ڀوتارڪو راڄ ۽ سنڌ جو ناز بڻجي ويل نصر الله گڏاڻي

تحرير: ذلفي چاچڙ

اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ناهي رهي ته سنڌ ۾  ڀوتارڪي نظام کي  مضبوط کان مضبوط تر ڇو بڻايو ويو آهي، ان جي پويان ڪهڙن طاقتور ماڻهن جو هٿ آهي، جيڪي سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويل ان ڀوتارڪي نظام کي ڪمزور ٿيڻ ئي نٿا ڏين.

ڀوتارڪو راڄ سنڌ کي جهالت جي  اونداهي مان نڪرڻ ئي نٿو ڏئي، جن ماڻهن پنهنجي شعور  جي لاٽ ٻاري قوم کي ان تاريڪي مان ڪڍڻ جي  ڪوشش ڪئي آهي ته ان کي نهايت ئي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، نه رڳو کين قتل ڪيو ويو پر سندن خون به لوڙهيا ويا، اڄ تائين ڪنهن به بي گناهه شخص جي قتل جي ڪنهن به جوابدار ( وڏيري يا سردار)  کي ڪا سزا ناهي آئي. ڇو ته ڀوتارڪو راڄ ئي ڀوتارڪي نظام جو بچاءُ ڪندو رهي ٿو. هڪ سردار کي بچائڻ لاءِ ٻيو سردار ميدان ۾ لهي پوي ٿو ته جيئن سنڌ ۾سندن سرداري سلطنت  قائم ڪري.

ڀوتارڪو راڄ سراسر سنڌ جي مفادن جي خلاف آهي، جنهن سنڌ کي ايترو نقصان پهچائي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي جو ايٽم بم ۾ تباهه ٿيل ملڪ ٻيهر آباد ٿي ترقي جون منزلون طئي ڪري چڪا آهن پر اها بدقسمت سنڌ ئي آهي، جيڪا معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود به ان جا رهواسي نه رڳو زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، پر اهي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهن ۽ سنڌ جا هزارين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.

سنڌ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ سنڌ جي ٻارن کي اسڪولن کان پري رکيو پيو وڃي، ته جيئن  ان سان سنڌ جي معاشي وسيلن جي جاري ڦرلٽ خلاف ڪو اٿي کڙو نه ٿئي، ان سلسلي ۾ ڀوتارڪي نظام کي مضبوط ڪري ان ذريعي پنهنجي حڪمت عملين ۽ منصوبن کي پايه تڪميل تائين پهچايو وڃي ٿو. سنڌ کي اڳتي،

ترقي طرف وٺي هلڻ لاءِ تعليم به ضروري آهي پر سڀ کان پهريان ڀوتارڪي راڄ جي خاتمي لاءِ سخت جدوجهد ڪرڻ جي تمام گهڻي گهرج آهي، جيڪا  بهرحال آسان ناهي ڇو ته ان جي پٺيان ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جو هٿ آهي،  جيڪي سنڌ کي سکيو، ستابو، خوشحال ۽ آزاد ڏسڻ نٿيون چاهين.سڀ کان وڏي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته وڏيرا ۽ سردار اسان تي صرف قبيلائي لحاظ کان حاوي ناهن پر اهي ته اسان کي حڪمراني پڻ ڪري رهيا آهن، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي قسمت کي بدقسمت ڪرڻ جو وٽن مڪمل اختيار آهي. جيڪي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي هڪ ئي گهر توڙي خاندان جا ست ست ڄڻا اعليٰ آفيسر بڻجي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي روين ۾ آفيسر نه پر وڏيرا ئي هوندا آهن،  سندن اهو عمل غريب ۽ هوشيار شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ته آهي ئي پر ان سان ڀوتارڪو راڄ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو،  ان لاءِ  جيستائين سنڌ ۾  ڀوتارڪو راڄ برقرار رهندو  تيستائين سنڌ اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي ،بربادي طرف ئي ڌڪندي رهندي.

ان ڳالهه جو احساس سنڌ جي بهادر پٽ شهيد صحافي  نصرالله گڏاڻي کي ٿي چڪو هو ته اسان جي اجتماعي بدحالي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ۽ ڀوتارڪي راڄ مان جند آجي ڪيئن ڪرائي سگهجي ٿي، ان لاءِ هُن ماڻهن جي دلين ۾ ويٺل وڏيرن جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ دهشت جي علامت بڻيل سردارن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ ادارن کي  وڏي بيباڪي ۽ بهادري سان للڪاريندو رهيو توڙي جو کيس ان ڳالهه جي پوري پڪ هئي ته مون کي ماريو ويندو، ڇو ته هن ان قسم جي خدشن جو  پنهنجي ڪيترن ئي ويڊيوز  ۾ ڪري چڪو هو، پر هن موت کان خوف کائي ڪانئر بڻجي جيئڻ جي بدران هڪ مضبوط ۽ طاقتور سسٽم سان وڙهندي جام شهادت پيتو ۽ سنڌ جي امر شهيدن ۾ وڃي شامل ٿيو. جن تي سنڌ کي سدائين فخر رهيو آهي ۽ انهن سان گڏ نصرالله به سنڌ جو ناز بڻجي ويو.

حقيقي معنيٰ ۾ نصرالله جي ناحق خون سان تڏهن انصاف ٿيندو جڏهن اسين سڀ ڀوتارڪي راڄ جي خلاف اٿي کڙا ٿينداسين ۽ ان جي تخليق ڪيل نعري کي ايترو ڦهلايو وڃي جو هرڳوٺ ۽ شهر ۾ ان ۾ گونج ٻڌڻ ۾ اچي. سنڌ کي ڪتي جي هوڙ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جو هر غيرتمند پٽ نصرالله گڏاڻي جيان سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي پوي..

 

حقيقي معنيٰ ۾ نصرالله جي ناحق خون سان تڏهن انصاف ٿيندو جڏهن اسين سڀ ڀوتارڪي راڄ جي خلاف اٿي کڙا ٿينداسين ۽ ان جي تخليق ڪيل نعري کي ايترو ڦهلايو وڃي جو هرڳوٺ ۽ شهر ۾ ان ۾ گونج ٻڌڻ ۾ اچي. سنڌ کي ڪتي جي هوڙ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جو هر غيرتمند پٽ نصرالله گڏاڻي جيان سندرا ٻڌي ميدان ۾ لهي پوي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.