عوام جي مسئلن جو ازالو ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندو؟

تحرير: سڪندر چنو

هن وقت ملڪ جو عوام معاشي مسئلن هيٺيان دٻيل آهي. پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ ته ترقي نه ڪري سگهيو آهي. پر عوام کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي. جيڪڏهن عوام کي زندگي گذارڻ لاءِ زرعي زمين وغيره نه هجي ها ۽ پاڪستان جي عوام کي دبئي جيان صرف ۽ صرف وارياسو علائقو هجي ها ۽ حڪمران اڻ سڌريل هجن ها ته مان سمجهان ٿو ته ملڪ جو نالو دنيا جي نقشي تان ختم ٿيل هجي ها. ڇاڪاڻ ته اڄ عوام گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ زراعت، ڀاڄيون ۽ ميوا اپائي گذر سفر ڪري ٿو. ملڪ ۾ اڪثريتي آباديءَ ملڪ جي حڪمرانن جي ڪوڙن واعدن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي محنت مزدوري ڪن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين عوام جي خوشحالي وارا خواب ساڀيان نه ٿي سگهيا آهن. هن وقت وزيراعظم شهباز شريف ڪشڪول کڻي دنيا جي اڪثر ملڪن جي درن تي بيٺل نظر اچي ٿو.

پاڪستان جي اشرافيا ۽ حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته ڪنهن به ملڪ جي آسودي ٿيڻ لاءِ ان جي قدرتي وسيلن جي مدد طلبگار هوندي آهي. پاڪستان وٽ گئس، پيٽرول، ڪوئلو، سون، ڪاپر، لوهه ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي. جيڪڏهن کوٽ آهي ته صرف ايماندار ۽ سچي حڪمران جي. پاڪستان ڪنهن عرب ملڪ وٽ هجي ها روس، چين وٽ هجي ها ته اڄ پاڪستان جي سر زمين شيشي تي ٺهيل هجي ها. پاڪستان جي معاشي منصوبابندي اڄ به پنجاهه سالن جي پراڻي ويزن تي هلي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بحران ڪر کنيون بيٺل آهي. معاشي ڍانچو مڪمل طور تباهه يا ناڪاره آهي. دنيا بدلجي ويئي آهي بلڪه تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. پاڪستان ۾ ڪاروباري ماڻهن کي مايوس ڪيو پيو وڃي. پاڪستان هڪ خودمختيار ايٽمي ملڪ آهي. پر ملڪ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي ڪانهي. ڪاروبار جي لحاظ کان بنگلاديش ڪاروباري شخصيتن کي 24 ڪلاڪ بجلي ميسر ڪري ڏيئي رهيو آهي. ڪيترائي ڪارخانا بنگلاديش شفٽ ٿي رهيا آهن. هڪ عالمي سازش سبب پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي.

پاڙيسري ملڪ افغانستان جا حڪمران طالبان پاڪستاني حڪمرانن جيان اعليٰ تعليم يافته به ناهن پر هن وقت افغانستان جيڪو هميشه سپر پاور ملڪن سان وڙهندي پنهنجا نسل تباهه ڪرايا آهن. ملڪ تباهه ڪيو آهي ۽ هڪ سپر پاور ملڪ کي راتو رات ملڪ مان ڀڄائي ڇڏيو. اهو اڄ پاڪستان کان وڌيڪ معاشي طور اڀري رهيو آهي. هن وقت افغانستان ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن. اهم ڳالهه ته افغانستان آئي ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ ڪونه ٿو هلائي. افغانستان وٽ پاڪستان جيان زراعت ناهي افغانستان ايران کان تيل، گئس ۽ بجلي وٺي عوام کي گهٽ قيمت ۾ ڏيئي رهيو آهي. پاڪستان آمريڪا کان خوف زده ٿيندي ايران کان 70 روپيا پيٽرول ليٽر، سستي بجلي ۽ گئس نه پيو وٺي. وڏي ڳالهه ته افغانستان جي ترقي جو راز ڪرپشن ۽ رشوت زيرو آهي. نئين آبادياتي نظام تحقيقي ۽ پيداواري صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو آهي. پر حڪومتن ۾ اجايو مداخلتن به معاشي مسئلا پيدا ڪيا آهن. پاڪستان جون مارڪيٽون دنيا جي مارڪيٽن سان مقابلو نه ٿيون ڪري سگهن. اسان جي ملڪ کي دنيا جون قوتون هلائي رهيون آهن. اسين صرف فون ڪال جا محتاج وڃي رهيا آهيون. پاڪستان کي هلائيندڙ جي سوچ ۽ نفسيات ايتري قدر ڪريل آهي جو آئي ايم ايف کان قرض وٺون ٿا ۽ ان مان به ڪرپشن ڪري حصو پتي ڪڍي دبئي ۾ ملڪيتون وٺن ٿا ۽ ڪاروبار ڪن ٿا. مطلب ته پاڪستان کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي پئسو ٻاهر کڻي وڃن ٿا. پر ڪير به ڪنهن کان پڇڻ وارو ناهي. ادارن ۾ ڇڙواڳي آهي. ڦرلٽ لڳي پئي آهي.

پاڪستان جي معيشت تيزي سان پوئتي وڃي رهي آهي. افغانستان پاڪستان کان معاشي طور اڳڀرو ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو مون کي الائجي ڇو لڳي ٿو ته هڪ ڏينهن پاڪستان افغانستان کان به قرض وٺڻ لاءِ ڪابل طالبان وٽ ڪشڪول کڻي ويندو.

جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ حڪمرانن لاءِ ٻڏڻ جو مقام هوندو. آزاد ڪشمير عوام کي 3 روپيه بجلي جو يونٽ ۽ پاڪستان جي عوام کي 70 روپيه يونٽ ڪمائي پاڪستان فائدو وري آزاد ڪشمير کي. پاڪستان جو عوام عذاب جي ور چڙهيل آهي. ان جو ازالو ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندو ان جو انتظار اسان سڀني کي هوندو. ان ڪري عوام جو توهان جي سياسي ۽ پنهنجي ذاتي مقصدن جي ويڙهه سان ڪوبه تعلق ناهي. عوام کي رليف کپي عوام کي سستي بجلي کپي، عوام کي سستو گئس کپي، عوام کي سستو اٽو، لٽو، اجهو گهرجي، عوام کي مهنگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ گهرجي،

عوام کي احساس محروميءَ مان ٻاهر ڪڍڻ گهرجي جيڪو عوام جو بنيادي حق آهي. لاڙڪاڻي جي ڪاروباري شخصيت محمد ذيشان شيخ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو داستان ٻڌائيندي چوي ٿو ته پاڪستان جي چئني صوبن سميت سنڌ صوبي ۾ هلندڙ ڪاروبار خاص ڪري لاڙڪاڻو ڊويزن سڀ کان متاثر ٿي آهي. موجوده موتمار گرميءَ ۾ بجلي جي بدترين بحران سبب روڊن ۽ رستن تي گرمين کان بيزار عوام نڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ان احتجاجن ۽ هڙتالن جو ڪنهن به ذميوار آفيسر نه نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وري ماڻهن کي آٿت ڏني وئي. آخرڪار سنڌ جو عوام ڪهڙي گناهه جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.