زراعت ۽ ڪڻڪ جي فصل ڏانهن حڪومتي بي ڌياني

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

سياڻن جوچوڻ آھي ته ڪڏھن ڀريءَ ۾ته ڪڏھن ڀاڪر۾۔گذريل سال کان اڳ۾ڪڻڪ جوفصل گھٽ ٿيڻ ۽ پاڻيءَ  جي کوٽ جي ڪري پيداوارگھٽ لھڻ ڪري ملڪ ۾اناج جي کوٽ ٿي پئي ھئي جنھن ڪري عوام۽ حڪومت ٻئي پريشان ھئا۔تنھن ڪري اٽي۽مانيءَ  جو اگھه مھانگوٿيڻ ڪري ھرماڻھو خاص ڪري پورھيت ۽ ڏھاڙيدار طبقو پريشانين جي ور چڙھي ويوھيو۔ ڪي مسڪين ته بک تي ويلا ڪاٽڻ لڳا ھئا۔ذري گھٽ حالتون انساني حادثي جھڙيون ٿي ويون ھيون۔جنھن جو وقتي حل حڪومت ڪڻڪ مھانگي اگھه تي ٻاھران گھرائي پورت ڪئي۔وڏي ويچار کان پوءِ  ڪڙمين کي ٻج ڀاڻ ۾رعايت ڏيئي ڪڻڪ جي پوک جي ايراضي وڌرائي وئي۔

ٻيوته گذريل سال کان ڪڻڪ جوامدادي اگھه وڌائي زميندارن ۽ ھارين جي حوصلا افزائي ڪئي وئي پر  حڪومتي رعايت ۽ امداد جو فائدو ھاريءَ  بجاءِ  وڏي زميندار ۽ اثر رسوخ واري وچ واري واپاري ۽آڙھتيءَ  کي پيو۔اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي ته ملڪ جي آباديءَ  جواسي سيڪڙوعوام زراعت سان لاڳاپيل آھي۔جنھن مان سٺ سيڪڙو بي زمين ياگھٽ زمين رکڻ وارو ھاري آھي۔باقي ويهھ سيڪڙو زميندار ۽ جاگيردار آھن۔جن ۾زرعي مزدور به شامل آھن۔حڪومتي زرعي رٿائن جي ڀلائي جا فائدا به سڌي يااڻ سڌي طرح گھڻي زمين ۽ اثر رسوخ رکڻ واري زميندار کي پون ٿا۔انھن فائدن۾زرعي قرض جنس جي خريداريءَ  لاءِ  باردانو ٻج ۽ ڀاڻ جا اگھن جا فائدا جنس جي سرڪاري اگھه تي خريداريءَ  جوفائدو به وڏي زميندار کي پوي ٿو۔زمين جي مالڪي ھجڻ ڪري زمينداري حصي جا خرچ ته زميندار کي کيسي مان ڀرڻ بجاءِ  زمين مان نڪرن ٿا۔جڏھن ته ھاريءَ  جي حصي جوخرچ سندس محنت۽مزدوريءَ  مان ٿيل اپت مان ڪٽجي وڃي ٿو۔اھڙي طرح ھاريءَ  لاءِ  پڙ پالھو ٿي وڃي ٿو۔ڪڏھن ڪڏھن ته ٻارکڄڻ وقت حساب ڪتاب کانپوءِ  ھاريءَ  کي رڳو بوڇڻ ڪلھي تي به رکڻوپوندوآھي۔

ھاريءَ  جو ان ڏينھن کان زميندار کان احسان طور اوڌر جوسلسلو شروع ٿي وڃي ٿو۔اھڙي طرح ھاري نسل درنسل زميندار ۽ واپاريءَ  جوقرضدار رھندي وقت گذارڻو پوي ٿو۔اھا ڳڻتي ڪلھي تي کڻي سڄي عمر ڪاٽي ٿو۔انھن حالتن ۾زمين کيڙيندڙ ھر وقت خساري ۾رھي ٿو۔زميندار واپاري آڙ ھتي  ۽شگرملن جا مالڪ بنئڪن ۽ ادارن مان قرض به ھارين جي نالن تي کڻندا آھن۔جن جي عدم ادائگيءَ  تي ڪيس ۽ جيل وري به ھاري ڀوڳيندا آھن۔ زميندار آجائيءَ  جو سندون روينيو ۽ مالي ادارن کان وٺي وڪيلن معرفت ادارن ۾پيش ڪري آجا ۽ صاف سٿرا ٿي ويندا آھن۔ان ٻٽي استحصال مان آجو ٿيڻ ھاريءَ  جو موجوده قانونن مطابق نھايت ئي ناممڪن آھي۔انھيءَ  لاءِ  زرعي سڌارن ٿيڻ جو نھايت ضروري آھي۔جنھن ۾ھارين جي روينيو ۽ زراعت کاتي ۾رجسٽريشن ڪري کين ھاري ڪارڊ ڏنا وڃن۔جنھن تحت زراعت ۾نقصان جي صورت ۾سرڪار پاران کين سڌيءَ  طرح امداد ڏني وڃي۔انھيءَ  ڪارڊ جي بنياد تي جنس خريد ڪرڻ ياوڪروڪرڻ کي اھميت ڏني وڃي۔ ھينئر جيڪا به سرڪاري امداد ملي ٿي اھا زمين جي مالڪيءَ  جي بنياد تي ڏني وڃي ٿي۔جنھن جو سڌوسنئون فائدو صرف زميندارکي پوي ٿو۔جڏھن ته زميندار جوتعداد ڏھ سيڪڙو به مس آھي۔جڏھن ته سٺ سيڪڙوبي زمين ھاري ۽ زمين جواصل کيڙيندڙ جنھن جو اڌ نقصان ٿيل ھجي ٿو۔اھوڪنھن به سرڪاري سھڪار ۽ مدد کان بلڪل محروم رھجي وڃي ٿو۔موجوده زمين جي ورھاست ۽ حد بنديءَ  جي صورت ۾ھر پاسي کان زميندار ورسائجي رھيو آھي۔

صدين کان ھاري محروم کان محروم طبقو رھيوآھي۔اھڙي طرح سماجي۽معاشي وڇوٽيون پيداٿي انساني نفرت۽ويڙھاند کي جنم ڏين ٿيون۔ھينئر موجوده حالتن ۾سماجي ۽ معاشي انصاف جي اھا تقاضا آھي ته زرعي وسيلن جي منصفانه ورڇ لاءِ  نوان قائدا ۽ قانون جوڙي معاشري۾سنوت آندي وڃي۔اھوھروڀروقدرتي قانون ڪونھي ته جيڪو ڏاڍو ۽ طاقت ور آھي خدا جي دنيا ۾زمين رکڻ جو حق به ان کي آھي۔جيڪو جيتري کيڙي سگھي ان وٽاوتري زمين ھجڻ گھرجي۔اھو فطرت جي خلاف آھي ته جيڪوکيڙي اھو بک تي ٻچا سمھاري ۽ جيڪو ڪک ڀڃي ٻيڻونه ڪري ان جا ٻچا اوڳريون ڏيندا وتن۔

گذريل سال ڪڻڪ جي اگھه ۾واڌاروٿيڻ ڪري عام ھاريءَ ۾اھا امنگ پيدا ٿي ھئي ته اگھه جي واڌاري جو فائدو کيس به پوندو۔پرکيس اھا خبر دير سان پئي ته خوراڪ کاتي واپاري زمينداري ۽ سياسي رشوت خوريءَ  جي ھڪ پل صراط آھي جيڪا کيس پار ڪرڻي آھي۔اتي به ھاريءَ  جو استحصال ٿي رھيوآھي۔قانون آھي ته سرڪار انکان ڪڻڪ وٺندي جنھن وٽ سرڪاري باردانو ھوندو۔ھاڻي ڪڙميءَ  وٽ نه ھوندو باردانونه وري وڪامندوسندس ان۔مجبور ٿي بي زمين ھاري پنھنجو ان خانگي دڪان ۽ واپارين کي وڪڻڻ لاءِ  ان اتي کڻي ويندو۔جتي سندس ابتي کل لاٿي وڃي ٿي۔ھڪ ته اگھه چئن ھزارن مان ٽي ھزار في ٻوريءَ  تي ھڪ ڪلو ڪڻتو۽توربه مرضيءَ  جي آھي۔جيڪڏهن اھو رواج ڪڙميءَ  کي قبول آھي ته ٺيڪ نه ته کڻ ان واپس ڪرايو به ڪڙميءَ  جي ڳچيءَ ۾ ۽ قرضي به ڪڍ ھوندس۔ھڪ ته ھاري ڇڙوڇڙآھي۔ھاري اتحاد جو وجود ڪونھي۔جيئن پنج سيڪڙو سرمائيدار پندرنھن سيڪڙو صنعتي مزدورجي محنت تي پلجي ماڙٿئي ٿو۔مگرصنعتي مزدور پوءِ  به يونين سازيءَ  جي زور تي ڪجھه  نه ڪجھه  حق حاصل ڪري وٺن ٿا۔پر ھاريءَ  وٽ اھوحق به نه ھجڻ برابر آھي۔جيڪڏهن  ڪو ھاري حق جي ڳالهھ ڪري ٿوته زميندارکانئس ھارپي جوحق کسي ٿو وٺي ۽ ھاري بيروزگار ٿيو وڃي۔زميندار جي بيگار ھاريءَ  کي الڳ وھڻي پوي ٿي۔جنھن ۾گاهه ڪرڻ ڪتر ھڻڻ مال چارڻ ۽ ٻيو ڪم ڪار به بنا اجوري ڪرڻو پوي ٿو۔اھڙين حالتن ۾ھاري ٻٽي عذاب ۾ڦاٿل آھي۔اڄڪلھه ھاريءَ  لاءِ  ڪڻڪ جو فصل سھيڙڻ مسئلو ٿي پيو آھي۔ڪٿي خريداري مرڪز بند آھن ڪٿي خريداري نٿي ڪئي وڃي ڪٿي واپارين کي ٻه سؤ چار سؤ روپيا في ٻوريءَ  جي حساب سان وڪرو ڪيون ٿيون وڃن۔ان طرح سان ورتل مرڪزن جي رقم جو پورائو ڪيو ٿو وڃي۔وڏن ماڻھن ڪامورن زميندارن سياسي اثررسوخ وارن کي باردانوگھر ويٺي مليو وڃي ٿو۔پوءِ  انھن لاءِ  ته سڀ صحيح لڳو پيوآھي۔جنھن در دانھن ڏيڻي آھي اھي در خوراڪ کاتي وارا ھٿن جي صفائيءَ  سان اڳئي بند ڪرائي چڪا آھن۔ھاري ويچارا ڪنھن در ڏين دانھڙي۔خوراڪ کاتي جا مرڪز وڪامڻ جون ڳالھيون به زبان زد عام آھن۔ورنه سرڪارفيل مست آھي ۔ڪجھه  ڪلاڪن ۾پنھنجن حڪمن تي عمل ڪرائي سگھي ٿي۔ھروڀروھن سلسلي ۾ڪن لاٽارڪري سرڪار بدناميءَ  جوباعث بڻجي ٿي۔ڪجھه  آڱرين تي ڳڻڻ جيترين ڌرين  کي راضي ڪرڻ لاءِ  راڄن کي رڙيون ڪري رئارڻ ڪٿان جي عقلمندي ۽ انصاف آھي۔

حڪومتن جي ھونئن به اھا عادت رھي آھي ته راڄ آھي ڀاڳ چند ڏينھن رڙيون ڪري خاموش ٿي ويندو۔اوڻي پؤڻي اگھه تي ان وڪڻي ھٿ خالي ڪري ويھندو۔ھاڻي ٿيندو ايئن ته مھيني ٻن کان پوءِ  سرڪاري۽خانگي گودام بندٿي ويندا۔ساڳيو ذخيره اندوزيءَ ذريعي ان جي کوٽ پيدا ڪري ان پنجين ھزارين روپين مڻ وڪڻندا ۽ پوءِ وري اٽو مھانگو ماني مھانگيءَ  جون صدائون لڳنديون۔عوام ساڳيوئي آزار۾ھوندو۔سستي ڪڻڪ منافعي خورن کي ڏياري ٻاھران مھانگي ڪڻڪ گھرائي عوام جورت وھايو ويندو۔

وقت جي تقاضا آھي ته ليبر ڪورٽن جيان ھاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن۔جيئن ھارين سان ڪجھه  انصاف ٿي سگھي۔ في الحال خريداري مرڪزن جا دروازا کولرائي عام ھاريءَ  کان به ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي۔ورنه موسميات کاتي وارن جا اطلاع آھن ته ڳڙي سان برساتون آسپاس ٿيون ڦرن۔ايئن نه ٿئي جوھارين جي ڪيل ڪمائي تي پاڻي هارجي وڃي ۽ ملڪ ۾ڪوخوراڪ جو بحران پيدا ٿي پوي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.