اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 9 مئي واقعي کان پوءِ اڻ چونڊيل قوتن ملڪ جي جمهوري ڍانچي ۾ پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي آهي. 2023،24 بابت سالياني رپورٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سال 2023 معاشي ناانصافين ۽ آئيني ڀڃڪڙين سان متاثر رهيو. سياسي وڇوٽين ۽ اختلافن سبب شهري ۽ سياسي حقن تي بندش رهي. ان کان سواءِ سال جي دوران وڌندڙ خرچن سبب عام ماڻهو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ان پس منظر ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) اڄ جاري ڪيل پنهنجي سالياني رپورٽ ’پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال 2023‘ ۾ معاشي انصاف ۽ شهري حقن جي تحفظ جي تڪڙي ضرورت تي زور ڏنو آهي. رپورٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ جاري تيز سياسي ورهاست 9 مئي 2023 تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ باهه ۽ تشدد جي واقعن ۾ ٿي. ان کان پوءِ آئين کي واضح طور تي نظر انداز ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اڻ چونڊيل قوتن ملڪ جي جمهوري ڍانچي تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي ۽ شهري آزاديون هر وقت گهٽجي ويون. 9 مئي جي وڳوڙن تي رياستي ردعمل جو مقصد اختلافن کي دٻائڻ هو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي عدالتن کي ٻيهر متعارف ڪرايو ويو ته جيئن عام ماڻهن کي مقدمي ۾ آڻي سگهجي. جبري گمشدگيون ڪيون ويون، وڏي تعداد ۾ گرفتاريون ڪيون ويون ۽ پارٽي جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن کي مبينا طور تي پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. اظهار راءِ جي آزاديءَ ۽ ماڻهن جي گڏجڻ جي حق کي سال جي دوران تمام گهڻو نقصان پهتو. عام چونڊون به مختلف سببن جي ڪري 90 ڏينهن جي آئيني حد کان وڌيڪ دير ٿي ويون. چونڊن ۾ دير ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به ٻڌايو ويو ته تازيون آدمشماري جي بنياد تي نيون تڪ بنديون ضروري هيون. قانون جي حڪمراني واضح طور تي خراب رهي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ مارجي ويلن جو انگ 6 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته باجوڙ ۽ مستونگ ۾ دهشتگرد حملن ۾ 117 ڄڻا مارجي ويا. عدالت کان مٿاهن قتل جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ مبينا طور تي جوابدارن جي قتل ۾ اضافو ٿيو. گذريل سالن وانگر سڄي ملڪ مان صحافين ۽ سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن کي زبردستي گم ڪيو ويو. تنهن هوندي به نوجوان بلوچ عورتن زبردست طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ تربت کان اسلام آباد تائين ماورائي عدالت قتل ۽ جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪيو. مذهبي اقليتن جي طرف کان خوف جي وڌندڙ ماحول جون خبرون هيون. خاص طور تي پنجاب جي علائقي جڙانوالا ۾ هڪ عيسائي شخص تي توهين رسالت جي الزام کانپوءِ ڪيترن ئي گرجا گهرن ۽ گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ايڇ آر سي پي جي سيڪريٽري جنرل حارث خالق چيو ته 2023ع جي معاشي بحران ڪروڙين عام شهرين کي مايوسي جي ڪناري تي پهچايو آهي. جبري گمشدگين جي ڪيسن جي وڏي انگ تي تبصرو ڪندي هن جبري گمشدگين بابت انڪوائري ڪميشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي شرمناڪ قرار ڏنو. ايڇ آر سي پي جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ چيو ته رياست کي عوام جي تعليم، معيشت ۽ صحت جي حقن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن ٽريڊ يونينز جي قيام جي گهٽ شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن مزدور يونين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته کين مسلسل هراسان ۽ ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن. ايڇ آر سي پي اسلام آباد جي وائيس چيئرپرسن نسرين اظهر چيو آهي ته مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ غير قانوني طور استعمال ڪيو پيو وڃي. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي شريڪ چيئرپرسن منيز جهانگير چيو ته رياست کي گهرجي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ گروپن جي پرامن احتجاج جي حق جو تحفظ ڪري. هن چيو ته حڪومت جي دور ۾ پاس ڪيل جابرانه قانون انهن ئي ماڻهن خلاف استعمال ٿيندا جڏهن اهي اپوزيشن ۾ هوندا آهن. رپورٽ ۾ چيوويو ته رپورٽ موجب جولاءِ 2023ع ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران 28 بلن جي منظوري ڏني وئي، بلن جي منظوري دوران پارلياماني طريقيڪار کي نظرانداز ڪيو ويو، پارليامينٽ جي توهين ۽ سڪيورٽي سان لاڳاپيل ۽ حساس معلومات جي افشا ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. رپورٽ موجب انصاف جي فراهمي ۾ پاڪستان دنيا جي 142 مان 125 هين نمبر تي آهي، عدالتن ۾ 2.26 ملين کان وڌيڪ ڪيس التوا جو شڪار آهن، ٽرانسجينڈر پرسنز ايڪٽ 2018ع کي غير اسلامي قرار ڏيڻ تي تحفظات آهن.