لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پيپلز پارٽيءَ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن شرجيل ميمڻ جو مناظري جو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي، هو اسان جا اتحادي آهن، اسان کين احترام ڏيون ٿا، پر جيئن ڳالهائيندا، تيئن جواب ملندن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب هميشه وڏو ڀاءُ هئڻ جو حق ادا ڪيو آهي، قدرتي آفت ڪنهن به صوبي ۾ آئي، پنجاب وڏو ڀاءُ بڻجي مدد ڪئي، پر جڏهن پنجاب تي مشڪل وقت آيو ته ماڻهن سياست ڪئي، پنجاب وزيراعليٰ چيو ته کيس اميد نه هئي ته ڏکئي وقت ۾ پنجاب سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هتي ٽن دريائن ۾ ٻوڏ آئي، جيڪڏهن پنجاب حڪومت تيار نه هجي ها ته نقصان وڏو ٿي پئي سگهيو ، ملتان ۽ مظفرڳڙهه ۾ ٻوڏ سبب مشڪلاتون پيش آيون، 25 ضلعن جا واقعا اڃا رپورٽ به نه ٿيا آهن.
عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ گهر يا سولر پروگرام نٿو وڪامي، هڪ بيان ڏٺو 90 هزار گهر ڪٿي آهن؟
اطلاعات واري وزير موجب، 47 لک ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا ۽ 17 آڪٽوبر تي ٻوڏ متاثرن ۾ چيڪ ورهايا ويندا، 400 ڳوٺن جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعليٰ سول ڊفينس جي ملازمن لاءِ 15 هزار رپيا پگهارن ۾ وڌا جو اعلان ڪيو آهي ۽ واڌو خرچن ۾ ڪٽوتي جو حڪم ڏنو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته نديم افضل چن پنج پريس ڪانفرنسون ڪيون، الزام هنيا، کائنس پڇو ته هن ٻوڏ متاثرن لاءِ ڇا ڪيو؟ پنجاب جو ڪيس وڙهڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان وڙهنداسين.
هنپيپلز پارٽي جي صوبائي وزير شرجيل انعام تي تنقيد ڪندي چيو ته جيئن ڳالهائيندا، تيئن جواب ملندو، توهان اسان جا اتحادي آهيو، اسان احترام ڪيون ٿا، پر ڪراچي ۽ لاهور جو فرق ڪو راڪيٽ سائنس ناهي، سڀني جي سامهون آهي. توهان وٽ سنڌ بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، سڄي سياست توهان پنجاب جي ڪلهي تي ويهي ڪئي آهي. اچو، مان توهان کي بهاولپور، ملتان، لوڌران، رحيم يار خان ۽ ڊي جي خان ڏيکارينديس، توهان مون کي ڪشمور، نوابشاهه ۽ ڳڙهي خدا بخش وٺي هلو، ٻڌايو ته توهان اتي ڇا ڪيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته مون شرجيل ميمڻ جو مناظري جو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي، توهان پنهنجن 17 سالن جي حڪومت جا رڳو 17 منصوبا ٻڌايو، لاهور اچو ته مان توهان کي شهر جو سير ڪرائينديس.
شرجيل ميمڻ جو مناظري جو چئلينج قبول آهي، پ پ 17 سالا سنڌ حڪومت جا رڳو 17 منصوبا ٻڌائي: عظميٰ بخاري
You might also like