عدالتي حڪم بعد بشريٰ بي بي اڊيالا جيل منتقل

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي  جي بابت درخواست منظور ڪندي کيس اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي درخواست تي ڪجهه ڏينهن اڳ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. عدالت بشرا بي بي جي رهائشگاهه بني گالا کي سب جيل قرار ڏيندي حڪومتي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي بشرا بي بي کي بني گالا سب جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.  عدالت ۾ جيل اختيارين موقف اختيار ڪيو ته جيل ۾ گنجائش نه هجڻ ۽ سڪيورٽي مسئلن سبب بشرا بي بي جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل هفتي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ بشرا بي بي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.