ملڪ ۾ جمهوريت جي قيام لاءِ ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي: لال جروار

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي ڇهين ورسي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي  صدر لال جروار جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ورسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ملڪ تي غير جمهوري قوتن جو قبضو آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪڏھن به ملڪ ۾ جمهوري نظام ناهي آيو. ملڪ ۾ جمهوريت جي قيام لاءِ ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي، سمورين ترقي پسند قوتن کي گڏجڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ رسول بخش پليجي صاحب شاندار جدوجهد ڪئي. پليجي صاحب جي جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي.
17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.