صورتحال 9 مئي کان اڳتي وڌي سگھندي ؟

تحرير: سيد مجاھد علي

9    مئي کي شايد پاڪستان جي سياسي تاريخ  ۾ ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. گذريل سال ان ڏينهن تي جيڪي افسوس وارا واقعا ٿيا. هڪ  سياسي پارٽي سياسي ايجنڊا کي پوري ڪرڻ لاءِ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو. جنھن تي پاڪ فوج جو ردعمل به ايترو ئي سخت هو. لڳي رھيو ھو ته پاڪستان جي تقدير 9 مئي سان ڳنڍجي وئي آهي ۽ لڳي پيو تھ ملڪ کي ان کان اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نھ پيو ڏسڻ ۾ اچي.

سياسي احتجاجن ۾ غلطين جو امڪان رھندو آهي ۽ سياسي قيادت وري پنهنجي غلطي جو ادراڪ ڪندي صورتحال کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. بھرحال پاڪستان تحريڪ انصاف 9 مئي جي حوالي سان پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ بدران موقف اختيار ڪيو ته هي واقعو دراصل کيس ڦاسائڻ لاءِ رچايل ڊرامو هو. عمران خان ان کي فالس فليگ آپريشن چوندو رهيو آهي. آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل احمد شريف گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ان دعويٰ کي تحريڪ انصاف جي پاران پروپيگنڊا جو نئون طريقو قرار ڏنو. هن تحريڪ انصاف کي ان وقت تائين معاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جيستائين پي ٽي آءِ اڳواڻ 9 مئي تي پيش آيل واقعن تي سچي دل سان معافي وٺي. نفرت جي سياست ڇڏڻ جو ارادو ظاهر نه ڪري.

آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل جو اهو موقف ٻن لحاظن سان ملڪي سياسي ماحول ۾ خطري جي گھنٽي طور سامھون آيوآهي. هڪ طرف تحريڪ انصاف پاران ڪجهھ وقت کان فوج سان ڳالهين ۽ معاملا طئي ڪرڻ جي خواهش کي پاڪ فوج جي ترجمان سختي سان رد ڪري ڇڏيو. بلڪه 9 مئي سانحي بابت موقف اختيار ڪندي ان کي ملڪ جي عدالتي نظام لاءِ ھڪ امتحان قرار ڏنو آھي.ٻئي طرف اها صورتحال ان ڪري به ڏکوئيندڙ آهي جو فوج مفاهمت بدران ’ڊڪٽيشن‘ واري حڪمت عملي تي عمل ڪندي نظر اچي رهي آهي. اهو عمل ملڪ ۾ سياسي آزادي کان سواءِ اظهار راءِ جي بنيادي حق جي خلاف هڪ قبول نھ ڪرڻ جوڳو رويو آهي.

جيتوڻيڪ عمران خان پنهنجي طور تي فوج سان ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فوج سان ڳالهين لاءِ ٽھ رڪني ڪميٽي جي اعلان ڪرڻ بعد اھو دليل ڏنو ته ”مذاڪرات مخالفن سان ٿيندا آھن.ھن وقت جيڪي ماڻھون تحريڪ  انصاف جا وڏا مخالف آهن، ڳالھيون بھ انھن سان ئي  ٿينديون.“ اھو طريقو دراصل فوج کي اشارو ڏيڻ هو ته ،جيڪڏهن توهان اسان جي ڳالهين جي خواهش جو مثبت جواب نه ڏنو ته اهو توهان جو نقصان آهي. عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي اھو گمان آھي تھ کين عوامي حمايت حاصل آهي، ان ڪري انھن سان ڳالھيون ڪرڻ ۽  ڪنهن بھ طرح موجوده سياسي نظام جو حصو بڻائڻ فوج جي مجبوري آھي.

فوج تحريڪ انصاف جي سياسي طاقت يا عوامي مقبوليت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميجر جنرل احمد شريف جي پريس ڪانفرنس جو پيغام اهو ھو  ته پاڪ فوج تحريڪ انصاف جي مقبوليت جي دعوائن کي قبول نٿي ڪري،ڇاڪاڻ جو جيڪو لکيو چوکو  آءِ ايس پي آر جي سربراهه پيش ڪيو.ان موجب تحريڪ انصاف چونڊن ۾ ھڪ ڪروڙ 80 لک ووٽ کنيا،جيڪو ڪل آبادي جو رڳو 7 سيڪڙو آھي.ان جو مطلب تھ پاڪ فوج ترجمان نه ته تحريڪ انصاف کي مقبول پارٽي مڃي ٿو ۽ نه ئي اهو تسليم ڪري ٿو ته عوام جو وڏو حصو هن وقت عمران خان جي پويان آهي.

9  مئي کان ٻه ڏينهن اڳ، آءِ ايس پي آر پاران فوج جي سامھون آيل موقف مان اھو  واضح  آھي تھ ان ڏينهن جا واقعا فوج لاءِ انتهائي سنگين هئا ۽ ان لاءِ تحريڪ انصاف کي ڪنھن بھ طرح معاف ڪرڻ تي راضي نه آھي. بهرحال، اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته چونڊن ۾ وڌل ووٽن جو 31 سيڪڙو کڻندڙ  پارٽي کي ڇو نظر انداز  ڪري سگھجي ٿو ۽ جڏهن 2018ع ۾ تحريڪ انصاف کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ فوج پنهنجي پوري قوت لڳائي ڇڏي ھئي تڏهن به پارٽي کي لڳ ڀڳ ايترا ئي ووٽ مليا ھئا۽ سياسي مخالفن جي چونڊ حيثيت به لڳ ڀڳ ساڳي هئي، جنھن کي تڏھن هڪ وڏي اڪثريت سمجهي پئي وئي.باوجود ان جي ته پنج سال اڳ ساڳئي ’اڪثريت‘ جي نمائندگي ڪندڙ اڳواڻن ۽ پارٽين کي رياست پاران نشانو بڻايو پئي ويو ۽ فوج ان انتظام جي اڻ سڌي طرح نگران هئي.

9 مئي سانحو  فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ  ۾ موجود  اختلاف قومي ترقيءَ جي لاءِ  رڪاوٽ بڻيل آهي، پر بظاهر نه ته تحريڪ انصاف موقف تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي فوج ڪنهن به صورت ۾ سڀني ملزمن کي سزا ڏيڻ کان سواءِ چين سان ويهڻ لاءِ تيار آهي. ان جو هڪ حل اهو  ممڪن ھو  ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ 9 مئي واقعن جي مذمت ڪن ھا ۽ ان کي سياسي غلطي تسليم ڪن ھا ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ھا ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽجي وڃي ها. ان سان فوج جو اهو تاثر ختم بھ ڪري سگھجي ھا تھ ھڪ سياسي پارٽيءَ فوج کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ ۽ فوجي قيادت خلاف بغاوت جو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ھو، پر عمران خان انهن واقعن کي تحريڪ انصاف کي ڦاسائڻ جو ڍونگ قرار ڏيندي سياسي طور نامناسب حڪمت عملي اختيار ڪئي. ان سخت رويي سبب فوج ڪنهن به قسم جي لچڪ ڏيکارڻ کان پاسو ڪيو آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي مقبوليت کان خوفزده  ۽ ان جي جاءِ تي  اقتدار تي قبضو ڪندڙ جماعتون تحريڪ انصاف ۽ فوج جي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ ۾ مصروف آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 9 مئي جو سانحو نه رڳو تحريڪ انصاف ۽ فوج جي اختلاف جو سبب آهي پر ٻيون سياسي قوتون به ان بحران کي پنهنجي سياسي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آھن.

بي اعتمادي جي اها فضا پيدا ڪرڻ ۾ تحريڪ انصاف جو به حصو آهي. چونڊن کان پوءِ سمورا تجزيه نگار ۽ مبصر سياسي مفاهمت ۽ مصالحت تي زور ڏئي رهيا هئا پر عمران خان ٽنهي سياسي پارٽين سان ڪنهن به قسم جي رابطي کان انڪار ڪري رھيو آھي.ھاڻي ڪجهھ ننڊين سياسي مذھبي جماعتن سان ملي ڪري  آئين جي احترام جي تحريڪ ھلائي پئي وڃي ته ٻئي طرف اقتدار لاءِ فوج سان ڳالهين تي زور ڏنو پيو وڃي.

سو ،جيڪڏهن آئيني حق ”غصب ڪندڙ فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون تھ پوءِ وسيع تر قومي مفاد ۽ جمھوري روايتن کي مستحڪم ڪندڙ سياسي عنصرن سان ڳالهيون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن.

فوج جي سخت موقف، تحريڪ انصاف جي ضد ۽ اقتدار ۾ ويٺل سياستدانن جي خودغرضيءَ جي موجوده صورتحال ۾ ان ڳالھھ جو امڪان نھ آھي تھ قوم 9 مئي کان اڳتي وڌي سگهي. لڳي ٿو ته ملڪ جي سياست به ڊگھي وقت تائين ان سانحي جي ڇانوَ ۾ ئي رهندي.اھا صورتحال بھرحال ،قومي اعتماد سازي جي بنيادي منصوبي کي سخت نقصان پهچائي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.