يوم تڪبير ۽ آپريشن شڪتي

تحرير: امتياز عالم

سڀاڻي جڏهن ميان نواز شريف ٻيهر نواز ليگ جو صدر چونڊجي رھيو ھوندو، تڏهن هو پنهنجي وزارت اعظميٰ جي ٻئي دور حڪومت ۾ 28 مئي 1998ع تي ڪيل ايٽمي ڌماڪن (تجربن) جي حوالي سان 26هين يوم تڪبير جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندي،شايد سوچي رھيو ھوندو تھ ھن کي آخر ڇو ڪڍيو ويو ؟ ان وقت جي هندستاني وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي، جنهن پاڪستان کان ستر ڏينهن اڳ 11 مئي 1998ع تي پوکران-2 (يعني آپريشن شڪتي) جي ناتي سان پنهنجا ايٽمي ڌماڪا ڪري هندستان کي ڇهين ايٽمي طاقت بڻائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ھو ۽ اهو انڪري بھ ان تي ناز ڪري پئي سگهيو ته ايٽمي بٽڻ هندستاني وزيراعظم جي هٿ ۾ ھوندو آهي، جيتوڻيڪ هندستاني ايٽمي پروگرام جي شروعات هندستاني سائنسدان بهومي ڀاڀا  1984ع ۾ڪري ڇڏي ھئي ۽ واجپائي کان گهڻو اڳ وزير اعظم اندرا گانڌي جي پاڪ ھند جنگ ۾ بنگالي نار ۾ آمريڪي بحري ٻيڙي جي آمد ۽ سويت يونين جي پاران نيوڪليئر ھٿيارن سان ليس آبدورزن جي فراھمي جي تجربي مان گذرڻ بعد ان نتيجي تي پھتي ته چين جي 1964ع جي ايٽمي تجربن جيڪي 1986ع تائين جاري رھيا،جي جواب ۾ ھندستان پڻ ايٽمي طاقت بڻجي. ان ڪري ”مسڪرائيند ٻڌا“ يا مسڪرائيندڙ ڪرشنا جي نالي تي اندرا گانڌي 18 مئي 1974ع تي ايٽمي تجربا ڪري، هندستان کي ايٽمي هٿيارن سان ليس طاقت  جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان جي نيوڪليئر سپلائرز گروپ جو قيام  عمل ۾ آيو ۽ ايٽمي هٿيارن سان لاڳاپيل ٻيا معاهدا بھ سامھون آيا.

ھندستان  جي ايٽمي طاقت بڻجڻ تائين، قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي، جيڪو هڪ هزار سالن تائين هندستان سان جنگ جو داعي ھو، اھو ڪئين خاموش رھي پئي سگھيو ۽ ھن  1974ع ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ هندستان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ،هڪ وڏي اعليٰ ٽيم کي گڏ ڪيو،جنھن جي اڳواڻي منير احمد خان کي ڏني وئي.جنھن ۾ بعد ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جيڪو ميٽرلجيڪل انجنيئر ھو بھ شامل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ھو هالينڊ مان ائٽمي ڪورز جون ڊرائنگز چوري ڪري آنديون ھيون. حقيقت ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام ۾ چين جي هر قسم جي مدد پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.جيڪڏھن  ايٽمي طاقت بڻجڻ جو سھرو ڪنھن جي مٿي تھ  ٻڌجڻو آھي تھ  اهو ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو. جنهن کي ڦاھي تي ٽنگيو ويو  ۽ جنھن تي ھن جي شهادت کان پوءِ به ڪم جاري رهيو. سموريون تياريون مڪمل ھيون ۽ 1989ع ۾ پاڪ ھند ڇڪتاڻ دوران ايٽمي هٿيار سرگرم نظر آيا. جيئن ئي ھندستان  ڌماڪا ڪيا ته پاڪستان به سترھن  ڏينهن اندر جوابي ڌماڪا ڪري وڌا. نواز شريف جو رڳو  اهو اعزاز آهي ته هن آمريڪي دٻاءُ ۽ 5 ارب ڊالرن جي امداد کي رد ڪندي  ايٽمي تجربن جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ 1999ع ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ھاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا جو حقدار سمجھيو ويو. هندستان ۽ پاڪستان ان وقت دنيا جي غريب ملڪن ۾ شامل ھئا ۽ ٻنهي پاسن جي اڳواڻن ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري،ننڊي کنڊکي ھڪ خوفناڪ ايٽمي جنگ جي امڪان ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ان وقت تائين سوويت يونين ۽ آمريڪا ۾ خوفناڪ عالمي ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ جاري ھئي ۽ ٻنھي سپر پاورن  وچ ۾ سرد جنگ پنهنجي عروج تي هئي. پر انهن وچ ۾ ايٽمي هٿيارن جي حوالي سان ائٽمي ڊپلوميسي بھ هلي رهي هئي. ان دوران چين به ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو ۽ 1962ع ۾ ھندستان  ،چين جنگ ۾ ڀارت جي شڪست کان پوءِ ھندستان  به ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن ۾ بعد ۾ ھندستان  جي مقابلي ۾ پاڪستان پڻ ان ميدان ۾ ڪاھي پيو. جڏهن ننڊي کنڊ ۾ ايٽمي ڌماڪا ٿي رهيا هئا ته ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ کي روڪڻ وارا عنصر به انهن ڌماڪن خلاف ميدان ۾لٿا ھئا.

اسان پڻ ھڪ نان پروليفيريشن ڪوليشن ٺاهيو هو، پر اسان جو آواز ڄڻ  ريگستان ۾رڙ ھئي،جيڪو ڪنھن بھ ٻڌي.ننڊوکنڊ پنهنجي ائٽمي ھٿيارن جي ڊوڙ ۾ ڪاھي پيو، جنھن سان پاڙيسري ملڪ هندستان ۽ پاڪستان ۾ خوفناڪ علائقائي تڪرار شروع  ٿي ويا  ۽  اھي ٽي جنگيون به وڙهي چڪا ھئا. اُن وقت جيڪي سوال اٿيا ھيا، سي اڄ به موجود آھن.اھو تھ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ  جاري آهي ۽ ڌريون گڏيل تباھي جي صلاحيت وڌائڻ جي فڪر ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، نتيجي ۾دنيا ۽ برصغير ۾ اھا دور خوفناڪ انداز ۾ جاري آهي.اڃان تائين اهڙو ڪو به مڪينزم دريافت ناھي ٿيو جيڪو حادثاتي ائٽمي جنگ جو سئو سيڪڙو روڪي سگھي. ماحولياتي تباهي ايتري وڌي وئي آهي جو ڌرتيءَ انسانن جي ھٿان تباهي جي ڪناري تي آهي. اها خوشي تھ ايٽمي جنگ کٽي سگهجي ٿي هڪ خوفناڪ مذاق آهي. ايٽمي جنگ ۽ ان جي تابڪاري جا اثرڪنھن ھڪ علائقي تائين محدود نٿا رهن. هاڻي اهو هڪ منجھيل ميڙ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.روس ايٽمي هٿيارن ۾ آمريڪا کان اڳتي آهي ۽ چين آمريڪا سان مقابلي ۾ اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ھندستان  چين جي برابر  بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان ڪري پاڪستان به هندستان جي پويان  آهي. مان سمجهان ٿو ته ھندستان  چين سان ايٽمي مقابلي ۾ ٿڪجي پوندو ۽ پاڪستان ھندستان  سان مقابلي ۾ هارائي ويندو. جڏهن ايٽمي ڌماڪا ڪيا پئي ويا، تڏهن مون کي يقين ڏياريو ويو هو ته اهي ايٽمي ڌماڪا روايتي هٿيارن واري طاقت جي غير مساوي عدم توازن کي دور ڪرڻ لاءِ آھن انھن ايٽمي هٿيارن ۽  روايتي هٿيارن جي ڊوڙ گهٽجي ويندي ۽ جنگ جو خطرو ٽري ويندو. پر روايتي هٿيارن جي ڊوڙ  اڃان بھ جاري رهي ۽ ننڍيون وڏيون  سرحدي جنگيون، خاص طور تي پراڪسي وارز جاري آھن. هاڻي جڏهن برصغير ۾ گڏيل تباهيءَ جو توازن قائم ٿي چڪو آهي، تڏهن انهن هٿيارن جي خطرناڪ موجودگيءَ کان بچاءَ لاءِ ڪي مناسب ۽ حقيقي بندوبست ڪرڻ گهرجن. ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ انهن هٿيارن جي سلامتي ۽ حفاظت سان موجودگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. بدقسمتيءَ سان برصغير ۾ نه ته ايٽمي ڊپلوميسي جو ڪو رواج آهي ۽ نه ئي ڪا گڏيل نيوڪليائي ٻولي آھي. جڏهن ته روس ۽ آمريڪا ۾ دپلوميسي جا طور طريقا گهڻو اڳ طئي ٿي ڪيا ويا ھئا.

جيتوڻيڪ ھندستان   ائٽمي هٿيارن جي استعمال ۾ اڳرائي نه ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندو رهيو آهي پر پاڪستان کي ھندستان  تي گھڻو شڪ آهي. برصغير جون حالتون به انتهائي ڇڪتاڻ واريون آهن ۽ پاڪستان ۽ ھندستان  جا سفارتي لاڳاپا لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. ضروري آهي ته ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ جي مقابلي کي ڪنھن واضح جنگ جي روڪٿام لاءِ معاهدا ڪيا وڃن ۽ حادثاتي جنگ کي روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ننڊي کنڊ جا ماڻهو ايٽمي هٿيارن جي حفاظت هيٺ زندگي نه پيا گذارين. بلڪه ھر وقت ھڪ نيوڪليئر قيامت جو خطرو موجود آھي. ايٽمي هٿيار ماڻهن جي ڪھڙي حفاظت ڪندا. انهن هٿيارن جي حفاظت ھن وقت سڀ کان وڏو مٿي جو سور آهي، اها بنيادي ضرورت ۽ گھرج آهي ته راوئتي نيوڪليئر جنگ کان بچڻ جي لاءِ ھندستان  ۽ پاڪستان عدم جنگ جو معاھدو ڪن ۽ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ڏانھن  وڌن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.