آمريڪا  ۽ چين  دوستي دشمني کي گڏ ھلائين ٿا

دنيا جي وڏن ملڪن جي لاڳاپن جو ٻين خطي جي ملڪن تي لازمي اثر پئجي ٿو.آمريڪا ۽ چين ھڪ ٻئي جا حريف  سمجھيا ويندا آھن تھ وري ٻئي پاسي ٻنھي ملڪن وچ ۾ بھتر لڳاپا پڻ موجود آھن.اھي پاڻ ۾ واپار بھ ڪن ٿا تھ معلومات پڻ ھڪ ٻئي کي ڏين ٿا.سفارتي سطح تي ٻنھي ملڪن جي لاڳاپا بھ آھن.ڏھن مھينن ۾ آمريڪي پرڏيھي وزير انٿوني بلنڪن چين جو ھي ٻيو دورو ڪيو آھي.

تازو آمريڪا جي پرڏيھي وزير انٿوني بلنڪن  چين جو دور ڪيو، ان دوران ھن چين جي پرڏيھي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي.ٻنھي اڳواڻن پنج ڪلاڪ گڏ گھاريا.عالمي سطح  تي آمريڪي پرڏيھي وزير جي ھن دوري کي خاص اھميت ان ڪري ملي آھي جو فلسطين ۾ جاري جنگ ۾ خطي جا ٻيا ملڪ بھ سڌي اڻ سڌي ريت متاثر ٿي رھيا آھن.

دوري دوران چين، آمريڪا کي ريڊ لائين پار نه ڪرڻ جو واضح پيغام ڏنو ۽ چيو ته چين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا مستحڪم ٿيڻ شروع ٿي رهيا آهن پر آمريڪا جي رويي سبب ڪجهه ناڪاري عنصر آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن وانگ يي سان ملاقات کي ”وسيع ۽ تعميري“ قرار ڏنو.ملاقات دوران آمريڪا  خبردار ڪيو ته ٻئي ملڪ يا ته استحڪام سان اڳتي وڌي سگهن ٿا يا وري بگڙيل صورتحال ڏانهن موٽي سگهن ٿا، جيڪو امڪاني طور تي تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.چيني پرڏيهي وزير وانگ ي چيو ته چين جون ڪجهه ”ريڊ لائينز“ آهن. جن کي آمريڪا کي پار نه ڪرڻ گهرجي.

آمريڪا جو چوڻ آهي ته چين ايران سان پنهنجي لاڳاپن جي بنياد تي زور ڀري سگھي ٿو تھ اھو اسرائيل سان ڇڪتاڻ وڌائڻ کان روڪي سگهي ٿو.آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چين جي دوري دوران چيو آهي ته هن کي يقين آهي ته بيجنگ وچ اوڀر ۾ "تعميراتي” ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.آمريڪي پرڏيهي وزير خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن چين روس کي يوڪرين تي حملي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي فراهمي بند نه ڪئي ته واشنگٽن ڪارروائي ڪندو.

بيجنگ ۾ بي بي سي سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هن پنهنجي چيني هم منصب تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو (چين) يورپ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،جنھن ۾ ھن جو ھٿيار فراھم ڪرڻ وارو عمل اھم آھي.ھو  سرد جنگ کان وٺي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.

هن اهو نه ٻڌايو ته آمريڪا ڪهڙي قسم جا قدم کڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. بهرحال انٿوني بلنڪن  زور ڏنو آهي ته ڪجهه شعبن ۾ بھتري ڪئي وئي آھي. هن بيجنگ  طرفان نشي واري دوا ‘فينٽانيل’ جي آمريڪا پهچائڻ کي روڪڻ ۾ ڪوشش ڪئي آھي جيڪو واکاڻ جوڳو عمل آھي.واشنگٽن ۽ بيجنگ جا لاڳاپا، چين جي تائيوان ۽ ڏکڻ چائنا سمنڊ تي دعويٰ ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي آمريڪي برآمدات تي پابندي ڪري ڇڪتاڻ جو شڪار آھن.

آمريڪا تازو ئي هڪ قانون پاس ڪيو آهي ،جنھن سان چين جي ڪمپني ٽڪ ٽاڪ کي وڪڻڻ تي مجبور ڪرڻ آھي ٻي صورت ۾ آمريڪا ۾ ان تي پابندي لڳندي. پر ان مسئلي تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي. اينٿوني بلنڪن بي بي سي کي ٻڌايو ته چين ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو هڪ اهم طريقو بيجنگ يا ان جي ڪجهه ڪمپنين لاءِ ٿي سگهي ٿو ته هو روس کي انهن ‘حساس سامان’ جي فراهمي بند ڪن .جيڪي هن کي وڌيڪ هٿيار ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.هن چيو ته اسان اڳ به ان ۾ ملوث چيني ادارن خلاف ڪارروائي ڪري چڪا آهيون ۽ اڄ بھ  واضح ڪريان ٿو ته جيڪڏهن چين ڪارروائي نه ڪئي ته اسين ڪنداسين.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.