مورو ( ن ع آ ) مورو ويجھو ڳوٺ دليل زرداري مڪراري ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو علي دوست ولد محمد زرداري مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي پاسي پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار ڄاڻايل حسين زرداري کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو، هڪ ڄڻي جي مارجي وڃڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل آھي.