9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 9 مئي جو ڏهاڙو به ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، انصاف جي گهرج آهي ته قائداعظم جي گهر ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو. 9 مئي سانحي جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ فسطائيت مڙهڻ جي ڪريل سازش هئي.سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته 9 مئي جا واقعا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا ويا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان 9 مئي جي واقعن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي، ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن سياسي پارٽي طرفان اهڙن قدمن جو مثال نٿو ملي، هن چيو ته ملڪ جا ڳجها دستاويز ليڪ ڪرڻ ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪرڻ سياست ناهي، ملڪ دشمني آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، پر پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو مڃيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.