مهانگائي سٽيل عوام تي نيپرا بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 2 رپيا 84 پئسا واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي صارفين کي هڪ ٻيو جھٽڪو ڏيندي بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 84 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، هي اضافو واڌو فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 84 پيسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي ۽ اها واڌ مارچ جي مهيني جي  فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب مئي جي بلن ۾ صارفين کان اضافي چارجز وصول ڪيا ويندا ۽ اهو اضافو صارفين تي الڳ لاڳو نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.