اتر اولهه عربي سمنڊ ۾ طوفان شڪتي بابت نائون الرٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي اتر اولهه عربي سمنڊ ۾ ٺهيل سخت سائيڪلون طوفان شڪتي بابت نائون الرٽ جاري ڪيو آهي. طوفان گذريل ڏينهن اولهه / ڏکڻ اولهه طرف وڌي ڪراچي کان لڳ ڀڳ 700 / ڪلوميٽر پري پهچي ويو آهي، جيڪو اڄ وڌيڪ اولهه طرف وڌڻ جو امڪان رکي ٿو. موسميات کاتي موجب، طوفان جي مرڪز ڀرسان هوائن جي رفتار 135 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي. ان جي اثر هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ 55 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي هوائن سان سمنڊ ۾ لهرون وڌڻ جو امڪان آهي. مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته سائيڪلون وارننگ سينٽر ڪراچي صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.