ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران

تحرير: تاج مري

ملڪ جنهن سياسي غير يقيني جي  ورچڙهي ويو آهي اهو ڪو نئون ڪونهي ان جون پاڙون مني صدي تائين پکڙيل آهن پر هاڻوڪو بحران ڪجھه  مختلف  آهي  ۔تاريخ تي نظر ڊوڙايون ٿا ته جسٽس منير کان وٺي جسٽس ثاقب ۽ جسٽس بنديال تائين عدليه  ۽ اسٽيبلشمنٽ جو اتحاد  اڃا جي اهو چئون ته جج صاحب اسٽبلشمنٽ جي اشاري تي هلندا رهيا آهن تازو جسٽس شوڪت عزيز صديق جو ئي مثال وٺو هن جڏهن  اهو چيو ته   ايجنسيون عدالتي فيصلا دٻاءُ تحت ڪرائين ٿيو ته ان جج کي برطرف ڪيو رڪارڊ  جو ٻيو پاسو وڄڻ لڳو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر ڪياني شاعر احمد فرد کي کنڀي گم ڪرڻ واري مسئلي تي آءِ ايس آءِ  جي سرگرمين تي نه رڳو سخت جملا چيا پر سوال اٿاريو ڳجهن ادارن جو ڪم ڇو لڪل آهي ڇونه کين پوليس  وانگر کليو ڪم ڪرڻ لاءِ  پابند بڻايو وڃي نه رڳو آءِ ايس آءِ  ايم آءِ ۽ آءِ بي کي به جي آفيسرن کي به عدالت حاضر  ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڳجهن ادارن جي  احتساب  بابت به سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن پوليس ۽ ٻين ادارن جو احتساب ٿئي ٿو ته پوءِ  ڳجهن ادارن جو احتساب ڇو نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن تي چيڪ اينڊ بيلينس ڇو ناهي هن گم ڪيل ماڻهن جي مسئلي تي لارجر بينچ جوڙڻ لاءِ  هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سفارش ڪرڻ جو پڻ چيو جسٽس محسن اختر اهو پڻ چيو ته هو اهڙو فيصلو ڏيندو جيڪو قانون جي حيثيت اختيار ڪندو،سوال اهو آهي ڇا عدالتون قانون ٺاهي سگهن ٿيون ان دور جڏهن  جسٽس فائز عيسيٰ  اهو چوي ته قانون سازي عدالتن جو نه پر پارليامنٽ جو ڪم آهي  بهرحال مسنگ پرسن جو مسئلو اهم  آهي سوال اهو پڻ آهي ڇا ڪورٽون بلوچستان جي هزارين کنڀي گم ڪيلن ۽ سنڌ بلوچستان جي ڪيترن ئي کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي ماري سندن لاش ڦٽا ڪيا ويا انهن جو به حساب ٿيندو  يارڳو ڌاٻا ۽ دڙڪا ڏئي خاموشي اختيار ڪئي ويندي تاريخ ٻڌائي ٿي ته انصاف به سليڪيٽيڊ ٿيندو آهي۔ اهو سڄو جڊيشل ايڪٽول ازم ڇهن ججن جي خط کان پوءِ  شروع ٿيو آهي۔ بظاهر ايئن لڳي پيو ته خفيا ادارن ۽ عدليه جي اندر جي ويڙهه آهي

 گذريل ڪجھه  عرصي کان عدليه ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ڇڪتاڻ جاري آهي هاڻ ته  پارليامنٽ به انهيءَ  ڇڪتاڻ ۾ ٽپي پئي آهي، قياس آرايون ڪيون پيون وڃن ته مارشل لا يا ايمرجنسي نه لڳي وڃي تازي ڇڪتاڻ ان وقت پيدا ٿي جڏهن ٦ ججن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي ان کي ميڊيا ۾ليڪ ڪري ڇڏيو۔جنهن ۾ اسٽيبلشمنٽ پاران مداخلت جو الزام لڳايو ويو جيتوڻيڪ  انهن ججن جسٽس صديقي جو ساٿ نه ڏنو هو۔ تازو هڪ شاعر  احمد فراد جي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ ڳجهن ايجنسي آءِ ايس آءِ جي اسلام آباد جي سيڪٽر ڪمانڊر ، ايم آءِ ۽ آءِ بي  جي ذميدارن  کي ڪورٽ ۾گهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ انهن خلاف  سخت ريمارڪس پاس ڪيا  ويا ان تي سينيٽر  فيصل واوڊا ۽ايم ڪيو ايم جي  مصطفيٰ ڪمال انهن ججن خلاف سخت جملا استعمال  ڪيا جنهن تي انهن ٻنهي پارليامنٽرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  انهن خلاف نوٽس جاري ڪيا ويا هوڏانهن وري سينٽ ۾ فيصل واوڊا سميت کوڙ سارن سينيٽرن ڪجھه ججن خلاف مختلف الزام لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ به قراردادو جمع ٿي ويون ۔

تاريخ تي نظر ڊوڙائڻ سان خبر پئي ٿي عدليا ۽ اسٽيبلشمنٽ جو ڳانڍاپو جسٽس منير کان وٺي جسٽس  ثاقب نثار ۽ جسٽس بنديال تائين رهيو آهي  هوئن ته پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي هيل تائين سڌي يا اڻ سڌي طرح  فوجي حڪمراني ڪندا رهيا آهن پر سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي پاڪستان جو عوام فوجي آمرن خلاف جدوجهد جاري رکيو اچي پاڪستان پهريون  مسنگ پرسنز ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ حسن ناصر هو ۽ اهڙي طرح 1980ع ۾ نذير عباسي شهيد  ۽ سندس ساٿين کي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ پوءِ  ڪامريڊ نذير عباسي کي اذيتون ڏئي شهيد ڪري کيس لاوارثن جيان دفن ڪيو ويو ڇا عدلتون انهن مڙني قتلن  ۽ اذيتن جو به حساب  ڪنديون۔

 1970 ع ۾ اسٽيبلشمنٽ کي عوامي تحريڪن اڳيان جهڪڻو پيو ون يونٽ ختم ڪري سنڌ،پنجاب،بلوچستان  ۽پختون خواھ اڳوڻو صوبو سرحد جي صوبائي  حيثيت بحال ڪئي وئي ۽  بالغ راءِ تحت چونڊون ڪرايون ويون پر جڏهن عوام جو فيصلو  اسٽيبلشمنٽ خلاف آيو ته ان فيصلي کي مڃڻ بجاءِ بنگالين خلاف فوجي آپريشن ڪري بنگال کي ڌڪي  ملڪ کان ڌار ڪيو جنرل  ايوب ۽ يحيا خان جي مارشل لا کان پوءِ  ضيا ۽ مشرف جي مارشلائن کي عدالتن نه رڳو تحفظ ڏنو پرفوجي آمرن  کي آئين ۾ ترميم جو به  اختيار ڏئي ڇڏيو جيڪو سندن اختيار ئي نه هو  مطلب عدالتن  فوجي آمرن جي اشاري تي  هلندي ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي  قتل ڪيو ، اهڙي طرح بينظير ڀٽو ،نواز شريف  سميت هزارين سياسي اڳواڻن کي قيد بند ڦاسين ۽ ڦٽڪن جون سزائون ڏنيون ويون سياسي قيادت جي ڪمپرومائيز سبب فوجي قيادت کي حڪومتون ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف  ان راندکي  ڦٽو ڪري سي او ڊي جو جي ڊرافٽ تي صحيون  ڪيو ته ان جو لاڀ اهو مليو ته ارڙهين ترميم پاس ٿي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجي آمر جنرل مشرف کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي ۔

اسٽيبلشمنٽ وري پنهنجو نئون گهوڙو عمران خان  جي صورت به آڻي ٻيهر پارليامنٽ جا پير اکيڙي اسٽبلشمنٽ کي سگهارو ڪيو، پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي بحران جو اصل ڪارڻ سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي  جيستائين  سيڪيورٽي اسٽيٽ رهندي اهڙا بحران  ايندا رهندا  اهڙا بحران  ملڪ ۾ عوامي انقلاب  جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا ان سگهاري ترقي پسند پارٽي  جي ضرورت آهي  جيڪا اڻ لڀ آهي ۔  ترقي پسند جمهوري قوتن تي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته  ان ڪوڙي نظام کي ڊراهي عوام جي فلاحي جمهوري رياست قائم  ڪجي ،ٻئي صورت ۾ ملڪ مسلسل انهن بحرانن جو شڪار ٿيندو رهندو ۔

 نواز ليگ ،پيپلز پارٽي  ۽ پي ٽي آءِ سميت اسٽيسڪو جون پارٽيون اها صلاحيت نٿيون رکن هاڻ وقت جي ضرورت  آهي ته ملڪ جون ترقي پسند جمهوري پارٽين کي  گروھ بندي مان نڪري سگهاري متبادل قوت بنائڻي پوندي جيئن ملڪ کي سيڪيورٽي اسٽيٽ مان تبديل ڪري حقيقي عوامي جمهوري رياست لاءِ  جدوجهد ڪرڻ لاءِ  ترقي پسند جمهوري قوتن جي گڏيل پليٽ فارم قائم ڪرڻو پوندو اهڙيون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن پر اڃا تائين اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي آهي

اسٽيبلشمنٽ وري پنهنجو نئون گهوڙو عمران خان  جي صورت به آڻي ٻيهر پارليامنٽ جا پير اکيڙي اسٽبلشمنٽ کي سگهارو ڪيو، پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي بحران جو اصل ڪارڻ سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي  جيستائين  سيڪيورٽي اسٽيٽ رهندي اهڙا بحران  ايندا رهندا  اهڙا بحران  ملڪ ۾ عوامي انقلاب  جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا ان سگهاري ترقي پسند پارٽي  جي ضرورت آهي  جيڪا اڻ لڀ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.