پشاور(عوامي آواز نيوز)ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پرويز خٽڪ ته لوٽو بڻجي ويو، پرويز خٽڪ مون سان گڏ ڪعبي شريف ۾ هلي، اتي پرويز خٽڪ اهو ٻڌائي ته هن مون کي سي ايم هائوس جي لان ۾ ڇا چيو هو،مان حلفيه چوان ٿو ته پرويز خٽڪ چيو ته باجوا چوي ٿو ته عمران خان مون کي 6 مهينن جي ايڪسٽينشن ڏئي ته مان بي اعتمادي رٿ واپس وٺرائي ڇڏيندس، باجوا چيو ته توهان انهن پارٽين کي اين آر او ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته پرويز خٽڪ مون کي ٻڌايو ته عمران خان کيس چيو آهي ته حڪومت وڃي ته ڀلي وڃي نه ايڪسٽينشن ڏيندس نه ئي ڪنهن کي اين آر او ڏيندس،هن چيو ته عمران خان حڪومت جو لالچي هجي ها ته باجوا کي ايڪسٽينشن ملي وڃي ها ۽ مان ڪعبي شريف ۾ اهو به حلف کڻي سگهان ٿو ته عمران خان ڪڏهن به جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ نه پئي چاهيو،پرويز خٽڪ صاحب توهان زندهه آهيو، منهنجي انهن ڳالهين جو جواب ضرور ڏجو، هن چيو ته آمريڪا جي سازش ڪري عمران خان کي هٽايو ويو، عمران خان کي جنرل باجوا چيو ته اسرائيلي قبول ڪريو، عمران خان جواب ڏنو ته ايبسولوٽلي ناٽ،قائد اعظم محمد علي جناح جو اسرائيل بابت جيڪو نظريو آهي اهو ئي منهنجو نظريو آهي،ان ملاقات ۾ ويٺل ماڻهن جا نالا مون کي خبر آهن،اهو به ثابت ٿيندو ته عمران کي هٽائڻ آمريڪا جو ڪم هو،