نيپال جي نوٽ ۾ نئين نقشي تي ھندوستان ڪاوڙجي پيو

نيپال سرڪار ھڪ سئو روپين جو نئون نوٽ جاري ڪيو آھي.جنھن ۾ نيپال جو نئون نقشو پڻ ڇاپي ڇڏيو آھي.ان تي پاڙيسري ملڪ ھندوستان ڪاوڙجي پيو آھي.نيپال جو چوڻ آھي تھ ان ۾ڪا به نئين ڳالهه ناهي ۽ اهو هڪ معمولي عمل آهي. پر ھندوستان جي ھٿن مان پيو وڃي.جنھن ڪري ٻنھي ملڪن ۾ تڪرار پئدا ٿيڻ جو خطرو آھي.

نيپالي حڪومت جي ترجمان ريکا شرما موجب نيپال جي مرڪزي بئنڪ پراڻن نقشن جا نوٽ ختم ٿي رھيا ھئا، تنهنڪري ڪابنيا نون نوٽن ڇاپڻ جي اجازت ڏني.نوٽن تي اڳوڻي ڊزائين ۾ ملڪ جو پراڻو نقشو ھو،ھن ڀيري نئون نقشو ڇاپيو ويو آھي.

نيپال جون 2020 ۾ ملڪ جو نئون سرڪاري نقشو جاري ڪيو ھو.جنهن ۾ ڪارو پاڻي، لمپياڌورا ۽ لپوليخ کي نيپال جو حصو ڏيکاريو ويو آھي.هن مهيني نيپال جي آئين ۾ ترميم بعد سرڪاري دستاويزن ۽ مهرن ۾ نئين نقشي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.100 روپين جو نوٽ به ان ئي نقشي سان ڇاپپو ويو آهي.

نيپالي حڪومت جي ان فيصلي تي ھندوستاني پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر چيو آهي ته نيپال حڪومت، ٻنهي ملڪن وچ  ۾ تڪراري علائقي کي نقشي ۾ شامل ڪيو آھي.پر ان سان اصل صورتحال تي ڪو بھ اثر انداز نه پوندو.ڪجهه ماهرن موجب حڪومت اهو فيصلو صرف مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته چار سال اڳ جاري ڪيل نيپال جي نئين نقشي کي عالمي سطح تي مقبوليت نه ملي هئي.

جڏهن چين آگسٽ 2023 ۾ پنهنجي ملڪ جو نئون نقشو جاري ڪيو ھو تڏھن کان نيپال ۾ اھو سوال اٿيو ھو ته ڇا، نيپالي حڪومت پنهنجي نئين نقشي کي عالمي سطح تي قبول ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي يا نھ ؟

پارليامينٽ جي بين الاقوامي رابطن واري ڪميٽي ۾، اڳوڻي وزير اعظم مدھو ڪمار نيپال سميت ڪيترن ئي ميمبرن سوال ڪيو ته ڇا عالمي برادري کي نيپال جي تازه ڪاري نقشي بابت ٻڌايو ويو آهي. نيپال راشٽرا بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ صدر جي صلاحڪار چرنجيوي نيپال جو چوڻ آهي ته اھڙي ڊزائين وارن نوٽن جاري ڪرڻ سان، نيپال جي حڪومت کي ھندوستان سان واپاري لاڳاپن ۾ مشڪلات پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏھن تھ نيپال جو آئين رڳو ملڪ اندر لاڳو ٿئي ٿو. پر نئون نوٽ تھ هندستان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۾به گردش ڪندو رھي ٿو.

ياد رهي ته نيپال پاران جاري ڪيل نئين نقشي ۾ شامل علائقن تائين حڪومت جي پهچ نه هئڻ سبب نيپال ان علائقي ۾ آدمشماري نه ڪرائي سگهيو هو. ڪجهه سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته نيپال پاران نقشي جي اشاعت کان پوءِ ھنوستان سان سرحدي مسئلي جي حل لاءِ ٺاهيل مستقل ۽ عارضي ميڪنزم جو ڪم به متاثر ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.