پوليس سرپرستي ۾ ڪلپر بگٽين ۽ شرن ۾ قبيلائي جهيڙو نه ڪرايو

رپورٽون آهن ته اڄ ڪلهه پنجاب ۽ سنڌ جي سرحد جي علائقي ماڇڪو ۽ رانوتي ۾ پنجاب جي پوليس سان گڏ ڪلپر  بگٽي قبيلي جا ماڻهو ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن جنهن سبب سڄو علائقو جنگي صورتحال ۾ ورتل آهي. اصل ۾ اها ٽارگيٽيڊ ڪارروائي شر ڌاڙيلن خلاف ٿي رهي آهي.ڪلپر بگٽي جي هڪ سردار جو هڪ پٽ ڏوهارين جي هٿان مارجي ويو آهي جنهن جي پلاند ۾ پوليس سان گڏ ڪلپر بگٽي جا ماڻهو به هٿيار کڻي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ گڏٿي ويا آهن. هوڏانهن شر ڌاڙيلن جي ٽولي مان هڪ ڌاڙيل ويڊيو  بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن هي آپريشن بند نه ڪيو ويو ته مان بگٽي برادري جي پاڙي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪنهن کي به زمين آباد ڪرڻ نه ڏيندس ۽ شر برادري جي ماريل ڪجهه ڌاڙيلن جو پلاند وٺندس.“ مطلب ته ان ڌاڙيل ڪلپر بگٽي جي ڌر کي وچ ۾ نه جو چتاءُ ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جو جهيڙو پنجاب پوليس سان آهي، بگٽين سان ناهي. رپورٽون آهن ته ان ٽارگيٽ آپريشن ۾ شرن جا ڪجهه ڌاڙيلن مارجي به ويا آهن.

هوڏانهن اي ايس پي گهوٽڪي حامد امتياز جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ٻئي صوبي جي هٿياربند ٽولي کي گهوٽڪي جي حدن ۾ ڪارروايون ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي جيڪڏهن پنجاب پوليس اهڙو ڪم ڪم ڪري رهي آهي ته ان طرفان ڪو به سرڪاري پڌرنامو جاري ناهي ڪيو. هن چيو ته گهوٽڪي جي حدن ۾ ڪلپر بگٽي جي نوجوانن جو ڏوهارين هٿان قتل ٿيو هو جنهن ڪري علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي.

اها انتهائي حيرت جي ڳالهه چئبي جيڪڏهن ڌاڙيلن جي آپريشن هلندي ڪلپر بگٽين ۽ ڌاڙيلن شرن جي وچ ۾ قبيلائي جهيڙو شروع ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته ڌاريلن خلاف پوليس، فوج ۽ رينجرز کي ته آپريشن جو حق آهي ته پر جيڪڏهن ڪا غير سرڪاري وردي بنا ڌر يا قبيلو ڌاڙيلن کي مارڻ لاءِ هٿيار کڻي آپريشن ڪندي ته اهو معاملو ٻيو خوني رخ وٺندو جنهن کي قبيلائي جهيڙو چئجي ٿو. اهڙو انديشو ان حوالي سان پيدا ٿيو آهي جو ڪلپر بگٽين پنهنجي هڪ نوجوان کي ڏوهارين هٿان ٿيل قتل جي پلاند ۾ پوليس سان گڏ ڌاڙيلن جي ٽولي شرطن خلاف ڪچي ۾ هٿيارن سميت نڪري پئي آهي جنهن تي ڌاڙيلن چتاءُ ڏنو  آهي ڪلپر بگٽي جو قبيلو وچ ۾ نه پئي اسان ڄاڻون ۽ پوليس.

اسان ڌاڙيلن جي خلاف هلندڙ آپريشن جي خلاف ناهيون پر پاڻ کي ان ڳالهه تي اعتراض ضرور آهي ته پوليس بگٽي قبيلي کي ڌاڙيلن کان پلاند وٺڻ لاءِ ڇو پاڻ سان گڏ کنيو آهي. سڀاڻي شر ڌاڙيلن جي پلاند جو دائرو به قبيلائي ٿي سگهي ٿو. ڪلپر بگٽين کي اهو ته حق آهي ته اهي پنهنجي قبيلي جي نوجوان جي قتل خلاف قانوني رستو استعمال ڪن، ايف آءِ آر داخل ڪن ۽ پوليس کي اهو اختيار ڏين ته اها سندن نوجوانن جي قاتلن کي گرفتار ڪري  ساڻن انصاف ڪري پر اهو ڪنهن ريت به ممڪن ناهي ته ڪلپر بگٽي پاڻ هٿيار کڻي ڏوهارين يا ڌاڙيلن خلاف واردات ڪن.

پوليس کي ڪلپر بگٽي قبيلي جي تاريخي پس منظر جي به يقيني طور تي پروڙ هوندي ته اهو قبيلو پلاند وٺڻ ۾ هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿو. تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ته ڪلپر بگٽين هميشه پلاند ورتو آهي ايستائين جو انگريز سرڪار سان به وڙهي چڪي آهي. هاڻي به رپورٽن موجب موجوده هلندڙ آپريشن ۾ شرن جا ڪجهه ڌاڙيلن مارجي چڪا آهن جڏهن ته سندن چوڻ آهي ته اهي بگٽي نوجوان جي قتل ۾ ملوث ناهن پر هاڻي اهي ڪلپر بگٽين کان شرن جي قتل جو پلاند وٺندا.

سو ماڇڪو ۽ راونتي جي علائقين ۾ هلندڙ آپريشن کي نج پوليس ۽ ڌاڙيلن جي آپريشن تائين محدود ڪرڻ گهرجي. ان جي دائري کي قبيلائي جهيڙي جو رخ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته گهوٽڪي پوليس جي ان اعتراض جو به جائزو وٺڻ گهرجي ته ماڇڪو ۾ هلندڙ آپريشن ۾ واقعي به پنجاب جي پوليس ملوث آهي يا بگٽين جو قبليو پوليس وردي ۾ پلاند وٺڻ لاءِ نڪتو آهي.

اسان جو خدشو به رڳو ان حد تائين آهي ته ڪٿي ڌاڙيلن خلاف اهو آپريشن قبيلائي جهيڙي جي شڪل اختيار نه ڪري وڃي ان کي خالص پوليس آپريشن تائين محدود ٿيڻ گهرجي ۽ پوليس کي پنهنجي سرپرستي ۾ ان آپريشن کي قبيلائي جهيڙي جو رخ نه ڏيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ پوءِ اهو جهيڙو قبيلائي ٿي ويندو ۽ ان نتيجي ۾ بي گناهه ماڻهو مارجي ويندا ۽ ايئن اها قبيلائي ويڙهه ٻن قبلين ۾ جنگ جي شڪل وٺي ويندي.

 

ملڪ جي وڏن ادارن کي مصلحتن کان آجو ٿيڻو پوندو

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لڳي ايئن ٿو ڄڻ جنرل فيض کي آجو ڪرڻ لاءِ سڀ ڪيو ويو. هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي ها ته 9 مئي جا واقعا نه ٿين ها. رپورٽ مان مايوسي ٿي،اهڙو ريمارڪ هن پنهنجي سربراهي ۾ قائم  سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جي فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. هن اهو به چيو ته اسان ڪميشن جي رپورٽ منظور ناهي ڪئي سرڪار جي مرضي آهي ته ان کي پبلڪ ڪري يا نه. هوڏانهن راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل احمد شريف چوڌريءَ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي جي صورتحال بريفنگ ڏيندي 9 مئي واري واقعي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 9 مئي جي واقعن جي ذميوار کي سزا ڏيڻي پوندي وٽن هڪ ئي رستو آهي ته اهي رياستي تشدد تي معافي وٺن.

اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ هجي يا آءِ ايس پي آر جو ادارو هجي يا ملڪ جا جيڪي به وڏا ادارا هجن تن کي مصلحتن کان آجو ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جيڪو انصاف ۽ ميرٽ جو ادارو آهي سو ئي فيض آباد ڌرڻي واري ڪميشن جي رپورٽ تي مطمئن نه هجي ته باقي ڇا بچيو! سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اجو اهو بيان به انتهائي معنيٰ جوڳو  آهي ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي ها ته 9 مئي جا واقعا نه ٿين ها، ان جو مطلب ٿيو ته ٻنهي واقعن يعني فيض آباد واري ڌرڻي ۽ 9 مئي واري واقعي جا پيرا هڪ ئي پاسي وڃن ٿا پر انهن معاملن کي هڪڙين مصلحتن سبب پردو وڌو وڃي ٿو.

سو جيستائين هن ملڪ کي آئين، قانون ۽ انصاف کي بالادست نه ڪيو ويندو ۽ هڪڙين مصلحتن ۽ مجبورين کان ڪم ورتو ويندو ۽ پوءِ هي ملڪ سڌي سنئين رستي تي نه هلي سگهندو. هن ملڪ کي هڪڙين سامراجي، سياسي ۽ اقتداري مفادن کان هٽي ڪري نج آئيني، قانوني، پارلياماني  ۽ جمهوري روح تحت هلائڻو پوندو. ٻيو جيڪو به رستو اختيار ڪيو ويندو يا ڪيو پيو وڃي سو ڪنهن ريت به درست ناهي. سو ڪوشش ڪجي ته ملڪ کي درست رستي تي هلائجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.