اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سياستدانن کي ترقياتي منصوبن تي تختيون لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 2 هفتن ۾ عملدرآمد رپورٽ ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت کان ترقياتي فنڊ آئين ۽ قانون موجب خرچ ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي، بادشاهت ناهي، پاڪستان ۾ عوام ڪنهن حڪمران جي رعايت ناهي، عدالت چيو ته ڇا عوام جو پئسو آئين ۽ قانون خلاف خرچ ٿي سگهي ٿو؟ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ترقياتي فنڊن ۽ پبلسٽي واري معاملي تي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب موجب هنن حڪومت کي عدالتي فيصلي تي عملدرآمد جي سفارش ڪئي آهي. چيف جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته ذاتي پروموشن ۽ ترقياتي فنڊن جي معاملي تي سموريون سياسي پارٽيون هڪ پيج تي آهن، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته هن حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو چيو آهي. چيف جسٽس چيو ته واضح ٿي ويو آهي ته بدترين سياسي مخالف به ڪنهن ڳالهه تي متفق آهن ته ڇا آئين اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ رقم خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آمريڪا ۾ تعليمي ادارا ماڻهن پنهنجي کيسي مان ٺاهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته واضح ٿي ويو آهي ته بدترين سياسي مخالف به ڪنهن ڳالهه تي متفق آهن ته ڇا آئين اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ رقم خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ چيف جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مقابلو ڪرڻو آهي ته ان معاملي تي ڪريو ته ڪهڙي سياستدان ڪيترو انڪم ٽيڪس ادا ڪيو، جيڪڏهن پنهنجي کيسي مان ترقياتي ڪم ڪرايان ته تختيون ضرور لڳايو. چيف جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسيمبلي ميمبر چونڊون ڇو وڙهن ٿا؟ اسيمبلي ۾ وڃڻ جو بنيادي مقصد قانون سازي ڪرڻ ۽ فنڊ خرچ ڪرڻ جي اجازت وٺڻ آهي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته ترقياتي اسڪيمن جي نالي تي اسيمبلي ميمبر ڪروڙين رپيا هڙپ ڪن ٿا، چيف جسٽس چيو ته اسيمبلين کان ڇو ڊڄن ٿا؟ جيڪڏهن توهان فنڊ خرچ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسيمبلي مان منظوري وٺو، عوام کي به خبر هجڻ گهرجي ته رقم ڪٿي خرچ ٿي رهي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسيمبلي ميمبر جيڪڏهن لينڊ ڪروزر خريد ڪرڻ چاهين ته فوري طور پئسا اچي وڃن، لينڊ ڪروزر خريد ڪرڻ لاءِ اسيمبلي مان منظوري وٺي. چين ۾ وزير کان وٺي اسيمبليءَ جي ميمبرن تائين هر ڪو سائيڪل تي وڃي ٿو، اسان لينڊ ڪروزر خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پنجاب ۾ جيڪو ڪم پرويز الاهي جي دور ۾ ٿي رهيو هو اهو اڄ به ٿي رهيو آهي. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته مقامي حڪومتن وٽ وسيلا ناهن. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته قانون سازي ڪرڻ وارا ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۾ مصروف آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نٿا چاهيون پر اهو ٻڌايو ته غريب جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ عوامي ترقياتي منصوبن تي ذاتي مشهوري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت وفاق سميت چئني صوبائي حڪومتن کان حلفي بيان طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي دوران سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 80 لا آفيسرن جي بٽالين ٺاهي ورتي آهي پر اسلام آباد ۾ ڪوبه مستقل لا آفيسر نه آهي. جنهن تي صوبائي لا آفيسرن ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 18، خيبرپختونخواهه ۾ 40، جڏهن ته پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آبادي جي حوالي سان سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ 86 لا آفيسر آهن پر سنڌ ۾ 80 آهن، پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته صوبي ۾ لا آفيسرن جو انگ 86 کان گهٽ ڪري 66 تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.چيف جسٽس چيو ته سنڌ جي هر لا آفيسر کي ماهوار 5 لک روپيه پگهار ڏني ويندي آهي، ماهوار 4 ڪروڙ روپيه صرف سنڌ جي عوام جي کيسن مان سنڌ جي لا آفيسرن ڏانهن وڃن ٿا. اسان کي عدالت ۾ سنڌ جي لا آفيسرن طرفان بهتر ڄاڻ، مدد نٿي ملي، وڊيو لنڪ ذريعي لا آفيسر پيش ٿيندا آهن پر آواز صحيح نه ايندو آهي.