آءِ ايس پي آر سربراهه کي ڳالهين جي اجازت ڪنهن ڏني؟ مارشل لا لڳائيندڙ معافي وٺن: اپوزيشن اڳواڻ

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪئي ته فساد ڪندڙن سان ڳالهين جي  اجازت نه ڏني ويندي، پڇاڻون ٿا ڪيون ته هن کي ڪنهن ڳالهين جي اجازت ڏني آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کي رد ڪيون ٿا،اسلام آباد ۾ تحفظ آئين پاڪستسان تحت ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول ڪميشن، ايبٽ آباد ڪميشن رپورٽ ۽ ارشد شريف جي شهادت جي رپورٽ پبلڪ ڪئي وڃي، هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ! توهان رياست ناهيو، توهان محافظ آهيو،مالڪ ناهيو،مالڪ پاڪستان جو عوام آهي، جن پنهنجا نمائندا چونڊي پارليامينٽ موڪليا ۽ پوءِ مداخلت ڪري فارم 47 ذريعي اسان جي ايم اين ايز جو انگ گهٽايو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي، آئين ۾ واضح آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي.هن چيو ته عمران خان سياسي اڳواڻن سان رابطي جي ذميواري ڏني هئي، گذريل هفتي به عمران خان سان ملاقات ٿي هئي، جنهن چيو آهي ته هو آئين تي سوديبازي نه ڪندو.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته آئين ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي پر پي ٽي آءِ ججن جي مدي ۾ واڌ ۽ گهٽتائي جي مخالفت ڪندي، پاڪستان ۾ آئين عملي طور تي ختم ٿي چڪو آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف کي ڏڦيڙي سڏڻ درست ناهي، ڏينهن کي رات چوڻ برابر آهي.سينيئر قانون دان حامد خان چيو ته اها خوش قسمتي آهي ته 50 سال گذرڻ باوجود 1973 جو آئين بچيو آهي. اڄ به قوتون سمجهن ٿيون ته آئين بي معنيٰ شيءِ آهي.هن چيو ته  اڄ عدليه جو ڪردار قابل تعريف نه آهي. مينڊيٽ چوري ڪندڙ ترميم جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.حامد خان چيو ته عدليه کي راضي ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ٿي رهي آهي.مجلس وحدت مسلمين جي سربراهه علامه ناصر عباس جو چوڻ آهي ته ڪچي جا ڌاڙيل ننڍا آهن، ڏوهن جي لحاظ کان پڪي جا ڌاڙيل وڏا ڏوهاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي واقعي بعد جيڪو ظلم شروع ٿيو اهو ملڪي تاريخ جو ڪارو باب آهي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته دنيا جو خزانو هئڻ باوجود اسان فقير ٿي چڪا آهيون، جن نعمتن جو سوره رحمان ۾ ذڪرآهي اهي نعمتون پاڪستان ۾ موجود هجڻ باوجود اسان جي قوم ڇو بک تي آهي، هن چ ته اصل آزادي تڏهن ملندي جڏهن عوام جي ووٽ سان پارليامينٽ ٺهي.محمود اچڪزئي چيو ته عمران خان ملڪ جي مقبول ترين پارٽي جو ليڊر آهي، توهان کي آزاد ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن هو ٻاهر ويو ته اوهان کي فائدو ٿيندو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني هتي رهي ٿو ته ان جو مطلب هو هڪ شريف ماڻهو آهي،هن چيو ته مارشل لڳائيندڙ پهرين معافي گهرن پوءِ مان 9 مئي وارن کي به چوندس ته اهي به معافي گهري وٺندا، جيستائين ادارا پنهنجي متعين ڪيل حدن ۾ نه رهندا ان وقت تائين مسئلا حل نه ٿيندا، هاڻي اسان کي جرئت ڪري سڌارا ڪرڻا پوندا،هن چيو ته ڪالهه هڪ پريس ڪانفرنس ڪري چيو ويو ته اسان کي پنهنجي حدن کي خبر آهي، ته پوءِ  هر ڊپٽي ڪمشنر،اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ توهان جو ماڻهو ڇا ڪري رهيو آهي؟اهو غيرآئيني آهي، ان مداخلت خلاف اٿڻ جهاد آهي،هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪ ۾ رڳو 9 مئي پهريون خراب ڪم ٿيو؟ ملڪ ۾ مارشل لڳائيندڙن کي ڪهڙي سزا ملي؟  ناليواري قانون دان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته رياست رڳو عوام آهي،باقي سڀ ملازم آهن، توهان ملازم آهيو،توهان ادارو ناهيو، آئين جي پاسداري چيف جسٽس ۽ آرمي چيف سڀني تي لازم آهي،هن چيو ته ڪالهه هڪ کل جوڳي پريس ڪانفرنس ٿي، پي ٽي آءِ باني چوي ٿو ته مان انهن زنجيرن کي ٽوڙيندس، ڇا ملازمن سان مفاهمت ڪئي ويندي آهي؟ هن چيو ته معافي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، معافي توهان وٺندو، اسان ڇو توهان کان معافي وٺون؟ ڪور ڪمانڊر جناح هائوس تي قبضو ڪيو آهي،مارشل لا لڳائي ملڪ تي قبضو ڪندڙ معافي وٺن،هن چيو ته خلائي مخلوق رياست بڻجي وئي آهي، خدا جو خوف ڪريو،عجيب ڳالهه آهي ته ملازم مالڪيت پيو ڪري، ڊي جي آءِ ايس آر جي پريس ڪانفرنس مان لڳي رهيو هو ڄڻ اسان غلام هجون،عدليه کي انهن زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو آهي، جج چون ٿا ته اسان تي دٻاءُ آهي،هن چيو ته آئين ۾ عوام جي اقتدار کي تسليم ڪريو، ووٽ کي عزت ڏيو جي عزت ڪيڏانهن وئي؟ نوازشريف کي ڊاڪٽر ياسمين راشد کان تسليم ڪرڻ گهرجي ها، هن چيو ته لاهور مان ن ليگ هڪ به سيٽ نه کٽي هئي، خواجا آصف کي ” ڪجهه حيا ٿيندي آهي ڪجهه شرم ٿيندي آهي“ چوان ٿو، اسان اوڀر پاڪستان مان ڪو به سبق ناهي سکيو، اسان شيخ مجيب سان زيادتي ڪئي، عوام جي ڪاوڙ کان ڊڄو، ملڪ کي لٽي ماڻهن سري محل، ايون فيلڊ ۽ ون پارڪ هائيڊپيلس ٺاهيا آهن،جنهن کي 50 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي، توهان ارشد شريف کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو ڌرتي ماءُ سان پيار ڪندو آهي اهو ڊڄندو ناهي، عمران خان جو مرڻ جيئڻ هن ڌرتي سان آهي،هو عوام کي حقيقي آزادي ڏياريندو،آئين جي تحفظ ۾ پاڪستان جو وقار ۽ عزت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.