ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن خلاف وڌندڙ غنڊا گردي جو ڪير نوٽيس وٺندو؟

رپورٽون آهن ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ صوفي ڪينٽين تي چانهه پيئندڙ سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻي تي هڪ دهشتگرد ٽولي بنا جواز مٿن تشدد ڪيو ۽ پيرن ۾ پستول جا سڌا فائر ڪري خوف ۽ هراس پکڙيو. تفصيل ڪجهه هن ريت آهن جيڪي هڪ شاگردياڻيءَ ميڊيا تي ٻڌايا آهن ته هڪ لساني ٽولو هڪ شاگردياڻي کي هراسان ڪري رهيو هو ته اتي ويٺل سنڌي شاگردن مزاحمت ڪئي. جنهن کانپوءِ سنڌي ڊپارٽمينٽ جا اهي شاگرد يونيورسٽي جي صوفي ڪينٽين تي ماني کائي رهيا هيا ته هڪ لساني تنظيم جي شاگردن جن وٽ لوهيون شيخون ۽ هٿيار هيا تن هٿيار ڏيکاريندي اچي پڇيو ته ٻڌايو ته ڪهڙي شاگرد کي مارڻو آهي، پوءِ انهن شاگرد کان تنظيم سان وابستگي جو سوال پڇيو جنهن تي هن ٻڌايو ته هو اڻ ڌريو آهي. ان باوجود ان دهشتگرد ٽولي مٿن تشدد شروع ڪيو. ان موقعي تي اتي ويٺل شاگردياڻيءَ همت ڪئي ۽ تشدد ٿيندڙ شاگرد کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس به تشدد ڪيو ويو. ان شاگردياڻي موجب بعد ۾ پي ايس ايف وارا اچي ويا جنهن سبب اهي مارجي وڃڻ کان بچي ويا. ان معاملي جو سندس چوڻ موجب رينجرز کي اطلاع ڏنو ويو جيڪي سندس بيان موجب هڪ ته اڌ ڪلاڪ جي دير کان پوءِ آيا پر بجاءِ ان جي ته رينجرز وارا ان دهشتگرد ٽولي خلاف ڪارروائي ڪن الٽو فريادي کي ڳچي کان جهلي وين ۾ ويهاري وٺي وڃي رهيا هيا ته ان شاگردياڻيءَ موقعي تي احتجاج ڪيو ته ڏوهاري اتي ڇٽا رهندو اسان جي خلاف سختي، جن تي تشدد ٿيو آهي پوءِ اها شاگردياڻي به شاگردن سان گڏ رينجرز جي وين ۾ ويهڻ لڳي ته پوءِ رينجرز وارن سمجهيو ته شاگردياڻي گڏ هلندي ته معاملو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو پوءِ رينجرز انهن شاگردن کي گاڏيءَ مان اهو چئي لاٿو ته پوليس وٽ بيان لکرايو اهي ڪيس داخل ڪندا.

بعد ۾ رپورٽن موجب سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون مبينا ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پهتا پر پوليس ڪيس داخل کان انڪار پئي ڪيو. جنهن تي احتجاج ڪندي يونيورسٽي جي شاگردن ابوالحسن اصفحاني روڊ تي ڌرڻو ڏنو جنهن سان ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي. تيستائين شاگردياڻي جي اپيل تي ڪيترائي سنڌي شاگرد ۽ ميڊيا جا نمائندا اتي پهچي ويا ۽ آخرڪار ٿاڻي وارا سنڌي شاگردن جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي مجبور ٿيا. شاگرد عامر حسين جي فرياد تي 6 نامزد جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن پوليس ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته فائرنگ ۽ تشدد ڪندڙ نوجوان به يونيورسٽي جا شاگرد آهن جن جي ڳولها شروع ڪئي وئي آهي.

جيتوڻيڪ اسان شاگرد سياست ۽ شاگرد تنظيمن جا وڏا حامي رهيا آهيون پر ان جا به قائل رهيا آهيون ته ڪير به تنقيد ۽ احتساب کان مٿانهون ناهي. شاگرد سياست يا شاگرد تنظيمن جي حمايت جو مطلب اهو به ناهي ته سياسي تنظيمن کي تعليمي ادارن ۾ بدمعاشين ۽ غنڊا گردي جي به اجازت ڏجي. اسان تعليمي ادارن ۾ هر قسم جي نفرت انگيز، پرتشدد، غنڊه گرد ۽ دهشتگرد سياست جا مخالف رهيا آهيون.

اسان اهو به هميشه کان محسوس ڪندا رهيا آهيون ته ڪراچي جي تعليمي ادارن خاص ڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن ڏانهن تنگ نظري ۽ تعصب جو رويو رکيو ويو آهي ۽ سندن خلاف بدمعاشي ۽ غنڊا گردي جا واقعا اڪثر ٿيندا رهيا آهن جيئن هيءُ تشدد ۽ غنڊا گردي جو واقعو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي پر پاڻ کي حيرت ٿيندي آهي ته يونيورسٽي انتظاميا اهڙن غنڊا گردي ۽ تشدد وارن واقعن جو ڪو تڪڙو ۽ سخت ردعمل ناهي ڏيکاريندي. جيئن هن واقعي جو يونيورسٽي سطح تي ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو جيڪو وٺڻ گهرجي.

هن واقعي جو بنياد هڪ نوجوان جو هڪ ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ هو جنهن کي روڪڻ تي اهو نوجوان پنهنجن ساٿي غنڊن کي هٿيارن سان وٺي آيو ۽ ان شاگرد کي مارڻ پئي چاهيو جنهن ڇوڪري کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ پئي چاهيو. بجاءِ ان جي ته اهو نوجوان غير اخلاقي حرڪت تي لڄي ٿئي ها الٽو بدمعاشي ڪرڻ لڳو ته کيس ڇو روڪيو ويو. ڇا يونيورسٽي جي انتظاميا جو پنهنجو اهو انتظامي فرض ناهي ته اها پنهنجي شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ ماحول کان بچائي ۽ شاگردياڻين کي يونيورسٽي ۾ صاف سٿرو ماحول مُهيا ڪري. سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي به ان ڳالهه ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ته انهن مان هڪ سنڌي شاگرد ڇو شاگردياڻي کي هراسان ڪندڙ نوجوان خلاف مزاحمت ڪئي ۽ ان کي جهليو. مٿان وري رينجرز اهلڪارن جو وري انصاف ڏسو ته خود متاثرن ۽ فريادين کي کنڀيو پيا وڃن. بجاءِ ان جي ته سُڪون سان متاثرن جي ڳالهه ٻڌن ۽ سمجهن ها.

اهڙا واقعا عام طور تي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ خاص ڪري سنڌي شاگردن سان ٿيندا رهندا آهن جنهن جو ڪارڻ تعصب ۽ تنگ نظري آهي.اهڙي تعصب، تنگ نظري ۽ نفرت جي ڪنهن کي به اجازت نه هئڻ گهرجي. سڀني ٻولين ڳالهائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي ماحول ملڻ گهرجي ۽ زيادتي، بدمعاشي يا ڏاڍائي ڪهڙي به شاگرد تنظيم ڪري ان خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ان شاگرد تنظيم جا شاگرد ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن يا اها تنظيم ڪيترو اثر رسوخ رکندڙ آهي انتظاميا کي صاف شفاف ميرٽ تي انصاف پٽاندڙ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو انتظام يقيني بڻائي جنهن ۾ سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم پرائڻ جو صحتمند ۽ تخليقي ماحول ملي سگهي.

سو اسان جي تجويز هوندي ته تعليمي ادارن ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ اهڙو احتسابي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڻ اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي انکي تعليمي ادارن اندر ئي اڪلائي ڇڏي. انتظاميا پاڻ ئي غنڊا گردي، دهشتگردي، جهيڙن فسادن ۾ ملوث شاگردن خلاف صاف شفاف، لسانيات ۽ تعصب کان مٿانهون نج انتظامي ڪارروائي ڪري. جيئن شاگرد تعليمي ادارن کان ٻاهر پوليس ۽ رينجرز جي عتاب جو شڪار نه ٿين. ان تجويز ڪيل احتسابي يونٽ جو واحد مقصد صاف شفاف ماحول پيدا ڪرڻ هجي نه ڪي شاگرد تنظيمن تي بندش وجهڻ يا انتقامي ڪاررواين جو بک بڻائڻ هجي پر ان جو مقصد صرف ۽ صرف غنڊا گردين، بدمعاشين، پرتشدد واقعن کي روڪڻ هجي. ان حوالي سان اسان جو خيال آهي ته سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻي سان ٿيل تشدد واري واقعي جو خود ڪراچي يونيورسٽي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ميرٽ تي جائزو وٺي اهڙن واقعن جي روڪٿام جو ڪو انتظام ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.