وزيراعظم ڪوالالمپور پهچي ويو، شاهي پروٽوڪول سان آجيان

ڪوالالمپور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور پهچي ويو، جتي سندس شاهي  پروٽوڪول سان آجيان ڪئي وئي، هوائي اڏي تي ملائيشيا جي سڌ سماءَ واري وزير، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ۽ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي خاص شاهي پروٽوڪول سان رهائشگاهه ڏانهن آندو ويو، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، شهباز شريف کي گرمجوشي سان ڀليڪار چيو، جنهن تي پاڪستاني وزيراعظم شڪرانو ادا ڪندي چيو ته ملائيشيا اچي تمام خوشي ٿي، ۽ شاندار آجيان تي ٿورائتو آهيان، شهباز شريف چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وارو وزير عطا تارڙ ۽ خاص صلاحڪار طارق فاطمي به ساڻس گڏ آهن دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون،  جن ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام، حلال انڊسٽري ۽ سيڙپڪاري شامل آهن، ان کانسواءِ تعليم، توانائي ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ به تعاون وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ لاءِ نون موقعن جي ڳولا تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.