پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو مقصد عدليه جي آزاديءَ تي پابندي آهي\جسٽس شاهد وحيد

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس شاهد  وحيد پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي،

پارليامينٽ کي به اهڙا قانون ٺاهڻ جو اختيار نه آهي، ڪو به قانون آئين ۾ عدالت کي ڏنل رولز ٺاهڻ واري حق تي حاوي ٿي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو مقصد عدليه جي آزاديءَ تي پابندي لڳائڻ آهي، آرٽيڪل 191 جو سهارو وٺڻ جي اجازت ملي ته عدالتي معاملن ۾ آرڊيننس سان به مداخلت ٿي سگهندي، آڪٽوبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اڪثريتي راءِ سان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين موجب قرار ڏنو هو.  جسٽس شاهد وحيد پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته عدالتي دائره اختيار ۾ اضافو رڳو آئيني ترميم جي ذريعي ئي ممڪن آهي، سادي قانونسازي سان عدالتي اختيارن جي دائري ۾ ڪا نئين واڌ نه ٿي ڪري سگهجي، ججز جي 3 رڪني ڪميٽي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ۾ موجود خامين کي رولز بڻائي درست نه ٿي ڪري سگهي. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد کانپوءِ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو. جسٽس عائشه ملڪ آمريڪا جي ناليواري قانوني ماهر روسڪوئي پائونڊ جي جملي سان اختلافي نوٽ جي شروعات ڪندي لکيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته عدليه ڪجهه ڪري ته ان کي ڪرڻ جي آزادي به ڏيڻي پوندي، روسڪوئي پائونڊ موجب عدليه جي ڪم ۾ قانونسازي ڪري رنڊڪ وجهي نه ٿي سگهجي. جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته سادي قانونسازي ذريعي اپيل جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي.هن چيو ته فل ڪورٽ جي جوڙجڪ سان ڪنهن ڌر جو اپيل وارو حق ختم ڪري نه ٿو سگهجي. آڪٽوبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ حڪومت پاران منظور ڪرايل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين موجب قرار ڏنو هو، فل ڪورٽ ۾ شامل 5 ججز فيصلي سان اختلاف ڪيو هو.اختلاف ڪندڙ ججز ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر علي نقوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.