امڪان جي سرحد

تحرير:امر جليل

اڄ مان توهان کي پراڻي دور جي هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ وڃي رھيو آهيان، ھونئن منهنجو ارادو ڪٿي  وڃڻ جو ناهي، مان خير سان هتي ئي رهندس ۽  توهان کي هڪ پراڻي ڪهاڻي ٻڌائيندس.چوڻ  لاءِ ته مان چئي ڇڏيو آھي تھ توهان کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ وڃي رھيو آهيان، توهان کي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مون کي ڪٿي وڃڻ جي ضرورت ناهي. مان هڪ ٻه ننڍڙيون وضاحتون ڪري ڇڏيان، هيءَ ڪهاڻي اڳاٽي وقت جي ڪهاڻي آهي، پراڻي ڪھاڻي آھي پر ايتري پراڻي ناهي جو ڪھاڻي تي اوهان ان کي موهن جي دڙي جي دور جي ڪهاڻي جو گمان ٿيڻ لڳي. هيءَ ڪهاڻي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ جي ڪهاڻي آهي،وسريل وساريل دور جي ڪهاڻي نھ آھي.موٽر گاڏيون، جهاز،ريل گاڏيون،انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون ڏسي متان سوچيو تھ هي دور ترقي يافته دور آهي ۽ اسان پوڙهن ناخواندھ، ناخبري۽ بي خبري ۽ لاعلمي جي دور ۾ زندگيءَ جي ڏينھڙا گذاريا آهن. اسان جي دور ۾ سو گراهم بيل نالي هڪ ماڻهو ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو، توهان جي هٿ ۾ جيڪو موبائل فون آهي، گراهم بيل جهڙن ماڻهن جي ڪري آهي. نھ تھ توھان اڄ بھ ڪن تي هٿ رکي رڙيون ڪري رھيا ھجو ھا.”الله رکي تِسِي ڪٿي او ڀرائووو ؟ پراڻي دور جا اسين ماڻھو بنا ڪنھن ٻڏتر جي،بنا ڪنھن جھجڪ جي ٽيڪس ڏيندا ھئا ۽ ٽيڪس وٺندا ھئا، ٽيڪس ڏيڻ ۽ ٽيڪس وٺڻ ۾  هڪ ٻئي کي چڪر نه ڏيندا هئاسين. اسان ڄاڻندا ھئاسين  ته ملڪ قرضن ۽ امدادن سان نٿو هلي.ملڪ اسان جي ۽ توهان جي ٽيڪسن سان هلي ٿو.ان ڳالهه جو علم انھن ماڻهن کي  پاڻ بھ ٿي ويو ھو  جن ماڻھن کي  اسان پنھنجو ووٽ ڏئي اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ ويهاريندا هئاسين. اهي ماڻهو ڳالھائيندا هيا، مطلب جي ڳالهھ ڪندا هئا ۽ مطلب جي ڳالھھ ٻڌندا هئاسين. جن ماڻهن کي پنھنجي ووٽن سان اسان اسيمبلي جو ميمبر بڻائندا ھئاسين،انھن ماڻھن جي چاچن، مامن، نڻائن، ڀاڄائين، ڌيئرن، پٽن ۽ ڏوھٽن کي ووٽ ڏئي ڪڏھن بھ اسيمبلي جي ايوانن جي شڪل ڏسڻ نھ ڏيندا ھئا.اسان پنھنجي دور ۾ ڪڏھن بھ ڪٽنبن کي اسيمبليءَ ميمبر ٿيندي نه ڏٺو.ڪٽنب کاڌي جي ميز تي ماني کائيندي ملڪ جي تقدير نه ۾ ردوبدل نھ ڪندا ھئا.اهو سڀ ڪجهه اوھان  جي جديد دور ۾ ٿئي ٿو،اسان جي پٺتي پيل دور ۾ نه ٿيندو هو.

اسان پٺ تي پيل ھوندا ھئاسين،پر احمق نھ ھوندا ھئاسين،فقيرن جو صفا آسان فلسفو آھي جيڪو ڪجهھ اوھان پنھنجي ترقي ڪيل دور ۾ ڏسي رھيا آھيو،جنھن جو حظ اڄ توھان وٺي رھيا آھيو،ان جي ابتدا اسان جي دور ۾ ٿي ھئي،اڄ اوھان جيڪو چونسھ انور رٽول ۽ سنڌڙي انبن  مان لطف اندوز ٿي رھيا آھيو.انھن جو  ٻج اسان جي پٺتي پيل دور ۾ پوکيو ويو هو.

ھڪ اھم ڳالھھ ڏانھن اشارو ڪري رھيو آھيان،بلڪھ ان اھم ڳالھھ جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان ڪارنامي سان  اسان جي ماضيءَ جي پٺتي پيل دور جو، دور دور جو واسطو نھ آھي. اسان ڪنھن اداري يا دوست ملڪن کان قرض نھ وٺندا ھئاسين،قرض وٺڻ بعد بگل نھ وڄائيندا ھئاسين،ڀنگڙا نه وجھندا هئاسين. قرض ملي وڃڻ کانپوءِ پاڻ کي سربلند محسوس نھ ڪندا ھئاسين، توهان جڏھن دوست کان قرض وٺندا آھيو تھ دوست جا دوست نھ رھندا آھيو،اوھان پنھنجي دوست جا قرضي ٿي ويندا آھيو،اسان اھو ڪم نھ ڪندا ھئاسين.سچي ڳالھه ته ھي آھي تھ اسين پاڻ ڪفيل ھوندا ھئاسين،

اسين پراڻي دور جا ماڻھو ڦني خان نھ ھوندا ھئاسين، سنڌ ۽ پنجاب، جيڪي هاڻي پاڪستان جو اٽوٽ انگ آهن، ايتري ڪڻڪ ۽ چانور پيدا ڪندا هئا، جو اسين  معاشي طور بدحال ملڪن کي امداد ۾چانور ۽ ڪڻڪ ڏيندا هئاسين. اسان ماضيءَ جا اڻ پڙهيل ماڻهو اھو تصور بھ نھ ڪري سگهندا هئاسين ته اسين پاڻ ھڪ ڏينهن داڻي داڻي جا محتاج ٿي وينداسين ۽ امداد ۾ دنيا کان ڪڻڪ ۽ چانورن جي پن پندا، ڦرنداسين.

اھڙو ھوندو ھو اسان جو پٺتي پيل دور .مان پنھنجي پٺتي پيل دور جي ڀيٽ اوھان جي ترقي يافتھ دور سان ڪرڻ جي جسارت نٿو ڪري سگھان۽ نھ ئي مون پنھنجي پٺتي پيل دور جو دفاع ڪيو آھي.مان ڪھاڻي شروع ڪرڻ کان اڳ رڳو ايترو عرض ڪري ڇڏڻ ضروري ٿو سمجھان تھ تڏھن اسان نوان نوان وجود ۾ آيا ھئاسين،وسيلا محدود ھئا،

اسان وٽ ايٽم بم نه هوندو ھو، پوءِ به اسين خوش ھئاسين،خود ڪفيل ھئاسين،ڪجهھ بھ امڪان کان ٻاھر ڏسڻ ۾ نھ ايندو ھو،ڪجهھ نھ ھوندي بھ اسان وٽ وافر مقدار ۾ گھڻو ڪجھه ھو،اهڙي ئي ھڪ حيرت انگيز دور ۾ ھن ڪهاڻي جنم ورتو ھو.اھڙيون ڪھاڻيون اھڙن دورن ۾ جنم وٺنديون آھن،جڏهن اسان امڪان جي حدن کي پار ڪرڻ جو ارادو ڪريون ٿا، هاڻي مسئلو ڪجهھ ھئين آهي ته ڪهاڻي ڊگهي آهي ۽ اوهان کي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ جاءِ محدود آهي،فوري طور ته مان توهان کي ڪهاڻي جي شروعات ٻڌائي ٿو ڇڏيان،مڪمل ڪھاڻي وري ٻيھر ڪڏھن اوھان کي ٻڌائيندس.

بي وقت ڊاڪٽر مرشد جو فون آيو، مون چيو ، خيريت ڊاڪٽر ؟ ڊاڪٽر مرشد منهنجو معالج آهي، منھنجو دوست بھ آھي.ڊاڪٽر  پڇيو، ”تون اڪيلو آهين، يا تنهنجو ڪو جاڙو ڀاءُ بھ آهي؟“مخوليا بڻجڻ جي ڪوشش ڪندي مون چيو ”مان پنهنجي مرحوم والدين جي پهرين ۽ آخري نشاني آهيان، هن دنيا کي اڪيلو ڀوڳڻ جي لاءِ پئدا ٿيوآهيان.“ڊاڪٽر مرشد چيو . توهان اچي  سگھو ٿا ؟ گھڙي ڏسندي مون پڇيو، ھن وقت ؟ ھا،ھاڻي ۽ ھن وقت. ڊاڪٽر مرشد چيو. "ڪجهه ماڻهو ڪوما ۾ پيل ھڪ شخص کي اسپتال ۾ڇڏي ويا آهن.ڪوما ۾ پيل شخص ھوبھو توهان جھڙو ئي آھي “.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.