پنھنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب

تحرير:ڄام صنم سنڌي

گھڻو ڪري انسان جن تڪليفن، اذيتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندو آھي ته ان جو سڄو ذميوار ٻين کي سمجھندو آھي نه ته ڀاڱي ڀائيوار ته ضرور مڃيندو آھي ڪڏھن به سڀني مصيبتن جي ميار پاڻ مٿان قبولڻ لاءِ تيار ناھي ھوندو ڇو ته ھو سمجھندو آھي ته ڀلا مان پاڻ کي پاڻ ڪنھن مشڪل يا مصيبت ۾ ڪيئن ٿو وجھي سگھان؟ جڏھن ته نوانوي سيڪڙو تڪليفون ۽ ڏک انسان پنھنجي لاءِ پاڻ خريد ڪندو آھي. اسين سڀ ملڪ جي بدترين حالتن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جو ذميوار ھر وقت حڪمرانن کي سمجھندا، کين پٽون پاراتا ڏيندا ۽ پنھنجي بد نصيبي ۽ بد حاليءَ جو سڄو ڏوھ انھن کي ڏيندا آھيون پر ڪڏھن به اھو ناھيون ڏسندا ۽ سوچيندا ته اھو سڀ اسان سان ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿي رھيو آھي.

مون کي ھڪ بادشاھ ۽ ٻھاري دار  جو قصو ياد اچي رھيو آھي جيڪو اسانجي قوم کي سمجھاڻيءَ لاءِ ڪافي آھي ھڪ ڀيري ھڪ نيڪ دل بادشاھ عوام جي افعالن کان تنگ ٿي پنھنجي سلطنت ۽ سڀ ڪجهھ ڇڏي پري وڃڻ لڳو وزير کي چيائين تون ڄاڻ ۽ عوام مان وڃي رھيو آھيان. بادشاھ سان گڏ سلطنت ۾ ٻھاري دار  ٻالو به گڏ ھلڻ لڳو بادشاھ چيس خبر ناھي مان ڪٿي وڃان ۽ ڪٿي ڪٿي جا ڌڪا کائيندو رھان تون مون سان ھلي پاڻ کي ڇو ٿو رولين؟ ٻھاري دار  چيس بادشاھ جيسين اوھين ھن سلطنت جا مالڪ ھئا ته اوھان جي خدمت ڪيم ھاڻي ڪيئن اوھان کي ڇڏي ڏيان باقي زندگي به اوھان جي خدمت ۾ گذاريندس نيٺ ٻئي گڏ گڏ ھلندي ٻئي ملڪ پھتا اتي جو بادشاھ فوت ٿي ويو ھو ۽ نئين بادشاھ لاءِ چونڊ ٿيڻي ھئي جنھن جو طريقو اھو ھو ته سڄي ملڪ جو عوام ھڪ وڏي ميدان ۾ گڏ ٿيندو ۽ پوءِ ھڪ پکي اڏايو ويندو ھو اھو پکي جنھن جي مٿي تي ويھندو ھو ان کي نئون بادشاھ بڻايو ويندو ھو. نيڪ دل بادشاھ ٻھاري دار  کي چيو ھل ته اسين به ھلي ٿا اھو تماشو ڏسون ته ڪير ٿو بادشاھ ٿئي؟ سڀ ماڻھون ھڪ ھنڌ گڏ ٿيا بادشاھ ۽ ٻھاري دار  به انھن ۾ ھئا ھڪ پکي اڏايو ويو جيڪو ميدان جا چڪر ھڻي وڃي ٻھاري دار  جي مٿي تي ويٺو وزيرن ۽ عوام اچي ٻھاري دار  کي تاج پارايو ان نيڪ دل بادشاھ کي چيو ته اوھان به مون سان گڏ ھلي محل ۾ رھو پر بادشاھ چيس نه مان ان شاھاڻي زندگيءَ مان بيزار ٿي چڪو آھيان مان محل ٻاھران ھڪ جھوپڙيءَ ۾ رھندس ٻھاري دار  چيو ٺيڪ آھي مان ڏينھن جو بادشاھت ڪندس ۽ رات جو اوھان سان گڏ رھندس. ٻھاري دار  جي حڪومت جو پھريون ڏينھن ھو درٻار لڳل ھو ھڪ فريادي آيو ۽ چيائين فلاڻي ماڻھوءَ منھنجي چوري ڪئي آھي. ٻھاري دار بادشاھ چور کي پڪڙڻ جو حڪم ڏنو يڪدم چور کي آندو ويو ته ٻھاري دار بادشاھ حڪم ڏنو ته چور ۽ ڀاڳئي ٻنھي کي ويهھ ويھه ڪوڙا ھنيا وڃن. سڀ اچرج ۾ اچي ويا پر بادشاھ جو حڪم ھو سو عمل ڪيو ويو ٿوري دير ۾ وري ٻيو فريادي آيو ته فلاڻي مون کي ماريو آھي ٻھاري دار بادشاھ وري ساڳيو حڪم ڏنو ته ظالم ۽ مظلوم ٻنھي کي ويھه ويهھ ڪوڙا ھنيا وڃن ڏينھن ۾ جيتريون به فريادون آيون سڀني لاءِ ان ساڳيو حڪم ڏنو.

رات جو جڏھن ٻھاري دار بادشاھ، نيڪ دل بادشاھ جي جھوپڙيءَ ۾ آيو ته ان چيس تون اھو ڇا ڪري رھيو آھين سڀ دانھون ڪري رھيا آھن ته ڏاڍو ظالم بادشاھ آھي ٻھاري دار  بادشاھ، اصل بادشاھ کي جيڪو جواب ڏنو اھو قابل غور ۽ قابل فڪر آھي ان چيو ”بادشاھ سلامت جيڪڏھن ھن قوم کي نيڪ، سٺي، رحمدل ۽ ايماندار بادشاھ جي ضرورت ھجي ھان ته اھو پکي منھنجي مٿي تي ويھڻ بجاءِ اوھان جي مٿي تي اچي ويھي ھان، جھڙي ھيءَ قوم آھي انھن کي اھڙو ئي حڪمران مليو آھي“ ھاڻي اوھان فيصلو ڪيو ته اسان وٽ حڪمرانيءَ جو پکي جن جي مٿي تي اچي ويھي ٿو ڇا اسين انھن کان مختلف آھيون يا پکي اسان جا افعال ڏسي اسان لاءِ به اھڙو ئي حاڪم ٿو چونڊي جھڙا اسين آھيون؟ جيڪڏھن اسين چاھيون ته اسان وٽ ايماندار، سچو ۽ عادل اڳواڻ چونڊجي ته پوءِ پھرين اسان کي پاڻ کي بدلڻو پوندو ڇو ته خدا به ان قوم جي حالت نٿو بدلي جيڪا پنھنجا حالات بدلڻ نٿي چاھي ھاڻي اھو اسان تي منحصر آھي ته اسين سڀ گڏجي پنھنجا حالات ٿا بدليون يا پنھنجي وڍيءَ تي ويھي طبيب لاءِ واجھائي روئندا ٿا رھون؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.