شير افضل مروت پاران پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت سان ڪم نه ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شير افضل مروت اعلان ڪيو آهي ته هو پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت سان گڏ ڪم نه ڪندو. اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرافضل مروت چيو ته جيل اختياريون ملاقاتن ۾ رڪاوٽون وجهي سگهن ٿا يا جيڪي مٿي ويٺل آهن اهي به رڪاوٽ وجهي سگهن ٿا،هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ آيو آيس، پر مون کي به ملڻ نه ڏنو ويو۽ اڄ به ملاقات ناهي ڪرائي وئي. هن چيو ته منهنجي لاءِ پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ ضروري هو پر عمر ايوب ۽ شبلي فراز مون کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سعودي سفير جي اعتراض تي چيئرمين پي اي سي جي نامزدگي ختم ڪري سندس توهين ڪئي وئي، ان عهدي تي وڌيڪ دلچسپي ناهي. شير افضل مروت وڌيڪ چيو ته مونکي عهدن جي ڪا به لالچ ناهي، هن چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني لاءِ ٻاهر نڪتو آهيان، ، آزادي لاءِ نڪتو هئس،

هن چيو ته جنهن ايجنڊا لاءِ آءُ ٻاهر آيو  هئس اڄ اها ايجنڊا ختم ٿي چڪو آهي.هن چيو ته اهي ماڻهو قيادت ڪن آءُ انهن جي پيروي ڪندس، هو بيان ڏئي ڇڏين پوءِ آءُ انهن جو ڪچو چٽهو کوليندس. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.