سرگوڌا ۾ مذھبي شدت پسندي:  بروقت ڪارروائي سان بچاءَ ٿي ويو

ھر شعبو جدا ھوندو آھي.سياست ھڪ جدا  کاتو آھي تھ وري مذھب ان کان الڳ شعبو آھي،ملڪ ۾ ھڪ ڌر پنھنجي سياسي مفاد جي لاءِ سياست ۽ مذھب کي گڏ ڪري ڇڏيو آھي،اھو سلسلو ڳچ عرصي کان جاري رھڻ جي ڪري ھاڻي ان جا سماج تي منفي اثر ظاھر ٿي رھيا آھن،عوام جي جذبات کي اڀاري ڪري مخالفن کي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش دوران ڪڏھن ڪڏھن تھ ماڻھن کي حياتيءَ تان ھٿ ڌوئڻا پئجي ٿا وڃن.

ڇنڇر ڏينھن صبح جو سوير پنجاب جي شھر سرگوڌا ۾ مجاھد ڪالوني ۾ مسيح برادري جي رھائش وارن گھرن ڀرسان ماڻھون گڏ ٿيڻ شروع ٿيا،چيو ٿو وڃي تھ جئين مختلف ھنڌن تي ”مقدس ورقن “ جمع ڪرڻ جي لاءِ ڪي دٻا لڳل ھوندا آھن اھڙي ئي ھڪڙي دٻئي ڀرسان ڪجهھ ورق سڙيل حالت ۾ پٽ تي پيل ھئا.جنھن مان شھرين اھو نتيجو ورتو تھ اھو ڪم ان جو ئي ٿي سگھي ٿو جنھن جي گھر ڀرسان اھي موجود آھن،جنھن بعد ڏسندي ئي ڏسندي مڇريل  ماڻهن توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل جوابدار جي گهر ۾داخل ٿي ستر سالن جي ھڪ پوڙھي شخص کي تشدد جو نشانو بڻايو،نھ رڳو ايترو پر گھر اندر موجود جوتن جي فئڪٽري کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ان گھر جي بجلي بھ بند ڪري ڇڏي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تشدد سبب زخمي شخص کي ھڪ ايمبولينس ذريعي اسپتال پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي،جنھن جي بھ مڇريل ماڻھن رستا روڪ ڪئي ھئي.

جنھن بعد پوليس ان کي رسڪيو ڪري ورتو، مڇريل ماڻهن پاران پٿراءُ ڪرڻ تي پوليس 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.ان دوران 10 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آھن.

سرگوڌا واري واقعي ۾ پوليس تڪڙي ڪارراوئي ڪري صورتحال تي ضابطو ڪري ھڪ انتھائي مثبت ڪم ڪيو آھي،جنھن سان يقينن قيمتي حياتيون بچي ويون آھن ۽ بروقت ڪارروائي سبب وڏي سانحي کان بچاءُ ٿي ويو.پنجاب صوبي جي سڌ سماءَ واري ڊائريڪٽر ٻڌايو ته سمورن عيسائين کي پوليس ۽ انتظامي ادارن مناسب طريقي سان ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان واقعي جي مذمت ڪندي مسيحي برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ چيو  ويو ته  ڳوٺ گل والا ۾ ڪاوڙيل ماڻهن جي هٿان عيسائي برادري جي زندگين کي وڏو خطرو آهي. پنجاب پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي امن امان بحال ڪرڻ گهرجي.

اسان سمجھون ٿا تھ اختيارين پاران جيڪڏھن بھتر حڪمت عملي سان ڪم ڪيو وڃي تھ اھڙي قسم جي مسئلن کي ڪافي حد تائين روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي،ساڳئي وقت حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن،توڙي ھر مڪتھ فڪر سان سلھاڙيل ماڻھن کي رڳو جذبات بدران ھوش ۽ عقل کان سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. يجئن اھڙن واقعن کان بچاءَ ممڪن ٿي سگھي.

  • سنڌ ۾ شديد گرمي کي قدرتيءَ آفت قرار ڏئي،

  • منھن ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي

  •   سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن مان اطلاع اچي رھيا آھن تھ ھلندڙ شديد گرمين جي ڪري گيسٽرو جي وبا پکڙجي وئي آھي.جنھن ڪري سوين ماڻھون ان ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ھلندڙ ھفتي سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ ھيٽ اسٽروڪ جو الرٽ جاري ٿيو ھو،جڏھن تھ موسميات کاتي وارن جو چوڻ آھي تھ ايندڙ ھفتي ڪراچي ڊويزن ۾ گرمي  جو درجو اڃان پڻ وڌڻ جو امڪان آھي.

    موسميات جي تجزيه نگار اويس حيدر جو چوڻ آهي ته اڱاري کان خميس تائين شهر جو گرمي پد وڌي سگهي ٿو.ان دوران گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جنهن سبب ڪراچي ۾ ايندڙ هفتو، سال جو گرم ترين هفتو ٿي سگهي ٿو.ٻئي طرف طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته اھي غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن،ٿڌو پاڻي واپرائين ۽ هلڪي قسم جو لباس پائين.

    ڪراچي ۾ جاري گرمي جي لھر شھر جي وڏين اسپتالن جناح اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ مجموعي طور تي روزانو 70 کان 80 گيسٽرو جا مريض اچي رھيا آھن،جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تھ مريضن جو انگ وڌي رھيو آھي.ٻئي پاسي خيرپور ضلعي مان آيل رپورٽس موجب سول ۽ سٽي اسپتالن ۾ پڻ روزانو ھڪ سئو کان وڌيڪ مريض اچي رھيا آھن جڏھن تھ خيرپور جي شھرين جو چوڻ آھي تھ اسپتال جي انتظاميھ کين مناسب دوا درمل نھ ڏئي رھي آھي بلڪھ اھي بھ شڪايتون آھن تھ انھن وٽ اسپتالن ۾ گھربل دوائون نھ آھن.

    عام طور تي ھر گرمي جي موسم ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ھڪ تھ پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آھي ٻيو تھ گيسٽرو جي ڪري پيٽ خراب ٿيڻ ۽ الٽين ٿيڻ جون شڪايتون اينديون رھن ٿيون،شديد گرمين ۾ رھندڙ ماڻھن جي لاءِ ھي مسئلو ڪو نئون نھ آھي،پر حڪومت ڪنھن بھ سطح تي اھڙو ڪو بندوبست نھ ڪيو آھي يا ان جي لاءِ اڳواٽ ڪا بھ رٿابندي نھ ڪندي آھي،جنھن سان بيماري جي اھڙي لھر کي روڪي سگھجي.

    ھن وقت سنڌ ۾ ھيٽ اسٽروڪ جو الرٽ جاري ٿيل آھي،ڪافي علائقن ۾ گرمين جي وڌڻ سبب اتي جي مڪاني ادارن ۽ سرندي وارن ماڻھن پاران ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيل آھي،ھو ھڪ بھتر قدم آھي.جنھن کي ساراھڻ گھرجي.ان صورت ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي تھ گھٽ ۾ گھٽ سول اسپتالن جي لاءِ بھ خاص ھدايتون جاري ڪري انھن جي موجودگيءَ ۽ گيسٽرو جي لاءِ گھربل دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي،جئين شھرين جي حياتيءَ کي بچائي سگھجي.اسان وٽ اھا روايت آھي تھ ڪنھن بھ قدرتي آفت جي صورت ۾ ڪو وڏو نقصان ٿيندو آھي تڏھن حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا متحرڪ ۽ سرگرم ٿي ويندا آھن،پر اڳواٽ ان جي لاءِ ڪنھن بھ قسم جي بندوبست جي حڪمت عملي نھ جوڙيندا آھن.

    پھرين تي انسان جي سھپ کان وڌيڪ گرمي کي قدرتيءَ آفت سمجھيو وڃي بلڪھ ان کي سرڪاري طور تي قدرتيءَ آفت قرار ڏيندي ان جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھنگامي بنيادن تي منھن ڏيڻ جي لاءِ نھ رڳو ھدايتون ڏنيون وڃن پر ان جي لاءِ گھربل رقم پڻ ڏني وڃي ۽گرمين ۾ گھاريندڙ انسانن جي حياتيءَ کي بچائڻ جي لاءِ نتيجن ڀريون ڪوششون ڪيون وڃن.

     

     

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.