جيڪي جمهوريت کان اڻ ڄاڻ آهن، اهي اسان کي درس پيا ڏين: عارف علوي

لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته 9 مئي جي واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جوابدارن کي سزا ملڻ گهرجي، جنهن به ناانصافي ڪئي ان کي معافي گهرڻ گهرجي، معافي ئي مسئلي جو حل آهي. پنجاب اسيمبلي جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر عارف علوي چيو ته جيڪي ماڻهو جمهوريت کان واقف ناهن اهي جمهوريت جو درس ڏئي رهيا آهن، دنيا جي ڪنهن به نظام ۾ هڪ طرفي فيصلي جو قانون ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته عدالتن ۾ رکي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان اڳ به رابطو هو، ججن کي خط لکيا آهن، عدليه ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي. عارف علوي چيو ته جن وٽ اختيار آهن اهي ڳالهيون ڪن. هي هڪ مصنوعي حڪومت آهي، مان ۽ منهنجا ساٿي نه ٿا سمجهن ته عرصو پورو ٿيندو.عارف علوي چيو ته هن وقت ٽي وي ڏسندڙن جو انگ گهٽجي ويو آهي، هو سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر چوندا آهن پر غزه بابت اسان کي سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستاني آهيون، فوج ۽ سمورا ادارا اسان جا آهن. عارف علوي چيو ته ووٽن تي نتيجو نه نڪرندو ته ماڻهو ٻيو رستو نه اختيار ڪن.  عمران خان هميشه چوندو آهي ته پرامن احتجاج ٿيڻ گهرجي ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. ان کان اڳ پاڪستان جو اڳوڻو صدر عارف علوي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو هو. عارف علوي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري ملاقات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.