سنڌ جي خوبصورت تفريحي ماڳ ، گورک هل اسٽيشن گهمڻ لاءِ اهم ڄاڻ

تحرير: امين جويو

گورک هل اسٽيشن سنڌ جو اهڙو ته حسين ۽ خوبصورت تفريحي ماڳ آهي ، جنهن جو مثال سموري سنڌ ۾ ڪونهي ! ماڻهو ته گورک کي ؛ سنڌ جو ڪوهه مري سڏيندا آهن . گورک هڪ جابلو چوٽيءَ جو نالو آهي ، جيڪا کيرٿر جابلو سلسلي ۾ موجود آهي ، هن مختصر مضمون ۾ آئون گورک هِل اسٽيشن گهمڻ جو شوق رکندڙ سياحن جي لاءِ اهم ۽ ڪارائتي ڄاڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان سان گڏ آخر ۾ گورک هل اسٽيشن جي بهتريءَ لاءِ چند صلاحون پڻ ڏيندس.

  1. گورک هل اسٽيشن دادو ضلعي کان چورانوي ڪلوميٽر اولاهين پاسي موجود آهي ۽ هن جومفاصلو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو ڪلوميٽر آهي.
  2. گورک هِل اسٽيشن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 5866 فوٽ مٿي آهي ، ان ڪري هتي سخت گرمي وارن مهينن ۾ به سردي واري ماحول هوندو آهي ۽ گرمي پد 20 کان 25 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ هوندو آهي .
  3. برف باري ڏسڻ جا شوقين سياح ڊسمبر کان فيبروري جي وچ ۾ گورک جو رخ ڪندا ته کين ، برف باري جو نظارو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ويندو.
  4. گورک گهمڻ جو چاهه رکندڙن کي گهرجي ته جيڪڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچڻ چاهين ته اهي هڪ مضبوط جيپ ۾ اچن ، جن وٽ جيپ نه هوندي تن کي پنهنجي گاڏي ” واهي پانڌي“ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾ بيهارڻي پوندي ۽ اتان ( فور باءِ فور / جيپ ) ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي ، جيڪا اٺن ، اٺن ماڻهن جي گروپ کي مٿي          ( گورک چوٽيءَ ) تي کڻي ويندي.
  5. گورک چوٽيءَ ڏانهن ويندڙ روڊ هاڻ نئين سنئين ٺهي رهيو آهي ، تنهن ڪري سياحن کي اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو . ڇو ته هاڻ تمام بهترين قسم جو روڊ تيار ٿي رهيو آهي.
  6. گورک هِل اسٽيشن تي هاڻ ، بهترين قسم جو هوٽل ۽ هٽس ( جديد ڪمرا ) ٺهي راس ٿي چڪا آهن ، جيڪي صاف سٿرا ۽ هوادار آهن.
  7. گورک هل اسٽيشن تي هاڻي کاڌي پيتي جو بهترين بندوبست پڻ موجود آهي ۽ هاڻ ته اتي موبائيل نيٽ ورڪ به آهي . ( نوٽ ؛ پهريان اهي ٻئي سهولتون موجود ڪو نه هيون)
  8. فطرت پسند ماڻهن ، يو ٽيوبرس ، وِي لاگرس ، وڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو شوق رکندڙن ، ڊرامن يا فلمن جي ريڪارڊنگ ڪرڻ وارن لاءِ گورک هِل اسٽيشن هڪ اهڙو حسين ۽ خوبصورت ماڳ آهي ، جنهن جو نعم البدل ٻئي هنڌ پوري سنڌ ۾ ڪٿي به ڪونهي !
  9. سڀني کان اهم ڳالهه ته اها آهي جو ، جڏهن سنڌ ۾ ڪوهه مريءَ کان به وڌيڪ خوبصورت ماڳ موجود آهي ، ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري ڪوهه مري ڇو وڃن ؟ ڇاڪاڻ ته گورک هل اسٽيشن تي اوهان فقط پندرهن کان ويهن هزارن اندر ئي گهمي ڦري ، کائي پي ۽ هڪ رات رهي واپس به اچي ويندا.

اهم صلاحُون

  1. سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن کي گهرجي ته گورک هِل اسٽيشن جي پرچار عالمي سطح تي ڪن ۽ گورک هِل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ کي ترت مڪمل ڪرائين.
  2. گورک هِل اسٽيشن کي ٻين چوٽين سان ملائڻ لاءِ ” چيئر لِفٽ “ جو انتظام ڪن ته جيئن سياح وڌ کان وڌ مزو وٺي سگهن ۽ سنڌ سرڪار جي ڪمائي پڻ ٿئي.
  3. گورک هِل اسٽيشن تي ڪرڪيٽ ، فوٽ بال يا هاڪيءَ جو اسٽيڊيم ٺهي سگهي ٿو ! جيڪڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته اهو دنيا جو اوچي ۾ اوچو اسٽيڊيم هوندو . ان اسٽيڊيم جا اهم فاعدا اهي ٿيندا ته ؛ هڪڙو ته اهو ڪمائي جو ذريعو ٿيندو ، ٻيو گورک پوري دنيا ۾ تڪڙو مشهور ٿيندو ۽ پوري دنيا منجهان سياح گورک گهمڻ ايندا ، اتي ڪجهه ڏينهن رهائش اختيار ڪندا ، جنهن سان مقامي ماڻهن کي روزگار به ملندو ته سنڌ حڪومت کي به ان مان فاعدو حاصل ٿيندو .
  4. گورک هِل اسٽيشن تي زولاجيڪل ريسرچ سينٽر ۽ ڪا جديد ٽيڪنولوجي واري ليبارٽري قائم ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي ٻارنهن ئي مهينا موسم سياري جهڙي آهي ، سو هڪ ته شيون خراب نه ٿينديون ۽ شايد بجليءَ جي ضرورت به ڪا نه پوندي.
  5. جيڪڏهن گورک هل اسٽيشن تي مٿي ڄاڻيل ترقي ٿئي ٿي ته اهو اتان جي پرامن ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ تمام ڀلو ٿي ويندو ته وري سنڌ حڪومت جي ناماچاري پڻ ٿي ويندي ۽ ان سان گڏ هو ناڻو پڻ ڪمائي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.