ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)غوثپور ڀرسان جنگڻ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ هڪ نوجوان غلام حيدر پٽ عبداللطيف جاگيراڻي مارجي ويو، ڳوٺ جيئند جاگيراڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، آخري اطلاعن موجب، ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو جڏهن ته ڌريون مورچا بند ھجڻ سبب وڌيڪ خونريزي جو امڪان آھي.