ايوان زراعت سنڌ پاران ڪڻڪ درآمد ڪندڙ ڪردارن کي سخت سزا ڏيارڻ جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھ جي صدارت ھيٺ تنظيم جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو. جنھن ۾ وڊيو لنڪ وسيلي ڪراچي، نوابشاھ، ميرپورخاص، سانگھڙ،  نوشھروفيروز، بدين، سکر، گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن ڪڻڪ اسڪينڊل تي بحث ڪندي چيو ته نگران حڪومت ۾ ٻاھران ھڪ اندازي مطابق 34 لک 20 ھزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گھرائي وئي، جنھن ۾ ھڪ اندازي مطابق 534 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي ۽ مجموعي طور تي سڄي ملڪ جي آبادگارن کي 800 ارب رپين جو نقصان پھتو آھي. ھلندڙ سال گذريل 5 سالن جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگھه گھٽ سطح تي اچي ويو، آبادگارن کان ڪوبه ڪڻڪ خريد ڪرڻ وارو نه ھو. ان ڪري اھڙي مڪروھ ڌنڌي ۾ جيڪي به ماڻھو ملوث آھن. انھن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. ڇو ته اھڙي صورتحال سبب ايندڙ سال ڪڻڪ جي پوک تمام گھٽ ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آھي. اجلاس ۾ آبادگارن زراعت جي تباھي واري حالت تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته زرعي جنسن ڪڻڪ، سرنھن، سورج مکي سميت ٻين تيلي ٻجن سميت انبن جي ايڪسپورٽ نه ھجڻ سبب اگهھ 5 سال پھريان وارن اگھن تي ھيٺ اچي ويا آھن، جنھن ڪري آبادگارن کي منافعو ته پري جي ڳالھه پر پيداواري لاڳت به نٿي ملي. جڏھن ته آبادگار جيڪي شيون جھڙوڪ ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينري، زرعي دوائون ۽ ڊيزل خريد ڪن ٿا، انھن جا اگھه ڳاٽي ٽوڙ وڌي ويا آھن. اھڙي صورتحال مان لڳي ٿو ته ھڪ سازش تحت پاڪستان مان زراعت کي ختم ڪيو پيو وڃي، ان سان ملڪ جي ٻھراڙي جي 42 سيڪڙو عوام جي زندگين تي انتھائي منفي اثر پوندا. جنھن سان ٻھراڙين مان شھرن ڏانھن وڏي لڏپلاڻ ٿيڻ جو خدشو آھي. ان لاءِ حڪومت آبادگارن کي زرعي جنسن جا مناسب اگھ فراھم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. ايوان زراعت جي اجلاس ۾ آبادگارن زرعي انڪم ٽيڪس بابت ڳالھائيندي چيو ته آبادگارن جي مالي حالت غير مستحڪم آھي. ان ڪري اھو اھڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ جي قابل ئي ناھي. آبادگارن چيو ته سنڌ ۾ ڪپھه جو فصل تيارين جي مرحلي ۾ آھي، هنن چيو ته زراعت واري وزير واعدو ڪيو هو ته هو 10 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪندا، . ان ڪري وزير زراعت پنھنجي وعدي مطابق ڪپهھ جو اگهھ 11 ھزار رپيا في مڻ ڏياري ۽ ڪپهھ جي ٻاھران امپورٽ بند ڪئي وڃي. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج جي پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون اچي رھيون آھن. ھنن چيو ته بئراجن تي پاڻي جي ڪا به کوٽ ناھي. ھنن سيڪريٽري آبپاشي کان مطالبو ڪيو ته اھو فوري نوٽيس وٺي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.