سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب، 9 مئي سانحي خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪرايو ويندو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ سڏايو ويو آهي، اجلاس ۾ 9 مئي سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪراي ويندو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پاران اڄ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گھرايو  ويو آهي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس منجھند 2 وڳي شروع ٿيندو. جڏهن ته اجلاس ۾ 9 مئي سانحي خلاف قرارداد پڻ پاس ڪئي ويندي.

ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سعديه جاويد پاران سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ اهڙي قرارداد جمع به ڪرائي وئي آهي.

  1. ڪراچي مان 4 ورهين جي ٻارڙي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ،  عورت گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ جيڪسن انويسٽيگيشن پوليس لياري ۾ ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل ساڍا 4 ورهين جي ٻارڙي کي بازياب ڪري اغوا ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن  ضلعي ڪياماڙي توحيد رحمان ميمڻ موجب شب وقاص نالي شهري پنهنجي ساڍا 4 ورهين جي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس اڱاري تي داخل ڪرايو ۽ پوليس کي ٻڌايو ته اڻڄاتل عورت سندس ڌيءَ کي اسڪول مان کڻي وئي هئي. هن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن اندر جيڪسن انويسٽيگيشن پوليس اغوا ٿيل ڇوڪري جو پتو لڳائي ورتو ۽ لياري ۾ ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل ڇوڪري کي باحفاظت بازياب ڪرايو ۽ جوابدار ثمينه زال ڪامران کي گرفتار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.