قصو واپڊا جي وفاقي وزير ۽ وزيراعليٰ سنڌ وچ ۾ ٿيل ملاقات جو…

تحرير: سڪندر چنو

گذريل 25 اپريل تي اسلام آباد ۾ وفاقي وزير بجلي سردار اويس لغاريءَ سان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم جن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير توانائي سنڌ سيد ناصر حسين شاهه شامل هئا سنڌ ۾ بجلي جي حوالي سان اهم ملاقات ڪئي آهي. ان ملاقات ۾ وفاقي سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد محمود لنگڙيال ۽ ٻيا پاور ڊويزن جا اعليٰ آفيسر پڻ ويٺل هئا. سنڌ واسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سلام پيش ڪن ٿا جنهن جي خاص هدايتن تحت وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ماڻهن جي اهم مسئلي بجلي جي وڌندڙ غير قانوني لوڊشيڊنگ، سنڌ ۾ تباهه حال بجلي جو ڍانچو ۽ بجلي جي اوور بلنگ جهڙن اهم اشوز تي ڳالهايو آهي.

 وزير اعليٰ جي ٽيون ڀيرو وزيراعليٰ ٿيڻ تي هي هڪ اهم بريڪ ٿرو چئبو جو هڪ خاص ملاقات ڪري وفاقي وزير آڏو سنڌ جي عوام جو ڪيس رکيو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ملاقات کان پوءِ ان جو آئوٽ پٽ ڪهڙو ٿو نڪري؟ جيڪڏهن هميشه ماضيءَ جيان هن ملاقات جو صرف فوٽو سيشن ئي آئوٽ پٽ نڪتو ته پوءِ سمجهبو ته وفاق سنڌ جي ڳالهين کي ڳالهڙيو بڻائي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ عوام پڪ ڄاڻي وٺندو ته ن ليگ حڪومت تحريڙ: سنڌ سان تعصباڻو رويو رکي ٿو. حالانڪه ڏٺو وڃي ته وزيراعليٰ سنڌ جيڪا شڪايت وفاقي وزير پاور سردار اويس لغاري آڏو رکي آهي ان ۾ طاقت ۽ جائز آهي ۽ سنڌ واسي لوڊشيڊنگ جي ٻٽي عذاب ۾ ورتل آهن. سيپڪو ۽ حسيڪو ۾ غريب ماڻهن ڏي اوور بلنگ پڻ اچي ٿي. سنڌ جي پاور تقسيم ڪار ڪمپنين جي ڪاڪردگي تي وزيراعليٰ سنڌ عدم اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ان جي برعڪس وفاقي وزير بجلي سردار اويس لغاري واضح ڪيو ته لائن لاسز ۽ بلن جي ادائيگي تمام گهٽ آهي. وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس لغاري سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ته بجلي چوري به تمام گهڻي آهي. جنهن جي ڪري لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ماڻهون بلن جي وقت سر ادائيگي ڪن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ هوند ختم ٿي ويندي. وفاقي وزير سردار اويس لغاري هن ڀيري پوري تياري ۽ هڪ چيلينج سمجهي پاور ڊويزن (واپڊا) جو کاتو هڪ ڀيرو ٻيهر هٿ ۾ کنيو آهي. جيتوڻيڪ پاڻ سخت مزاج رکندڙ شخصيت آهي ۽ واپڊا جو سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال به سخت مزاج بيورو ڪريٽ طور مشهور آهي.

وفاقي وزير ڪجهه ڏينهن پهريان پريس ڪانفرنس وسيلي اعلان ڪيو هو ته بجلي چوريءَ ۾ پاور تقسيم ڪار ڪمپنين جا آفيسر ۽ ملازم ملوث آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. ۽ ان ڪاروائين جي شروعات GEPCO يعني گجرانوالا کان ڪئي ويئي آهي. تقريبا 20 آفيسرن کي ڪروڙن جي ڪرپشن سبب گرفتار ڪيو ويو آهي. اهي آفيسر ماڻهن پاران ڏنل بلن جي رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران پنهنجن کيسن ۾ رکندا هئا ۽ پوءِ عام غريب ماڻهن ڏي اوور بلنگ ذريعي عوام مٿان عذاب وجهندا هئا تقسيم ڪار ڪمپنين ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته هڪ ملي ڀڳت وسيلي پنهنجن يارن دوستن کي رشوت خاطر بجلي جا يونٽ تمام گهٽ موڪلي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ گرڊن جي يونٽن کي بيلنس ڪرڻ لاءِ هزارين يونٽ غريب صارفين ڏانهن لڳايا ويندا آهن. مطلب ته سهولت ڪاري جو ڪردار اڄ به نمايان نظر اچي ٿو.

بهرحال وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس لغاري ۽ سيڪريٽري پاور راشد محمود لنگڙيال پاور تقسيم ڪار ڪمپنين ۾ ڪارين رڍين جي خاتمي لاءِ جيڪا جنگ شروع ڪئي آهي ان مان صاف ظاهر لڳي ٿو ته عوام کي بهتر کان بهتر بجلي ملي سگهندي. هن وقت سيپڪو ۽ حيسڪو جي اڪثر ڳوٺن کي يا ته بجلي مورڳو آهي ئي ڪونه جيڪڏهن آهي ته 24 ڪلاڪن مان صرف چار ڪلاڪ ملي ٿي ۽ گذريل طوفاني بارشن ۽ هوائن سبب اڪثر ڳوٺن جون بجلي سپلائي ڏيندڙ يارنهن هزارن جون لائينون ختم ٿي ويون آهن ۽ اهي ماڻهو اڄ به بجلي جهڙي نعمت کان محروم آهن.

عوام ڄاڻي ٿو يا ٿي سگهي ٿو ته بي خبر هجي ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آهي ۽ دنيا جي مضبوط فوج جو مالڪ به. پوءِ به ملڪ ۾ بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ۽ عوام لاءِ بجلي ناپيد آهي ۽ بجلي روز بروز مهانگي ڪئي پئي وڃي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي حالت انتهائي خراب ٿي رهي آهي ۽ ملڪ معاشي طور تباهه ٿيندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ گئس ۽ ڪوئلي جا وڏا وڏا ذخيرا موجود آهن پر انهن مان فائدو نه پيو ورتو وڃي ۽ هن وقت ٿر جي ڪوئلي مان وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا مٽياري ۾ قائم نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ جمع ڪئي پئي وڃي يعني مٽياري ۾ موجود گرڊ اسٽيشن جي ڪيپيسٽي کان به وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا اڪثر ڪري ضايع ٿي رهي آهي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ لاکڙا پاور هائوس کي پڻ ياڻي واڻي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته  لاکڙا پاور هائوس جي ڀر ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو موجود آهي پوءِ به سنڌ کي بجلي جهڙي نعمت کان محروم رکيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته لاکڙا پاور هائوس کي هلائي سنڌ جي عوام کي بهتر کان بهتر بجلي ڏني وڃي جيئن ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد بجلي جا بل نه ڏنا ته انهن جي بجلي بند ڪئي ويندي. بحرالحال اسان جي ملڪ کي هلائيندڙن جي وڏي نااهلي چئبي. دنيا جي اڪثر سڌريل ۽ ايٽمي ملڪن ۾ بجلي جو نظام بهترين آهي. ڇاڪاڻ ته بجلي ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿي. بجلي هوندي ته ڪارخانا هلندا ۽ ملڪ ترقي ڪندو. هتي اهيو ضرور ڏٺو ويو آهي ته پنهنجن ادارن کي اسين پاڻ تباهه و برباد ڪيون ٿا. ڪرپشن سبب ادارا تباهه ٿي ويا آهن. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ هائوسنگ ڪالونيون هلي رهيون آهن

سو حڪومت کي گهرجي ته انهن کي بجلي جو مٽيريل سستو ڪري ڏنو وڃي ان سان حڪومت جي خزاني ۾ ارب روپيا جمع ٿيندا. بهرحال وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سيپڪو ۽ حيسڪو تي وڏو ڪاوڙيل نظر آيو ۽ وفاقي وزير کي اڻ سڌي طرح اشارو ڏنو ته سيپڪو ۽ حيسڪو سنڌ حڪومت حوالي ڪيا وڃن ته انهن جو ڪلاس اسين پاڻ وٺنداسين. پر اهيو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن سيپڪو ۽ حيسڪو سنڌ حڪومت حوالي ٿيو ته پوءِ ان جي حالت به ٻين ادارن جيان ٿي ويندي ۽ پوءِ ماڻهو بجلي جو بلب ڏسڻ لاءِ پري پري تائين سفر ڪري ويندا. ڇاڪاڻ ته اهي ادارا به سياست جي ور چڙهي ويندا جنهن جي ڪري بجلي جو نظام هلي ڪونه سگهندو. بهرحال وفاقي وزير جو موڊ ڏسي وزيراعليٰ سنڌ سيپڪو ۽ حيسڪو کي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي ڳالهه سڌيءَ طرح نه ڪڍي ورتي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته وزيراعليٰ سنڌ سيپڪو ۽ حيسڪو جي جيتري به عوام ڏانهن يعني ڳوٺن ڏانهن بجلي بقاياجات رهيل آهي ان جي اڌ رقم سنڌ حڪومت پنهنجي فنڊ مان ادا ڪري باقي اڌ رقم واپڊا Adjustment ڪري ڳوٺن کي بقاياجات مان ڪليئر ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن کي 24 ڪلاڪ بجلي ميسر ڪري ڏي. ڇاڪاڻ ته هن وقت واپڊا جو چوڻ آهي ته ڳوٺن ڏانهن بجلي جي بقاياجات آهن ۽ بجلي چوري ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿئي ٿو ته جڏهن بقاياجات ڪليئر ٿي ويندي ته پوءِ ڳوٺن ۾ هر گهر تي بجلي جو ميٽر لڳي ويندو ۽ اهي ميٽر ڊجيٽل هوندا جيتري بجلي گهر هلائيندو ان ڏانهن اوترو بل ايندو. ان سان بجلي چوري به ختم ٿي ويندي ۽ ماڻهن کي نان اسٽاپ فيڊر به ملي ويندا. جيڪڏهن ان ۾ ڪابه بجلي جي آفيسر يا ملازم هٿ چراند ڪئي ته ان جي نوڪري ختم ڪئي وڃي. بجلي جو نظام خود به خود بهتر ٿي ويندو. عوام خاطر وزيراعليٰ سنڌ کي تقريبًا 20 ارب روپيه عوام ڏانهن رهيل بجلي بقاياجات لاءِ ڏيڻ گهرجن. عوام به هميشه پ پ سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي. اهو سوال ته اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي جو انفرا اسٽڪچر ختم ٿي چڪو آهي ان ۾ وفاق ۽ صوبو گڏجي فنڊ مهيا ڪن ته جيئن ڳوٺن جون يارنهن لائينون بهتر ٿي پون. ۽ اوور لوڊ سبب نوان ٽرانسفارمر ڏنا وڃن باقي سولر بجلي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. بحرالحال هن ڀيري وفاقي حڪومت پڪو پهه ڪيو آهي ته عوام بدران بجلي تقسيم ڪار ڪمپنين جي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ سختي سان هٿ وڌا ويندا جيڪي عوام ڏانهن اوور بلنگ موڪلن ٿا ۽ بجلي چوري ۾ سڌي طرح ملوث آهن جنهن جي ڪري عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ ورتل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.