لومڙ ۽ ڦاڙهي جي جنگ

تحرير: سهيل وڙائچ

هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته سُندر بن جي ٻيلن ۾ خاڪي شينهن جي حڪومت هوندي هئي. اصل طاقت ۽ اختيار شينهن وٽ هوندا هئا. ڪڏهن شينهن پاڻ جهنگ کي سڌو سنئون هلائيندا هئا ڪڏهن اهي جهنگ جي جانورن جي چونڊيل حڪومت کي آڏو آڻي ڇڏيندا هئا. ڪيترن ڏهاڪن کان شينهن جو اهو گروپ حڪومت ڪندي ڪندي تجربيڪار ٿي چڪو هو. شينهن جو گذريل بادشاهه ڳالهين جو ڳهير هو. ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪندو هو. پنهنجي اوسي پاسي جي دنيا جي باري ۾ به ڄاڻ رکندو هو. پر حالتن جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ جي عادت هيس. پاڻ ئي هڪ حڪومت کي آندائين ۽ پوءِ پاڻ ئي ان مان مايوس ٿي ويو. هو پنهنجي گذريل بادشاهه کي درشني چوندو هو. جيڪو رڳو شوپيس هو. ان کي هلائڻ وارو شينهن جو هڪ گروه ان جي شڪل ڏيکاري پنهنجي ايجنڊا پوري ڪندو هو. جهنگ جو اڄڪلهه جو بادشاهه ان کان بلڪل مختلف آهي. اهو عام جانورن جي شڪل جهڙو ناهي. ۽ اهو پنهنجي شڪل ظاهر ڪرڻ جو به قائل ناهي. هو ڳالهائڻ کان وڌيڪ عمل تي يقين رکندو آهي. هو چاهي ٿو ته عام جانورن جي چونڊيل حڪومت ئي معاملن کي هلائي.

موجوده بادشاهه کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ سڀ کان گهڻو هٿ لومڙ جو آهي. لومڙ کي آندائين ته ڳالهين جو ڳهير اڳوڻو بادشاهه پنهنجي آندل حڪومت مان ئي مايوس هو. پر گڏوگڏ اهو اڳوڻو بادشاهه پنهنجي مرضي جو بادشاهه آڻڻ چاهي پيو. لومڙ هڪ سياسي جماعت سان دوستي رکي ۽ گذريل بادشاهه جي سياست کي ناڪام ڪري موجوده بادشاهه کي گادي تي ويهاريو. لومڙ سان گڏوگڏ نئين بادشاهه جو ٻيو وڏو ساٿي ڦاڙهو آهي. لومڙ ۽ ڦاڙهو هڪٻئي کان مختلف شخصيتن جا مالڪ آهن. لومڙ چالڪ، هوشيار، ڪرشما ساز آهي. جڏهن ته ڦاڙهو هلڪو ڦلڪو هوندو آهي. منصوبابندي ۾ لومڙ ماهر آهي ته ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ وارو فن وري ڦاڙهي کي هوندو آهي.

اڄ جي خاڪي بادشاهه جا ٻئي صلاحڪار تمام گهڻي ڪم جا آهن، ٻئي هن جا وفادار آهن. ۽ ان جي هر حڪم تي عملدارآمد ڪندا آهن پر ٻنهي جا انداز مختلف آهن. بادشاهه کي سندن تڪرار سبب تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي. بادشاهه جي عملداري ۾ ان جا وزير ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. گورنرن جي مقرري به رڪيل آهي. پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي رانديگر سان معاملا طئي ڪرڻ اڃان باقي آهن.  سياست ۽ گورنرس بيٺل آهي. سُندر بن جا سڀ جانور ڏسي رهيا آهن ته لومڙ پنهنجو عهدو برقرار رکي ٿو يا ڦاڙهو؟ جانور تمام گهڻا محتاط آهن ڪيترن جو خيال آهي ته لومڙ ۽ ڦاڙهو ٻئي برقرار رهندا ڇاڪاڻ ته سندن مختلف راين باوجود خاڪي بادشاهه جا وفادار آهن. پر سُندر بن جي دانشور بن مانس جو خيال آهي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڦاڙهو رهندو يا لومڙ. ٻئي گڏ نٿا رهي سگهن. ڦاڙهي جو تمام وڏو حلقو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيلن جا ڪيترائي عهديدار ان سان مليل آهن. اهي لاڳاپا ان جي مضبوطي جو سبب آهن. پر گڏوگڏ سندس لاءِ بار به بڻيل آهن. گذريل ووٽن ۾ ڦاڙهي تي ڪيترائي الزام لڳا جڏهن بادشاهه کي چيو ويو ته کٽڻ وارن پئسا ورهايا آهن. ٻئي پاسي لومڙ پنهنجو ڪم اڪيلي سر ڪري وڃي ٿو. ان جي اکين ۾ جادوئي ڪشش آ، ۽ چهري مان روشني نڪرندي اٿس. خوبصورت لومڙيون ان جي حلقي ۾ رهڻ پسند ڪنديون آهن. ڇاڪاڻ ته هو بيحد عقلمند آهي کيس پنهنجي عقلمندي تي ناز به هوندو آهي. هو ڪنهن ٻئي کي عقل ۽ تجربي کي پنهنجي برابر ناهي سمجهندو. ان لاءِ جانور ان کي چالاڪ سمجهندا آهن جڏهن ته ڦاڙهو ماضي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيلن ۾ خوفناڪ ڪارناما ڏئي چڪو آهي ۽ ان جي ٽيم هر جڳهه تي موجود آهي.

خاڪي بادشاهه کي سُندربن تي حڪمراني جيڪڏهن مضبوط ڪرڻي آهي ته ان کي پهريون فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته نئين حڪومت کي فري هينڊ ڏئي ان جي مڪمل طور تي حمايت ڪري. يا وري ماضي وانگر ان حڪومت تي مڪمل نظر رکي. ۽ ان کي ايترو مضبوط نه ڪري ته اها ٻين لاءِ خطرو بڻجي وڃي. جيڪڏهن خاڪي بادشاهه موجوده حڪومت کي فري هينڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته لومڙ جي فائدي جا وڌيڪ امڪان ٿيندا. لومڙ کي بادشاهه شروع کان مشورو ڏئي رهيو آهي ته جهنگ کي ترقي ڏيڻي آهي ته ڪنهن ويجهي ٻيلي کي بنگال جي ماڊل طور هلايو وڃي. جڏهن ته ڦاڙهي جو چوڻ آهي ته ڪنٽرول بادشاهه ۽ شينهن جو ئي هئڻ گهرجي. ائين لڳي ٿو ته هي ويڙهه رڳو لومڙ ۽ ڦاڙهي جي ناهي پر اها ويڙهه مستقبل جي حڪمت عملي جي آهي. خاڪي شينهن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ٻيلو ان نموني سان هلندو رهندو يا ان جي اوسي پاسي جي ٻيلن وانگر هتي به تبديلين جي ضرورت آهي. سياري وارين چونڊن کان پوءِ آيل حڪومت پنهنجن فيصلن کي ٽاري رهي آهي ۽ اها ان انتظار ۾ آهي ته خاڪي شينهن ڪهڙو ٿا فيصلو ڪن.

بن مانس جهنگ ۾ دٻيل دٻيل رهندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي مشورا ڏيندا آهن ته خاڪي بادشاهه کي جهنگ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻي آهي ۽ جانورن کي خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون ڏيڻيون آهن. جانورن جي سياسي حقن کي بحال ڪرڻو پوندو. سندربن جي ٻيلي جي جانورن ڪيئي ڏهاڪن کان تنقيد ڪرڻ جي عادت پيل آهي. جيڪي ان عادت تي پابنديون لڳائڻ کي مسئلي جو حل نٿيون سمجهن. ضرورت ان جي آهي ته حڪومتي جانور به پنهنجو بيانو زور شور سان پيش ڪري هي جنگ کٽن. جهنگن جو اصول آهي ته سياست کي طاقت سان نٿو دٻائي سگهجي. سياست جو مقابلو سياست ئي ڪري سگهي ٿي رانديگر گهوڙن کي به سمجهڻ گهرجي ته شينهن سان اهي مقابلو نٿا ڪري سگهن انهن سان وڙهي کٽڻ مشڪل آ سو وري به ڳالهين جي ذريعي انهن جي جڳهن تي اچي سگهجي ٿو. ۽ پوءِ آهستي آهستي پنهنجي ڪارڪردگي سان پاڻ کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. ته رائيونڊ جا گهوڙا اقتدار ۾ ته اچي ويا آهن پر انهن جي آڏو ڪو هدف نظر نٿو اچي. خاڪي شينهن ۽ رائيونڊ ٻيلن جي گهوڙن جو پنهنجي منصوبابندي بابت جانورن کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. جانور هميشه جاهل ۽ لاعلم رکيا ويندا آهن ۽ انهن کي رڳو اهو خواب ڏيکاريو ويندو آهي ته سُندربن جي ٻيلي جو ماحول بدلجي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.