لاهور(بيورو)پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.اسيمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، راڻا شهباز جي وڊيو ٺاهڻ تي حڪومتي ميمبر ناراض ٿي ويا، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر به راڻا شهباز کي وڊيو ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو،پي ٽي آءِ جي ميمبرن اڄ اسيمبلي اندر عمران خان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ميمبرن عمران خان جي تصويرن وارا بئنر کڻي عمران خان جي آزادي لاءِ نعرا هنيا.