ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سالياني امتحان ۾ اميدوارن جي عمر ۾ رعايت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .عدالت سنڌ حڪومت، ايس پي ايس سي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي .چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته جيڪڏهن امتحان جي تاريخ جو اعلان ڪري اوچتو ملتوي ڪيو وڃي ته ڇا عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي.چيف جسٽس عقيل احمد عباسي وڌيڪ چيو ته ٻن سالن کان امتحان جو اعلان ئي نه ڪيو ويو آهي ته عمر جي حد ڪئين معاف ٿي سگهي ٿي؟ درخواستگذار چاند بي بي جي وڪيل چيو ته عدالت ايس پي ايس سي کي هر سال امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.ان باوجود ايس پي ايس سي هر سال امتحان نه وٺندي آهي، امتحان آخري ڀيرو 2021 ۾ ورتو ويو هو،درخواستگذار چاند بي بي جي وڪيل چيو ته 2022ع ۾ به امتحان نه ٿيو پر اميدوارن تياري جاري رکي.پوءِ امتحان 2023 ۾ ورتو ويو ۽ عمر جي حد 30 سال مقرر ڪئي وئي.درخواستگذار چيو ته 2022ع ۾ تياري ڪندڙ اميدوارن کي عمر جي ڪري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني وئي.انهن اميدوارن جو ڪهڙو قصور، انهن به تياري ڪئي هئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي ايس سي پاڻ 2022 ۾امتحان نه ورتو هو، انهن اميدوارن کي عمر ۾ 2 سالن جي رعايت ڏني وڃي. سرڪاري وڪيل چيو ته امتحانن جو اعلان تڏهن ڪيو ويندو آهي جڏهن ملازمن جي ضرورت هوندي آهي.