9 مئي وارو واقعو ۽ حالتن جي گهرج

تحرير: طلحه تنوير

9 مئي سانحي کي ھڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي، ھي اهو الميو آهي، جڏهن هڪ مخصوص سياسي جماعت بيگناهه ماڻهن کي گمراهه ڪري، فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت مان قيمتي سامان چوري ڪيو لاهور ۾ قوم جي تاريخي بابا جي رهائشگاهه کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ملڪ دشمن عناصر عوام ۽ فوج جي وچ ۾ نفرت جا ٻج پوکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر محب وطن قوم فوج سان گڏ بيٺي. 9 مئي جي واقعي کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ٿيو ۽ پاڪستان جي عوام پنهنجي اتحاد ۽ استحڪام جو مظاهرو ڪيو. گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿيو آهي. حڪومتي ۽ فوجي ڪوششن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي کي هٿي ڏني آهي. ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مافيائن، اسمگلنگ ۽ منشيات فروشن خلاف مختلف آپريشن ڪيا ويا آهن.

اهو ئي نه پر پاڪ فوج دهشتگردي خلاف به موثر ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ غير قانوني افغانين کي سندن وطن واپس آندو ويو آهي. ملڪ جي عوام ۽ فوج جي مدد سان پاڪستان دشمن کي ڏيکاريو ته اها هڪ مضبوط ۽ قابل قوم آهي، جيڪا ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏئي سگهي ٿي. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان مختلف عالمي ملڪن مان به سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪيو آهي ۽ هاڻي هڪ روشن مستقبل جو منتظر آهي. پاڪستاني عوام ۽ فوج جي محنت ۽ جدوجهد سان ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي. اڄ به ملڪ ۾ مختلف عنصر عوام ۽ فوج ۾ بي اعتمادي پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

9 مئي سانحي جي ماسٽر مائينڊن، سازش ڪندڙن، سهولتڪارن ۽ شرپسندن کي معافي ڏيڻ بجاءِ ذميوارن کي سزا ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ اهڙن گروهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به گروهه سياست جي آڙ ۾ قومي سلامتي کي داءَ تي لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.