ڇا اوهان ڪنڌ ڪوٽ ۾ سالن کان آباد پختون سنڌي جي معصوم ٻالڪ اياز خان والد نور خان پٺاڻ کي ڌاڙيلن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل وائرل ٿيل ويڊيو کي ڏٺو آهي. سندس تشدد سبب دانهن جو آواز ٻڌو آهي، جي اوهان اها ننڍڙي وڊيو ڏٺي هوندي ته يقينن اوهان جي دلين مان ان حڪومتي نااهلي خلاف ڪاوڙ نڪتي هوندي. ڇو ته گذريل ڪجهه سالن کان في الحال اتر سنڌ کي هڪ منصوبه بنديءَ تحت هڪ سرڪاري سازش تحت سنڌ جي ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور ،گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور وارن علائقن کي قبيلائي دهشتگردن، سردارن ، جرڳن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جتي سنڌ جي اربين روپين واري بجٽ کائيندڙ پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بظاهر ناڪام ثابت ڏيکاريا پيا وڃن، ڇانوڻيون، رينجرز جون چوڪيون ۽ پوليس اٽالا ۽ پوليس آفيسرن هوندي به روز ماڻهو ڏينهن ڏٺي اغوا ٿي رهيا آهن ۽ انهن مٿان تشدد ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي دانهن ۽ ڪُوڪن جون وڊيو رکيون پيون وڃن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ڌاڙيل پرو چانڊيو يا سنڌ جي انهن ڌاڙيلن جو حلالي تخم نه پر سنڌ دشمن ليبارٽرين مان تيار ٿيل ٽولا آهن. جن جي چاٻيون پڪي جي بنگلن ۽ آفيسن ۽ سردارن، جمهوريت پسندن جي کيسن ۾ موجود آهن ، جيڪي انهن کان اڃان ڪم ڪڍي پوءِ کين ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ ماري سنڌ جي ڪچي تي قبضو ڪري ويهي رهندا.
مهينو ڏيڍ اڳ ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ امن ڪانفرنس ۾ مختلف ماڻهن تقريرون ڪندي انڪشاف ڪيو هو، جيڪو اخبارن ۾ به شايع ٿيو هو ته سنڌي قوم پاڻ سان سان ٿيندڙ زيادتين خلاف نيٺ ته اٿي بيهندي.سنڌ دشمن قوتون ڪالاباغ ڊيم، پنوعاقل ڇانوڻي خلاف هلايل جدوجهد، ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ٻين ماضي حال جي سنڌ دوست جدوجهد جو بدلو وٺڻ سان گڏ انهن جي حال ۾ به رنڊڪون وجهڻ لاءِ پرويز مشرف بعد گذريل 15 سالن کان سنڌ تي راڄ ڪندڙ وڏيرن ۽ سردارن سهڪاري ڪم ورتو پيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه پنهنجي ٽيم سميت بلاول ڀٽو جي هدايتن تي سڄي سنڌ جو دورو ڪيو، پر هن سکر ۾ پريا ڪماري جي ٽن سالن کان گمشدگيءَ، جان محمد مهر جي قاتلن متعلق هڪ لفظ به نه ڪڍيو، کيس خبر آهي ته پريا ڪماري هن جي پارٽي جي ڪهڙي ماڻهو وٽ قيد آهي ۽ جان محمد مهر ڪنهن وٽ آهي، جنهن کي زنده حالت ۾ گرفتار ڪري مارايو ويندو. تازو ڪالهه معصوم پٺاڻ نينگر اياز خان کي ڪنڌڪوٽ کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پرڀرو ملير جي علائقي مان اغوا ڪري ان جي دانهن جي وڊيو ڏيکاري پئي وڃي، ڇا ان تائين پهچ ايٽم بم رکندڙ فورس لاءِ وڏي ڳالهه آهي، ڇا رينجرز لاءِ وڊيو پيغام جاري ڪندڙ رهزنن تائين پهچڻ مشڪل آهي، جيڪا سنڌ پوليس پڪي قلعي حيدرآباد ۾ آپريشن ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس به اغوا ٿيل۽ قيد ۾ نه هجي ها ته اهي اياز پٺاڻ ۽ پريا ڪماري کي قيد ڪندڙن تائين پهچي وڃي ها. پر جيڪڏهن انهن امن تباهه ڪندڙن جو ٿورو به واسطو 9 مئي جي واقعي يا بلوچستان يا سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙن سان هجي ها ته ڇا اهي زنده هجن ها، ڇا انهن کي گم ڪري انهن جا لاش ڦٽا نه ڪيا وڃن ها. سنڌ ۾ بدامني، پريا ڪماري، اياز پٺاڻ جي مسئلي تي صرف سنڌ حڪومت نه پر اسيمبلي ۾ موجود مخالف ڌر به ڏوهارين جي سهولتڪار ۽ مٿان مليل هدايتن تي اکيون، ڪن ۽ زبانون بند ڪري ويٺل آهي، ڪجهه ڪامريڊ آهن جيڪي للڪار ڪندا پيا اچن، هڪ ڏينهن يقينن انهن جي للڪار وڏي عوامي قوت ۾ تبديل ٿي عوامي طاقت وسيلي انهن بنگلن، ايوانن وغيره مٿان پيرس انقلاب يا روس جي سرمائي محل تي حملي جي صورت ۾ اياز خان ، پريا ڪماري سميت بدامني ۽ رياستي تشدد جي شڪار ٿيلن جو بدلو وٺندا.
هن موقعي تي ٻي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته عالمي سامراج پنهنجي سموري غلامي وارا ڪم وٺڻ جي باوجود پاڪستان ۽ ان جي طاقتور ادارن جو نمبر اول جو دشمن آهي، اهو ڪوبه اهڙو موقعو نه وڃائيندو جيڪو ملڪ جي سالميت ۽ رياستي ادارن کي ڪو وڏو نقصان پهچائي، اسان جي غلامانه پرڏيهي پاليسي ڪري ايران کان گئس خريد نه ٿا ڪري سگهون، سي پيڪ اڌ ۾ رهجي ويو، روس سان معاهدا نه ٿي سگهيا، اندروني ملڪ ۾سامراج جي اداري آءِ ايم ايف جي معاشي، سياسي، سماجي انتشار پويان به ان سامراج ۽ ان جي مقامي دلالن جو بنيادي هٿ آهي، اهو ڀارت کي پالي رهيو آهي، ملڪ چو طرف خطري جي گهيري ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اسان جي رياست اندروني طور پنجاب جي هارين سان زيادتي ڪندي،سنڌ ۾ بدامنيءَ لاءِ سردارن ۽ ڌاڙيل پيدا ڪندي انهن مٿان هٿ رکندي، ان ڪري اچو ته سڀ گڏجي مضبوط پاڪستان جي ضمانت لاءِ خوشحال، پر امن سنڌ لاءِ سنڌ مان بدامني، سردارن، ڌاڙيلن جند ڇڏائڻ، پريا ڪماري، ننڍڙي اياز پٺاڻ جي دانهن کي دل ۾ لاهي سنڌ ۾ سڀني پرامن وڏين توڙي ننڍين سياسي پارٽين، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي ڪانفرنس ڪوٺائي سنڌين ۾ اهو احساس پيدا ڪيو وڃي ته پاڪستان انهن جو به ملڪ آهي، جي هي ملڪ هوندو ته اسان سڀ هونداسين، رياست ۽ رياستي ادارا اوهان سان هر تڪليف ۾ گڏ آهن، انهن بابت ڦهلايل غلط فهميون ختم ٿيڻ گهرجن.