ٽيڪس جا نظام ۽ بي قابو بڻيل مهانگائي

تحرير: رياض ابڙو 

مهانگائي ان صورت به گهٽ ڪري سگهجي ٿي ته سيلز ٽيڪس تي گهٽتائي ڪري رڳو انڪم ٽيڪس وڌائي ڇڏجي، ڇو ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ سان عام واهپي جون شيون سستيون ٿي سگهن ٿيون. وري ساڳو فارمولو ائين به آهي ته جي شين جي سيل (کپت) وڌندي ته فيڪٽرين جي هلت چلت گهڻي ٿيندي ۽ فيڪٽرين جا گهڻي هلڻ چلڻ سان ”جي ڊي پي“ ڀلي ٿيندي، روزگار جا موقعا گهڻا ٿيندا، ماڻهن جي خريد جي قوت وڌندي، عام ماڻهو خوشحال ٿيندو. پر سيلز ٽيڪس جي چڪر ۾ جيڪڏهن مهنگائي ڪبي ۽ سيلز ٽيڪس وڌائبي ته جيڪي به فيڪٽريون آهن جيڪي اڳي ئي ان بارَ ۾ ئي دٻيل ۽ پريشان آهن ته اهي حڪومتي قانوني لاهن چاڙهن کي ڏسن، ملڪي سيڪيورٽيءَ جي خراب صورتحال جي ڪري فيڪٽريءَ جي پيداوار جي گهٽتائي برداشت ڪن يا سرڪار جي بي مقصد ٽيڪس جي ڄارن ڪري، بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي واڌ جي ڪري ملازمن ۽ مزدورن جا بارَ هلڪا ڪن يا ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ ڪن يا مورڳو ئي فيڪٽريون ويڙهي کڻي هتان کان بنگلاديش هليا وڃن. ان ڪري ٻيا ملڪ يا سڀ ملڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪندا آهن اهي چاهيندا آهن ته انهن وٽ ائين سيڙپڪار وڌن ڇو ته اهي ملڪ سيڙپڪارن کي بجلي، ٽيڪس، گيس، سيڪيورٽي ۽ ايڪسپورٽنگ جون سڀ سهولتون مهيا ڪندا آهن، جنهن جي ڪري سيڙپڪارن جي لاءِ دلچسپي رهي ٿي ۽ اهي اتي فيڪٽريون شفٽ ڪري هليا ٿا وڃن.

سيلز ٽيڪس تي گھٽتائي معني شين جي سپلاءِ چين تي آساني ڪرڻ به آهي جنهن سان شين جي مهانگي ٿيڻ يا ڪرڻ جا چانسز گھٽجي سگهجن ٿا. پر جي سيلز ٽيڪس وڌائبي ته اهي سڀ ڪارخانا اڪڙ جي باھ مڪڙ مان ڪڍندا ۽ جيڪي به سيلز ٽيڪس جي ڪسر هوندي اها شيون مهانگيون ڪري پوري ڪري ويندا. پر ان جي ڀيٽ ۾ حڪومت کي جي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪرڻي به آهي ته اها انڪم ٽيڪس ڪليڪشن جا نظام سڌاري، ان ڪري جو سڀني سڌريل ملڪن جا نظام ٽيڪس ڪليشن تي آڌاريل آهن ۽ اهي ملڪ سيلز ٽيڪس گھٽ  يا مورڳو هڻندا ئي ناهن. پر اسان وٽ نظام ابتو آ جو سيلز ٽيڪس وڌائي ٿا ڇڏن جنهن جو سڌو سنئون بار عام ماڻهن تي ٿو پئي. ساڳي ڳالھه  يوٽلٽيز وارين شين جي باري ۾ به ڪري سگهجي ٿي ته پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گيس جي اگهن جي واڌاري جي ڪري عام ماڻهو اهو ڪندو ته اهو انهن جا نعم البدل تاڙيندو، جنهن ۾ اهو آهي ته جي پيٽرول مهانگو ٿيندو ته واهپو گهٽجي ويندو ۽ ماڻهو سفر کان پاسو ڪندا يا پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جي بجاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙيندا يا مورڳو سفر ڪندا ئي نه، جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ ماٺار ڇانئجي سگهي ٿي. مثال جيڪو ماڻهو گهر کان نڪرندو ته اهو ڪجھه  نه ڪجھه  خريد ضررو ڪندو، صفا نه ته پوءِ به پاڻي جي بوتل يا چانھه جو ڪوپ ته پيئي ئي پيئي، يا ٻيا ڪم الڳ جنهن سان مارڪيٽ ۾ چرپر ممڪن ٿي سگهي ٿي ۽ جنهن جو اثر معيشت تي سڌو سنئون پئي ٿو. ساڳي ڳالھه  ته گيس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ جي اضافو ٿيندو ته ان جي بدلي ماڻهو اهي شيون استعمال ۾ احتياط ڪندا يا گھٽ ڪندا. انهن شين جي گھٽتائي جي ڪري گذريل ڏهاڪي ۾ پيٽرول جي واهپي ۾ واضع لاٿ نظر آئي هئي جيڪا کڻي 80 واري ڏهاڪي کان به ٽيڻي ۽ چونئڻي آهي مثال 80 واري ڏهاڪي ۾ اها شرح 57 هزار بيرل روز جي هوندي هئي جيڪا 2021 تائين 199 هزار بيرل روز جي کپت سان وڌندي آئي، پر هاڻي اها گهٽبي ٿي رهي، جيڪا 56 ڪروڙ بيرل کان به مسلسل گھٽجندي رهي آهي. ان ڪري مهانگائي جي ڪري هر شيءِ جي واهپي ۾ گھٽتائي آئي آهي، جنهن جي لاءِ سرڪار اهي سڀ حرفتون مٽائي، نه ته ٻي صورت اهي سڀ بار عام ماڻهوءَ تي پوندا رهندا.

شهرن ۾ جيڪي به گاڏيون وهن ٿيون ان جي پارڪنگ چارجز ڊجيٽل هجڻ گهرجي يا منٿلي چارجنگ ڪارڊ هجڻ گهرجن. ان ڪري جو ڪو به جيڪڏهن پبلڪ پارڪنگ پليسز تي جي گاڏيون پارڪ ڪري ٿو ته عام ماڻهو (قانون لاڳو ڪندڙ) اهي پيسا وٺي پنهنجا ڀڀ ٿا ڀرن، يا جي ڪير ڪنهن اهڙي جاءِ تي گاڏي پارڪ ٿو ڪري ته ”ٽوَ لفٽر“پريشان ٿا ڪن ۽ اهي ڪنهن اهڙي جڳهھ تي گاڏي بيهارن ٿا جتي وڃڻ وري ڪنهن مشڪل کان گھٽ ناهي هوندو، ان ڪري جو اهڙي طريقي انهن جا ڌنڌا هلندا رهن ٿا، ان ڪري اهي ريزڪي ته ڪمائن ٿا پر حڪومت کي فائدو ناهي. يا جي عام ماڻهن کي اها خبر هجي ته ڪٿي به ڪا به گاڏي لفٽ نه ٿيندي ۽ جيڪي به گاڏيون آهن انهن جي گهر مان نڪرڻ جي وقت کان ئي پارڪنگ چارجز ڪٽجي ويندا ته اهي ماڻهن ذهني سڪون ۾ هوندا، انهن کي پڪ هوندي ته انهن جي اها پارڪنگ فيس گاڏي جي روڊ تي چڙهڻ سان ئي ڪٽجي ويندي، جنهن ۾ چِپِ ٽيڪنالاجي ڪارآمد ٿي سگهي ٿي، پوءِ اهي چارجز حڪومت جي بڪيٽ ۾ ڪرنديون ۽ اهي روز جون ڪمايون ۽ لٽ ڦر ۽ منٿليون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي کيسن ۾ نه وينديون، پر ان مان به جيڪڏهن حڪومت ڪمائي ته هوند ٻين يوٽلٽي جي بلن تان بار جهڪو ٿئي. اها ڳالھه  ايتري مشڪل ناهي، ان ڪري جو اها ٽيڪنالاجي لاهور جهڙن شهرن ۾ ڊجيٽل طريقي سان هلي ٿي ۽ اهي ادارا گاڏين کي ”پينلائيز“ به ڪن ٿا ۽ پيسا حڪومت جي کيسي ۾ پون ٿا. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي نظام به لاڳو آهن پر هتي موٽرويز ۽ عام روڊن رستن جا ۽ شهرن جي روڊ رستن جا قانون ۽ قاعدا ٻيا ٻيا آهن يا رياست جي اندر به ڪا رياست آهي. وري هتي ماڻهن کي قانون جو خوف ناهي پر ان قانون لاڳو ڪندڙ فرد جو خوف ضرور آهي ته اهي ورديءَ وارو شخص کيس ڦري فقير ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪي به ڏنڊ ڏوھ هوندا آهن اهي فقير پنهنجي کيسي ۾ وجهي رڳو اهو سمجهندا آهن ته مهانگائي رڳو انهن جي لاءِ آهي. ڪڏهن ڪڏهن گاڏيون روڪي رڳو اهو ضرور چوندا آهن ته سائين روز هتان لنگهيا ٿا وڃون ۽ سڃاڻو به ٿا اسان توهان تي ڪو ڏنڊ ڏوھ ناهي هنئيو ڪڏهن ائين به ڪو سَوَ جو نوٽ تري تي رکندا ڪيو، اسان به توهان جي خيال رکنداسين، ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان انهن سان رليشن بهتر ٿيندا ۽ اهي ان طريقي ئي سيفٽي ۽ سيڪيورٽي به فراهم ڪندا رهندا، ان ڪري 100 روپيا وڃي پئي کڏ ۾.

آبادي جي برابر شرح جي حساب سان اسان وٽ شين جي ورڇ ناهي. ائين چئون ته جيڪي به صنعتون آهن اهي آباديءَ جي ورڇ سان هلن ٿيون، جتي بجلي جي سامان جو دوڪان کلندو اتي سڀ بجليءَ جا دوڪان کلندا. هتي ٻاهرين ملڪن وانگي ناهي ته جتي به آئيس ڪريم جو دوڪان هوندو اتي وري ٻيو دوڪان هوندو ۽ ٻيو آئيس ڪريم جو دوڪان وري ڪجھه  مفاصلي تي هوندو يا جتي سيلون هوندي ته ان جي ڀرسان ٻي سيلون نه هوندي. ان ڪري ساڳي ساڳي دوڪان سان سيلز تي اثر ٿو پئي ۽ دوڪاندار ايترو نه ٿو ڪمائي جيترو کيس ڪمائڻ گهرجي.

اسان ته ان بحث ۾ به هياسين ته جيڪي به دوڪان آهن اهي انڪم ٽيڪس ڏين معني جيڪو به ڪمائن ان تي حڪومتي ادارا انهن کان انڪم ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪن. پر مصيبت اها به آهي ته جيڪي به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن، اهي پاڻ پنهنجو کيسو گرم ڪيون ويٺا آهن، ۽ جيڪي به روڊن جي انڪروچمينٽ آهي انهن ۾ سرڪاري عملدارن جو عمل دخل ضرور آهي. ان ڪري اها ڳالھه  چئي سگهجي ٿي ته عام ماڻهن کي جي اجازت ملي ته اهي جيڪي به روڊ رستا آهن، اهي سڀ انهن جي مِلڪَ آهن ته اهي سڀ روڊ رستا پهرين ڌڪ ۾ چانھه ۽ کاڌي پيتي جا دوڪانن سان ڀري ڇڏن ۽ جيڪي به پنجن ڦٽن جا دوڪان آهن اهي پنجاھ فٽ روڊ جا ولاري ويهي رهن ۽ باقي جيڪي وٿيون بچن انهن تي عبادتگاهون ٺاهي ڇڏن. ان ڪري ته ماڻهن ۾ هڪ خاص قسم جو ڪريز به آهي ته اهي پنهنجي مرضي هلائن ۽ جتي وڻين اتي گٽر جو پاڻي ڦٽي ڪن ۽ جتي وڻين اتي دوڪان جو سامان ويڪرو ڪري ڦهلائي رکن ته جيئن اهي رڳو ڪمائن ۽ سرڪار کي ڇڏي اهي سرڪاري عملدارن جا کيسا گرم ڪري ڇڏن ۽ جيڪو پڇين انهن کي رڳو نالو ٻڌائن ته اسان ڦلاڻي خان جا ماڻهو آهيون اهو اسان کان پيسا وٺندو آهي ۽ هي علائقو ان جو آهي، ان ڪري هتي ٻيهر ايندوَ ته اسان توهان جو نالو کڻنداسين، ان ڪري اهي پٽي ڀائي ان خيال ۾ هڪٻئي جو خيال رکندا ايندا آهن، پر سرڪار عام ماڻهن جو خيال نه ٿي رکي، جو اهي سڀ ٽيڪس جا نظام سڌا ڪري ته جيئن مهانگائيءَ تي قابو آڻي سگهجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.