ڪنڌڪوٽ مان اغو اٿيل نينگر مٿان ڌاڙيلن پاران زنجيرن سان لٽڪائي وحشياڻو تشدد\وڊيو وائرل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عرفان علي کوسو+ ممتاز سنڌي) ڪنڌڪوٽ مان هڪ مهينو اڳ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملير اسٽاپ وٽ اغوا ٿي  ويل 5 سالا معصوم ٻار اياز خان پٺاڻ جي ڌاڙيلن پاران زنجيرن سان لٽڪائي تشدد ڪندي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مغوي جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن پاران بار بار وارثن ڏانهن فون ذريعي 40 لک ڀنگ طلب ڪيو هو ڀنگ جا پئسا نه ملڻ تان ڪچي جي رهزن ڌاڙيلن انسانيت سوز تشدد واري وڊيو وائرل ڪري معصوم ٻار جي وارثن ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، وڊيو سامهون اچڻ بعد نينگر اياز پٺاڻ جي والدين ۾ بيهوشي جا دورا پئجي ويا. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي معصوم نينگر جي وڊيو پوري سنڌ ملڪ اندر باهه جيان ڦهلجي وئي پر وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ننڊ سُتل حڪمرانن جو اِن سگين معاملي تي ڪوبه موقف نه آيو آهي. مغوين جي وارثن پاران اعليٰ عملدارن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي مغوين کي جلد بازياب ڪرائي گھر جون رونقون ٻيھر بحال ڪرايون وڃن.

  1. آءِ جي سنڌ پاران ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪارروائي لاءِ تجويزون

ڪراچي ( رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪچي جي  ڌاڙيلن خلاف موثر ڪارروائي جو حل پيش ڪري ڇڏيو، هن ٽنهي صوبن وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي.ذريعن موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٻين صوبن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڌاڙيلن خلاف هڪ ئي وقت ڪارروائي جي تجويز ڏني آهي.پوليس موجب ڌاڙيل ٽن صوبن جي وچ ۾ موجود آهن، جيڪڏهن هڪ صوبو چورن خلاف ڪارروائي ڪري ٻئي صوبو فرار ٿي وڃي ٿو ان لاءِ هڪ ئي جاءِ تي صوبن کي ئي ڪارروائي ڪرڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين جي تفصيلن جي مٽا سٽا ڪندي ۽ ڪوآرڊينيشن ذريعي ڪچين علائقن ۾ ڌاڙيلن جا تفصيل به پڌرا ڪيا ويندا.

  1. سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو حڪم، ٻن مهينن ۾ رپورٽ طلب

سکر(رپورٽر) سنڌ ۾ امن امان بابت صحافي لالا شهباز پٺاڻ پاران وڪيل بئريسٽر خان عبدالغفار خان معرفت داخل درخواست تي  ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي 2 رڪني بينچ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي تي عدالت ۾ بئريسٽر خان عبدالغفار خان، درخواستگذار،پوليس جا نمائندا ۽ واسطيدار پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران سکر، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي ۽  شڪارپور پوليس آپريشن بابت رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏيل طور تي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي، جلد ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ۾ چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي، ڏوهارين جو خاتمو آڻي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر خان عبدالغفار خان عدالت  موقف اختيار ڪيو ته  ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي ۾ ڏوهارين جا محفوظ ٿاڪ آهن جتي پوليس به نٿي پهچي سگهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت سڄي سنڌ ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.