پاڻي  تي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي

تحرير: نصير ميمڻ

نئين ڪمانڊ ايريا جي آبپاشي معاملي تي پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ نئون تڪرار اڀريي پيو آھي. پنجاب جو آبپاشي کاتو انڊس ريور سسٽم اٿارٽي کان ننڍڙي چولستان اسڪيم تحت 20 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.پنجاب جي آبپاشي کاتي جي پريزنٽيشن ۾ ٻڌايو ويو ته گريٽر چولستان ۽ ننڍي چولستان اسڪيمن لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪل 66 لک  ايڪڙ بنجر  زمين کي پوکي لائق بڻائڻ سگھجي. ارسا ۾ سنڌ جي ڪيل اعتراض کي رد ڪري پنجاب جي حق ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آھي،پر ان ڏس ۾ سنڌ صوبي  اھڙي تجويز خلاف تفصيلي اختلافي نوٽ جمع ڪرايو.ساڳي ريت آگسٽ 2023ع ۾ واپڊا هڪ ٻئي فورم تي چولستان ۾ ستلج ندي  مان پاڻي کڻي ان جي کاٻي ڪناري واري  60  لک ايڪڙ زمين کي  آباد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ  وڏي پيماني تي هڪ  ڪوشش اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪي آهي. سنڌ جي اڳوڻي نگران حڪومت ڇهن ضلعن ۾ 52  ھزار ايڪڙ زمين ليز تي ڏئي ڇڏي، جتي نئين ٺاهيل گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ تحت تجربن ڪرڻ جو ارادو  آھي. چولستان ۾ نئين  ڪمانڊ ايرياز تيار ڪرڻ ان ميگا فارمنگ مهم جو حصو آهي.جنھن موجب  ان قدم سان 40 ارب ڊالر جي آمدني جي حاصل ٿيڻ ۽ لکين نوڪريون پيدا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ان ۾ڪو  شڪ ناهي ته پاڪستان  ۾ زمين جو گھڻو حصو بنجر آهي. پر وڏي پئماني تي پوکي ڪرڻ لاءِ وڏي ٻوڏ جي وهڪري جي ضمانت  ۽ وسيع بنيادي آبپاشي  واري ڍانچي جي ضرورت آهي. لڳي ٿو ته پنجاب جون اختياريون جڏهن به مٿئين وھڪري مان پاڻي کڻڻ چاھنيدا آھن تھ ان کي موڙڻ جي وڪالت ڪنديون آھن ۽ پاڻي جي موجودگيءَ بابت  انگ اکر وڌائي  پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آھي.

سنڌ هميشه اھڙن انگن اکرن ۽ انھن جي ڪيل تشريح کي رد ڪيو آهي. بحث بي نتيجا ٿي سگهي ٿو پر ان ڳالهه کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌو اڪثر ڪري هيٺاهين وهڪري جو تجربو ڪري ٿي، جنهن جي ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ ماحولياتي تباهي اچي ٿي.

وڏي پئماني تي فارمنگ واسطي  وڏي مقدار واري ٻوڏي جي ضمانت گھربل آھي.

چولستان ڊريم پراجيڪٽ لاءِ، ذخيرن ۽ لنڪ ڪئنالن  جي توسيع بابت تجويز ڏني آھي.جنھن مڏھا رانجھا، شاه جيونا ۽ چنيوٽ  ۾ نوان ذخيرا  جوڙڻ ۽ ستلج  جي مٿان حاصل پور ۽ بهاولنگر  وٽ

نوان بئراج قائم ڪرڻ  ان اسڪيم جو ھڪ  حصو آهن. ان کان علاوه، چناب نديءَ مان 195 ڪلوميٽر ڊگھو نئون لنڪ ڪئنال ڪڊڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن ستلج تائين ”سدائين لاءِ“ اھو وھڪرو پھچائي سگھجي. پنجاب جي دعويٰ آهي ته چناب جو باقاعده وهڪرو ستلج کي پاڻي فراهم ڪندو، جيڪو آخرڪار چولستان ڪمانڊ واري علائقي کي ٻن نون فيڊر ڪئنال ذريعي پاڻي رسائي آباد ڪندو.

ننڍي چولستان اسڪيم لاءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران ڏنل تجويزن ۾ پوڇڙ تائين پاڻي جي  موجود ھئڻ جو تفصيل  شامل آهي. جولاءِ جي پهرين هفتي کان سيپٽمبر جي پهرين هفتي تائين پاڻي جي دستيابي کي ٻوڏ جي وهڪري واري پاڻي کي  پنجاب جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. وهڪرو 4,137 ڪيوسڪ کان 4,122 ڪيوسڪ تائين آهي. ٻوڏ جي وهڪري جي دستيابي جي مفروضي تي ايتري وڏي زمين جي ايراضي کي آباد  ڪرڻ آبپاشي انجنيئرنگ جي بنيادي اصولن جي ابتڙ آهي. سنڌ مان مليل انگن اکرن موجب 2001ع کان 2022ع تائين ڪوٽڙي بئراج مان هيٺيون وهڪرو 9 سالن تائين 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان گھٽ رهيو آھي. ڪير ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو ته  چناب ۽ ستلج ندين کي هر سانوڻي (مون سون) جي مند  ۾ايترو  اضافي وهڪرو ملندو ؟

ھندوستان اڳرائي ڪري چناب تي ڊيم ٺاهي رهيو آهي. دي ڊپلوميٽ موجب چناب تي 70 کان وڌيڪ وڏا پن بجلي جا منصوبا مختلف مرحلن ۾ آهن. جيتوڻيڪ اهي پاڻي وھڻ سان مشروط  رٿائون  آهن، انهن جا ذخيرا هفتن تائين پاڻي جمع ڪري رکندا. موسمي تبديليءَ ۽ بار بار مٿين وھڪري جي ڦيرڦار جي ھوندي ھيڏي وڏي پيماني تي ڪمانڊ وارن علائقن کي آباد  ڪرڻ لاءِ ٻوڏ جي وهڪري تي ڀاڙڻ منطق جي خلاف آهي. جيڪڏهن چناب ۾ ڪجهه سالن تائين سوڪھڙو برقرار رهيو ۽ تجويز ڪيل ٽي ذخيرا ختم ٿي وڃن ته پوءِ ڇا ٿيندو؟  ڇا ڪمانڊ ايريا سڪي ڇڏي ويندي ۽ فصلن کي سڪڻ  ڏنو ويندو؟ چناب ۽ ستلج جو وهڪرو آخرڪار سنڌو درياءَ تائين پهچندو ۽ تجويز ڪيل اسڪيم سان سنڌوء درياھَ جي  وهڪري کي گهٽائندو.

2050ع تائين پاڪستان جي آبادي  40 ڪروڙ  کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. اهو خوراڪ  سيڪيورٽي لاءِ هڪ چئلينج آهي. تنهن ڪري، مقصد اهو هجڻ گهرجي ته خوراڪ جي پيداوار کي وڌايو وڃي، جيڪو تڪراري منصوبن کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

زرعي ترقياتي بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب اناج جي مجموعي پيداوار جي قومي صلاحيت 100,933,000 ڪلوگرام في سال آهي، جڏهن ته 2015 کان 2016 تائين اناج جي حقيقي پيداوار 38,227,000 ڪلوگرام هئي. مطلب ته پاڪستان پنهنجي حقيقي صلاحيت جو فقط 38 سيڪڙو پيدا ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه پاڪستان جي في ايڪڙ پيداوار 1.05 ٽن آھي،جي مقابلي ۾ چين جي 1.9 ٽن، ھندوستان جي  1.1 ٽن حاصل ڪري ٿو. پاڪستان جي چانورن جي في ايڪڙ پيداوار 1.25 ٽن آهي، جيڪا چين جي 2.6 ٽن جي اڌ کان به گهٽ آهي. ايستائين جو بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ھندوستران ترتيبوار 1.7، 1.6 ۽ 1.3 ٽن في ايڪڙ  جي حساب سان پاڪستان کان اڳتي آھي.ان ڪري پاڪستان وٽ موجوده پوک واري زمين مان اناج جي پيداوار کي ٻيڻو ڪرڻ جي صلاحيت آهي.

فيصلا ڪندڙن سياڻن ھئڻ جي صورت ۾ اھي غلط چونڊ کان پاسو ڪن ۽ بهتر فارمن جي طورطريقن کي بھتر ڪندي، پاڻي جي جديد مھارتي  استعمال ۽ معياري ٻج ذريعي فصل جي پوکي وڌائيندي پيداوار وڌائڻ جي ڪوشش ڪن.

 

نئين ڪمانڊ ايريا جي آبپاشي معاملي تي پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ نئون تڪرار اڀريي پيو آھي. پنجاب جو آبپاشي کاتو انڊس ريور سسٽم اٿارٽي کان ننڍڙي چولستان اسڪيم تحت 20 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.پنجاب جي آبپاشي کاتي جي پريزنٽيشن ۾ ٻڌايو ويو ته گريٽر چولستان ۽ ننڍي چولستان اسڪيمن لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪل 66 لک  ايڪڙ بنجر  زمين کي پوکي لائق بڻائڻ سگھجي. ارسا ۾ سنڌ جي ڪيل اعتراض کي رد ڪري پنجاب جي حق ۾ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آھي،پر ان ڏس ۾ سنڌ صوبي  اھڙي تجويز خلاف تفصيلي اختلافي نوٽ جمع ڪرايو.ساڳي ريت آگسٽ 2023ع ۾ واپڊا هڪ ٻئي فورم تي چولستان ۾ ستلج ندي  مان پاڻي کڻي ان جي کاٻي ڪناري واري  60  لک ايڪڙ زمين کي  آباد ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.