي وڃي جو ان جو خاتمو ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ۽ ان ۾ اتر سنڌ ھن وقت تعليم يافته ماڻھن ۽ صحافين لاءِ ڄڻ وانا وزيرستان بڻجي وئي آهي جنهن کي ذاتي مفادن خاطر گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ ڪيترن ئي تعليم يافته ماڻھن توڙي صحافين کي جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو آهي پر افسوس جو ڪنهن به صحافي جي ناحق خون واري ڪيس ۾ ملوث ڪو جوابدار ڪيفر ڪردار تائين پهتو هجي وڏي گهري سازش تحت سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ هڪ وڏي سرموڙ بهادر ورڪنگ جرنلسٽ جان محمد مهر جو ٽارگيٽ قتل ڪري سنڌ جي صحافين کي هڪ پيغام پهچايو ويو هو ته صحافين ۾ هڪ خوف جي لهر پکيڙڻَ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪا هن معاشري لاءِ انتهائي خطرناڪ تصور ٿي آهي.

 تازو ئي وري بهادر صحافي نصرالله گڏائي کي قتل ڪيو ويو آهي اهو هڪ صحافي جو قتل نه پر هزارين مظلوم مسڪين ماڻھن جو قتل ٿيو آهي جڏھن هڪ صحافي هزارين ماڻھن جو ڀرجهلو ۽ آواز بڻجي ٿو ته ان جو قتل هزارين ماڻھن جو قتل محسوس ٿئي ٿو ۽ جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي مطلب ته اسين ملڪ کي آزاد ته آزاد سمجهون ٿا پر هتي هر اهو ماڻھون خوفزده آهي ۽ جيئڻ جو حق انهن کي آهي جيڪي ظلم ڏاڍ جي غلامي ڪن ٿا ۽ غريب مظلوم کي هروقت پنهنجي عزت پائمال ٿيڻَ سميت موت جو ڊپ رهي ٿو هتي جيڪوصحافي قلم وسيلي هن قوم جو محافظ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو انکي راهه تان هٽائڻ لاءِ ڪيترائي هٿڪنڊا استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ اتر سنڌ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو آهي، غريب مسڪين مظلوم ماڻھن لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويو آهي جتي صحافت ڪرڻَ سمجهھ زندگي تان هٿ کڻڻ جي برابر لڳي ٿو ڏاڍ ظلم جي ڪاري رات قائم ڪري قانون ۽ انصاف کي ايترو ته ڪمزور ڪيو ويو آهي جو ڪنهن به قلم ڌڻي جي جان محفوظ ناهي سنڌ ۾ صحافين جو وڏو وير سنڌ جي سرداري نظام سان آهي ۽ سرداري نظام کي سرڪاري مشينري جي حمايت حاصل آهي سردار ۽ سرڪار ٻئي صحافي دشمن پليٽ فارم آهن اهي هن وقت بلڪل گردش ۾ آهن جنهن ذريعي غريب عوام سان ظلم ۽ ويڌن وڌندو پيو وڃي ۽ صحافي نٿو چاهي ته ڪو مسڪين ڪنهن ظالم جي ظلم جو شڪار ٿئي سنڌ ۾ صحافي سردار ۽ سرڪار آمهون سامهون آهن اهو بلڪل سچ آهي ته ظالم ته فنا ٿيڻو آهي پر ظلم تاقيامت رهڻو آهي سو هي راند هن وقت خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺي آهي جنهن جو پهريون نشانو صحافي بڻجي ويا آهن اتر سنڌ ۾ صحافي دشمن پکڙيل هن رت جي راند بند ڪرڻ لاءِ قانون کي فوري طور قدم کڻڻ گهرجي

ھن وقت اتر سنڌَ ۾ جيڪا رت جي راند شروع ٿي وئي آهي انجو اهم سبب اهو ئي آهي ته اتي سرداري نظام لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جو ڀوائتو اثر سڄي معاشري مٿان حاوي ۽ مسلط ٿي ويو آهي پر اسانجي حڪومت قانون انصاف جي هٿن ۾ اهڙيون ته هٿڪڙيون لڳي چُڪيون آهن جو ڪرسين تي ويٺل ان قانون ۽ انصاف جو قلم صرف غريب مسڪين ماڻھن مٿان وهايو ٿو وڃي انهن جو اهو قلم ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف لکڻ نٿو چاهي

سنڌَ ۾ هن وقت جيڪا لاقانونيت قائم ٿي چُڪي آهي ان ۾ غريب جو سهارو صرف صحافي بڻيل آهن جيڪي سرڪار جي ظلم ڏاڍ خلاف سينو سانهيو بيٺا آهن انهن کي ڪابه پرواهه ڪانهي ته ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جي آواز بڻجڻَ تي جان جوکي ۾ وڃي سگهي ٿي جيڪڏھن سرڪار صحافين جو تحفظ ڪرڻ نٿي چاهي اهو ان ڪري ته سرڪار جي ناقص ۽ عوام دشمن پاليسين تان صحافين ته هروقت پردو پئي کنيو, ۽ سنڌ سرڪار هن وقت سرداري نظام جي قبضي ۾ اچي چُڪي آهي ، سردار پنهنجي علائقن جي غريب عوام مٿان پنهنجا قانون ۽ فيصلا مڙهي ڇڏيا ۽ ايتري تائين جو نٿا چاهين ته هنن جي قبيلن جا ماڻھون تعليم، يافته پڙھيل لکيل هجن ۽ سردارن جي اهڙن فيصلن جا به صحافي مخالف بڻيل آھن سو مقصد جي ڳالهھ اها آهي ته جيڪڏھن هن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ انهن کي هٿي ڏيندڙ هٿن جو هڪ صحافي ئي مخالف بڻيل آهي ۽ ڏوهه کي اڄ ڪلهھ وڏي عزت ۽ تعظيم ڏني وڃي پئي افسوس واري ڳالهھ اها چئي سگهجي ٿي آخر صحافين کي هن معاشري جو حقيقي دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي ڇو جو هو عوام مٿان ظلمن کي وائکو ڪري ٿو

هن وقت سنڌ ۾ صحافتي پيشي لاءِ ايترو ته خطرناڪ بڻجي وئي آهي جتي هر ڏينهن صحافين جي زندگين لاءِ خطرناڪ برقرار رهي ٿو اندازو لڳائي ڏسجي ته اتر سنڌَ ۾ جيڪي به صحافي شهيد ٿيا آهن انهن جو ڏوهه صرف ظالمن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ آهي افسوس جو هن وقت تائين ڪنهن به قلم ڌڻي جي ناحق خون سان عدالتي سطح کان انصاف ناهي ٿيو ائين انهن جا خون رائيگان ٿي ويا صحافي تنظيمن جي ذميواري آهي ته اهي صحافين سان ٿيندڙ ظلم.تي عالمي سطح تائين اهڙو پليٽ فارم جوڙين جنهن تان هو قانوني طريقي سان ڪيس وڙھي صحافين سان ٿيندڙ ظلمن کي بي نقاب ڪري سگهن جيئن ايندڙ وقت ۾ جان محمد مهر جهڙو جوڌو صحافي ظالمن جو نشانو نه بڻجي سگهي

پاڪستان ۾ گذريل چئن سالن دوران ملڪ اندر قتل ٿيل صحافين جا تفصيل هي آهن ته مجموعي طور تي ملڪ اندر 42 صحافي قتل ٿيا هئا، جن ۾ پنجاب صوبي 15، سنڌ صوبي ۾ 11، خيبر پختونخوا  ۾ 13، بلوچستان ۾ 3 صحافي قتل ڪيا ويا، پنجاب ۾ صحافين کي قتل ڪرڻ جي ڪيسن ۾ 26 جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جن مان 7 گرفتار ٿيا، 2 ضمانت تي آهن، 5 گرفتار ۽ انڊر ٽرائل آهن، 8 روپوش ۽ 3 پوليس مقابلن ۾ ماريا ويا، هڪ جوابدار کي ڪورٽ بري ڪري ڇڏيو هو، سنڌ صوبي ۾ قتل ٿيل 11 صحافين جي قتل ڪيسن ۾ 11 جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جن مان 4 گرفتار ٿيل آهن ۽ 7 انڊر ٽرائل آهن، سنڌ ۾ جن 11 صحافين کي قتل ڪيو ويو انهن ۾ عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي، علي شير راڄپر، مريد عباس، الياس وارثي، ذوالفقار علي مندراڻي، نور لنجواڻي، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ناظم جوکيو، مرتضيٰ شر، اطهر متين، اشتياق سوڍڙو شامل آهن، سنڌ ۾ قتل ٿيل 11 ئي صحافين جا قتل ڪيس هلندڙ آهن، ڪنهن به ڪيس ۾ جوابدار کي 4 سالن دوران سزا نه ملي سگهي آهي.

هن وقت تائين صحافين جي قتل ۾ اندروني سنڌ ڀوتارن جي خوف سبب سڪتي ۾ آهي نصرالله گڏاڻي جي قتل بعد سنڌ جي ٻن ڊويزنن لاڙڪاڻو ۽ سکر جا صحافي خوف ۾ ورتل آهن اسان کي پنهنجي قلم ڌڻين جي حفاظت لاءِ حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻو پوندو ۽ جان محمد سميت نصرالله جي قتل ۾ ملوث جاگيردارن کي گرفتار ڪرائي صحافين جي رت سان انصاف ڪراڻو پوندو نه ته هي ڀوتارن بدمست هاٿي جيان معاشري جي هر باشعور فرد کي ڌمڪائي يا موت جي منهن ۾ اڇلائي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهندا.

 

 

حڪمران جماعت جي صدارت وزير اعظم ميان شهباز شريف کان وٺي ميان نواز شريف جي حوالي ٿيڻ کي سٺو سئنوڻ قرار نه ٿوڏئي سگهجي. ڇاڪاڻ جو ميان نواز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ماضي جا تجربا ڪي گهڻا سٺا نه رهيا آهن. مسلم ليگ ن جي حڪومت هئڻ جي باوجود ميان نواز شريف طرفان حڪمران جماعت جي هن وقت صدارت پاڻ وٽ ڇڪي وٺڻ وارو معاملو ڪا عام ڳالهه معلوم نه ٿي رهي آهي. ممڪن آهي ته، ميان نواز شريف حڪومت جا سمورا اختيار ۽ فيصلا پاڻ ڪرڻ لڳي ۽ مخالف ڌر ۽ عدالتن جي معاملن ۾ وري ڪا نئين ڇڪتاڻ ۽ بحراني ڪيفيت شروع ٿي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.