تاريخ هميشه انهن شخصيتن کي ياد ڪندي آهي جيڪي ڪنهن مقصد لاءِ جيئن ٿا ڇوته ٻين ڪاڻ جيئڻ ئي اصل زندگي آهي۔ اڄ منهنجي ڳوٺ واسي ثريا مخدوم جي وڇوڙي درٻيلي سميت سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي۔پاڻ عورت ٿي ڪري مردن جي معاشري ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو۔ سچ پچ ته ثريا مخدوم عورتن جي حقن، خودمختياري ۽ آزادي جو رول ماڊل هئي سندس شخصيت جا ڪيترائي پاسا هئا جن ۾ تعليم، سياست، سماجي ڀلائي، ادب سميت لنڊن جي ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۾ سندس نمائندگي وڏي اهميت جي حامل آهي۔ توڙي جو ڊڀري جو مخدوم خاندان عورتن جي پردي جي معاملي ۾ نهايت ئي سخت رهيو آهي پر تعليم جي معاملي ۾ مردن توڙي عورتن کي هڪ جيترو حق ڏنو آهي جنهن جو واضح ثبوت ثريا مخدوم خود آهي۔ پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگريزي ۾ ريگيولر پڙهي ڊگري وٺڻ کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائڻ وارو دور نهايت ئي شاندار رهيو۔ سندس ڪيترائي شاگرد توڙي شاگردياڻيون اڄ به کيس سهڻن لفظن سان ياد ڪن ٿا۔
ثريا مخدوم جي اندر ۾ پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو جذبو سمايل هو تنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني ميمبر بڻي جيڪا ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪانهي پاڻ ان پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا جن ۾ 2010ع واري مها ٻوڏ کانپوءِ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي قوم جي متاثر ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ ۽ کين ٻيهر پنهنجن علائقن ۾ آباد ڪرڻ واري جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ٻوڏ متاثرن لاءِ لنڊن مان تمام گهڻو سامان گڏ ڪيو جنهن ۾ راشن، روزمره جي استعمال جون شيون ۽ پئسا شامل هئا جيڪي گلشن حديد ۾ منظور ابڙو جي گهر ۾ رکرايائين ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ پيڪينگ ڪري مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن موڪليائين هر شهر ۾ ماڻهن سان سندس رابطا هئا جن تائين سامان بروقت پهچائڻ واري حڪمت عملي هرڪنهن کي حيران ڪري ٿي ڇڏيو ڇوته وٽس ايترا پئسا نه هئا جو نجي ٽرڪ يا مزدا ڪرائي انڪري بس جي ڇت تي رکي انهن خيرپور ناٿن شاهه، جيڪب آباد،ٺل ۽ ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ پنهنجي هٿن سان مستحق ماڻهن جي واهر ڪيائين۔ائين ڪووڊ19 دوران مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪرڻ وارو ڪم به ڪنهن کان وسرڻ جوڳو ناهي۔ ثريا مخدوم سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي ميمبر پڻ هئي۔اڄ به ان شاخ ۾ سندس ادبي خدمتن کي ساراهيو وڃي ٿو۔
ثريا مخدوم پنهنجي ذات ۾ هڪ متحرڪ ۽ اتساهيندڙ عورت هئي اڄ سندس وڇوڙو يقينن سنڌ ۽ سنڌين لاءِ نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي پر ڇا ڪجي جو خالق موت خلق ڪري مها شخصيتن کي پاڻ ڏانهن گهرائي وٺي ٿو ۽ مخلوق کي گهائي وجهي ٿو ڇوته موت ٽن قسمن جو ٿئي ٿو: ھڪ مخلص رشتي جو وڇوڙو، ٻيو جڏھن ڀروسو ٽٽي ۽ ٽيون فطري موت۔ سو ثريا مخدوم تي فطري موت واقع ٿيو جنهن هڪ وڏو خال ڇڏيو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو۔ موت ناهي مهڻو، هر ماڻھو کي مرڻو آهي پر موت ڪي ڪي اهڙا ماڻھو ماري ويندو آهي جنهن سان نه صرف ويڙها ويران ٿي ويندا آهن پر ڪيتريون دليون به اجڙي ويندي آهن ۔ هيءَ دنيا بيشڪ فاني آهي سدائين هن دنيا ۾ ڪنهن کي به رهڻو ناهي. آخر هيءَ جهان ڇڏي اڳئين جهان ڏانهن هلڻو آهي. پر جاکوڙي انسانن جو وڇوڙو ڏاڍو جيءَ جھوريندڙ هوندو آهي پر ويلس اسٽيون چيو ته "موت حُسن جي ماءُ آهي” جنهن ۾ وڇوڙي جي لذت، درد جو احساس، يادن جو گلدستو، وري ملڻ جي آس اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها ۽ خاموشيءَ جو جهان۔ واقعي هي سڀئي حسين ۽ خوبصورت آهن!۔
ثريا مخدوم سنڌ جي هڪ غير معمولي عورت هئي جنهن نياڻين کي اتساهه پئي بخشيو ته مردن سان مقابلي لاءِ جرئت پيدا ڪريو خوف ۽ خطري کان ٻاهر نڪرو۔ توهانجو ماضي شاندار آهي همت ڪري حال سنواريو ته مستقبل روشن ٿي ويندو۔ اهڙيون سهڻيون صلاحون اڄ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي وئي پر مونکي يقين آهي ته ان مٽيءَ جي خوشبوءَ نه صرف درٻيلو پر پوري سنڌ کي واسيندي رهندي ۽ هوءَ ڪڏهن به مرڻي ڪانهي۔ هوءَ پنهنجي ڪردار ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندي۔