سياسي ڳالهيون، سياسي ماڻهن سان ڪرڻ گهرجن

تحرير: ذلفي چاچڙ

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شهريار خان آفريدي چيو آهي ته اسان نواز ليگ جي بدران ملڪ جي طاقت ور ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ان سان گڏ هُن اهو پڻ اعتراف ڪيو ته عمران خان اڳ به ساڻن ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون پر انهن ڪا لچڪ نه ڏيکاري.

هونئن ته سياسي ۽ ملڪي معاملن ۾ طاقت ور ماڻهن جي سدائين ضرورت کان وڌيڪ مداخلت رهي آهي، جنهن سبب ملڪ مسئلن جو ڳڙهه ۽ دنيا جو مقروض بڻجي چڪو آهي. مسئلن جي ان ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر ماڻهو ۽ ادارو پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي پنهنجو پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري ته جيئن ملڪ مڙني مسئلن کان آجو ٿئي ۽ ملڪ جي عوام کي ڪو سڪون جو پل نصيب ٿئي.

ملڪي تاريخ ۾، غير سياسي ماڻهن جي سياسي معاملن ۾مداخلت کي هميشه لاءِ روڪڻ جا ڪيئي موقعا ميسر ٿيا، پر بدقسمتي سان اسان جي سياستدانن انهن موقعن مان ڪو فائدو حاصل ڪرڻ جي بدران وڃائي ويٺا. ڇوته اسان جا سياستدان طاقت جو سرچشمو عوام جي بدران انهن طاقت ور ماڻهن کي سمجهيو آهي، جيڪي هر هنڌ هر وقت پنهنجي طاقت جو ناجائز استعمال ڪندي نظر ايندا آهن.

1971 ۾ جيڪڏهن سياست کي غير سياسي ماڻهن جي مداخلت کان پاڪ ڪيو وڃي ها ته شايد حڪمرانن کي ڪشڪول هٿن ۾ کڻي دنيا ڏانهن واجهائڻ جي ضرورت درپيش نه اچي ها، پر ”محب وطن ماڻهن“ جي وطن دشمني کي روڪڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. ملڪي تاريخ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ کان پوءِ عوام جو وڏو انگ محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ هو، افرادي قوت ۽ عوامي مينڊنٽ هجڻ جي باوجود به محترمه ساڻن ڊيل ڪري اقتدار حاصل ڪيو، جيڪو جٽاندار ثابت نه ٿيو. طاقتور ماڻهن جڏهن عوامي جوش و جذبي کي گهٽ ٿيندي ڏٺو ته ڊيل تحت کيس ڏنل اقتدار به کائنس کسيندا رهيا.

اهڙي طرح ايئن پئي لڳو ته نواز شريف پچاڙي جو اهو چڱو، وطن ۽ عوام دوست ڪم ڪري خود تي لڳل “ اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار” وارو ٺپو ڊاهڻ ۾ ڪامياب ويندو. ڇاڪاڻ ته نواز شريف جا طاقتور ماڻهن سان معاملا ايتري قدر وڌي ويا هئا جو اهو انهن جا نالا کڻي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن ته عام طور تي انهن ماڻهن خلاف اشاري ۾ ڳالهائڻ به پاڻ کي ڪاٺ ۾ وجهڻ جي مترادف سمجهو ويندو هو.پر نواز شريف ساڻن ڊيل ڪري پاڪستان آيو ۽ پنهنجي بيانئي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ تان هٿ کڻي بوٽ کي عزت بخشي، اهڙي طرح عمران خان پڻ ساڳئي نواز شريف جي غلطي ورجائي رهيو آهي، جنهن طاقت ور ماڻهن کي ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي جو اهي هاڻ ننڍين ننڍين ڳالهين جي پڻ وضاحت ۽ اعتراف ڪرڻ لڳا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ شهر يار خان آفريدي جو بيان نه رڳو مايوس ڪندڙ آهي پر اهو هڪ سياسي خودڪش حملو پڻ آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جو نقصان ته ٿيندو ئي ٿيندو پر سندن اهو عمل تجربي خاطر زهر پيئڻ جيان هوندو، جنهن سان هن جو سياسي موت واقع ٿيندو. ملڪي مفاد ان ۾ ئي آهي ته سياستدانن کي سياستدانن سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪو سياسي معاملا سياسي ماڻهن سان شيئر ۽ ان بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ کان لنوائي ٿو ته اهو سياسي ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جنگ فيصلا ڪن مرحلن ۾داخلا ٿي چڪي آهي ته جنهن ۾ واضع طور تي پي ٽي آءِ سوڀاري ٿيندي نظر اچي رهي آهي.سندس ان يقيني ڪاميابي کي شڪست ۾ بدلائڻ لاءِ ڳالهين جا دروازا کوليا پيا وڃن. ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، معاملا ڳالهيون ڪرڻ سان ئي نبرندا آهن، پر ڳالهيون ڪنهن سان ڪجن اهو ڏسڻ ضروري هوندوآهي، ٻئي صورت ۾ عمران خان سان به اهو ئي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جيڪو ويجهڙ ۾ نواز شريف سان ٿي چڪو آهي.

 

اهڙي صورتحال ۾ شهر يار خان آفريدي جو بيان نه رڳو مايوس ڪندڙ آهي پر اهو هڪ سياسي خودڪش حملو پڻ آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جو نقصان ته ٿيندو ئي ٿيندو پر سندن اهو عمل تجربي خاطر زهر پيئڻ جيان هوندو، جنهن سان هن جو سياسي موت واقع ٿيندو. ملڪي مفاد ان ۾ ئي آهي ته سياستدانن کي سياستدانن سان ئي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪو سياسي معاملا سياسي ماڻهن سان شيئر ۽ ان بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ کان لنوائي ٿو ته اهو سياسي ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.