يوڪرين جنگ جي پس منظر ۾ روسي جنرلز جون گرفتاريون

روس ۾ جڏهن ڪنهن اعليٰ دفاعي آفيسر جي گرفتاري کي هڪ دلچسپ پيش رفت سمجهيو وڃي ٿو، پر جيڪڏهن پنج سينيئر دفاعي شخصيتن کي هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ هٿڪڙيون ھڻي ديوارن پويان بند ڪيو وڃي تھ ان کي  ڇا سمجھجي ؟روس ۾ تازو فوجي شخصيت ليفٽيننٽ جنرل وڊام شماران کي قيد ڪيو ويو آهي، جيڪو روسي فوج جو ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف ۽ سينٽرل ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه پڻ هو.ليفٽيننٽ جنرل واڊم تي وڏي پئماني تي رشوت وٺڻ جو الزام آهي ۽ کيس ٻن مهينن تائين تحويل ۾رکيو ويو آهي.

ان جي فورن بعد خبر آئي ته وزارت دفاع ۾ هڪ اعليٰ آفيسر ولاديمير ورتيليتسڪي کي بھ تحويل ۾ ورتو ويو آھي، روس جي تحقيقاتي ڪميٽي موجب ھن تي الزام آھي تھ،ھن دفاعي آرڊر جي تڪميل ۾ پنھنجي عھدي جو غلط استعمال ڪيو.

گذريل ھڪ مهيني دروان روسي دفاعي شخصيتون جيڪي ڪرپشن جي الزامن سبب متاثر ٿي چڪيون آھن، انهن ۾ دفاع وارو نائب  وزير تيمور ايوانوف ۽ دفاع واري وزارت جو پرسنل ڊائريڪٽوريٽ جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل يوري ڪزنٽسوف شامل آهن.بچاءَ واري وزارت جي اعليٰ ترين عهدي ۾ پڻ  تبديلي عمل ۾ آندي وئي آهي.تازي فيصلي ۾، روسي صدر ولاديمير پوتن 12 سالن پراڻي دفاعي واري وزير سرگئي شوگيو کي پڻ تبديل ڪيو ھو ۽ ان جي جاءِ تي ھڪ

ٽيڪنوڪريٽ ماھر اقتصاديات کي مقرر ڪيو ويو ھو.ھن وقت ان فيصلي کي فوج جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ روس ۾ ڪرپشن خلاف جنگ جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.

سرگئي شوگيو کي روس جي سلامتي ڪائونسل ۾سيڪريٽري جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو ھو، جڏهن ته جنرل وڊام جو باس، وليري جيراسيموف، اڃا تائين روسي فوج جو چيف آف جنرل اسٽاف آهي.يوڪرين جي جنگ ۾ مصروف روسي فوج جي قيادت ۾ ٿيندڙ تبديليون ۽ گرفتاريون ملڪ جي فوجي قيادت لاءِ پريشان ڪندڙ آهن. هن سڄي معاملي ۾ هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه به آهي.ڇا توهان کي يوگيني پريگوزن جو نالو ياد آهي ؟

هڪ سال اڳ هٿياربند گروپ واگنر جي سربراه جي طور تي  هن عوامي سطح  تي روسي فوجي قيادت تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ھن اعليٰ فوجي آفيسرن مٿان نااھلي ۽ ڪرپشن جو الزام ھنيو ھو. هن چيو ھو ته يوڪرين ۾ اصل ناڪامي جا ذميوار اھي ئي آهن.يوگيني پريگوزن  جي ڪاوڙ خاص طور تي ٻن ماڻهن تي نڪتي ھئي،جنھن ۾سرگئي شوگيو ۽ والري جيراسيموف شامل ھئا، يوگيني مطالبو ڪيو ته انهن ماڻهن کي بدلي ڪيو وڃي.اهو معاملو عوامي جھڙپ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ پوءِ ويگنر بغاوت ڪري ڇڏي ھئي. ويگنر سان تعلق رکندڙ هٿياربندن ڏکڻ روس ۾ اهم فوجي تنصيبات تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ماسڪو ڏانهن وڌڻ شروع ڪيوھو.

پيوٽن لاءِ اهو هڪ غير معمولي چئلينج هو. بهرحال، ان بغاوت جو بنيادي مقصد پيوٽن نه هو، پر ملڪ جي فوجي قيادت جي تبديلي ھئي، اها ڪوشش ناڪام ٿي ۽ پيوٽن فوجي اڳواڻن جو ساٿ ڏنو ھو.ان جھيڙي ۾ يوگيني پريگوزن پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو هڪ هوائي حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺو.

بهرحال هڪ سال بعد ‘فوج ۾صفائي’ جو عمل  شروع ٿي چڪو  آهي ۽ ان مان اسان کي پيوٽن بابت ڪجهه پتو پئي ٿو.روسي صدر دٻاءُ هيٺ ڪو ڪم نٿو ڪري. جيڪڏهن کيس ڪنهن وزير يا آرمي جنرل کي هٽائڻ جو چيو وڃي ته هو فوري طور تي راضي نه ٿيندا آھن،ھنن کي اھو  پسند نھ  آھي تھ انھن کي ٻڌايو وڃي ته انھن کي ڇا ڪرڻو آھي؟پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهي ڪجهه به نه ڪندا. اھي ضرور ڪارروائي ڪندا پر ان لاءِ وقت جي  چونڊ اھي ئي ڪندا.ھن وقت اهو واضح ناهي ته روسي فوج ۾ اهو "صفائي جو عمل ” ڪيستائين  ويندو ۽ وڌيڪ ڪيترا اعلي فوجي آفيسر جيل ڀيڙا ٿيندا..

اڳوڻي ڪمانڊر ميجر جنرل ايوان پاپوف کي ھلندڙ هفتي دوکي جي شڪ ۾ تحويل ۾ ورتو ويو. گذريل سال هن اعلان ڪيو ھو ته هن کي يوڪرين ۾ محاذ تي مسئلن بابت شڪايت ڪرڻ تي عھدي تان هٽايو ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.