2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تعليم کانسواءِ ڪا  به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارڙن جو اسڪول نه وڃڻ وڏو چئلينج آهي، قائداعظم محمد علي جناح فرمايو هو ته تعليم زندگي ۽ موت جو معاملو آهي، پاڪستان چئلينجن کي منهن ڏئي ائٽمي طاقت بڻجي ويو.

اسلام آباد ۾ تعليم بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تعليم کانسواءِ قوم جي ترقي ممڪن ناهي. تعليم جي شعبي کي سڌارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ٻارن جو اسڪولن مان ٻاهر هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ هڪ انتهائي اهم تقريب ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن، ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ وڏو چئلينج آهي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ به وڏو چئلينج آهي، قوم جي ترقي تعليم سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايترا ٻار اسڪول کان ٻاهر نه آهن جيترا پاڪستان ۾ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.