هندو جيم خاني جو تاريخي مقدمو

تحرير: ذوالفقار راڄپر

ڪجهه سال اڳ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ڪراچي شهر جي تاريخ جي حوالي سان ٿيل هڪ سيمينار ۾ جنهن ۾ اسان جو پيارو دوست، ڪراچي جي تاريخ، ماڳن مڪانن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪندڙ گل حسن ڪلمتي ۽ ٻيو معزز ساٿي ۽ بيوروڪريسي جو حصو رهندي به سکر کان ڪراچي تائين سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ مسلسل ڪم ڪندڙ ، سنڌي ڪهاڻيڪار، ماضيءَ جو باڊي بلڊر رهندڙ ڪليم الله لاشاري ۽ ڪراچي جي تاريخ تي اردو ۾ ڪم ڪندڙ مرحوم اختر بلوچ پڻ موجود هئا، اتي مان فوجي آمر پرويز مشرف جي ڌي جي سهڪار سان ڪراچي جي تاريخي عمارت مٿان ٿيل قبضي متعلق پروگرام ۾ويٺلن طرفان اها ڳالهه رکي هئي ته  ” هندو جيمخاني مٿان ترقي پسند، نفيس، ليکڪن، فنڪارن، ناچ ۽ راڳ ڪندڙ دهشتگردن مٺا رام هاسٽل، جناح ڪورٽ وغيره وانگر هن تي قبضو ڪيو آهي، اهو جلد ختم ٿيڻ گهرجي. “ ان تي هال ۾ زبردست تاڙيون وڄايون ويون هيون.

14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ جتي سڄي سنڌ غلامي جي ور چڙهي وئي، تيئن ئي سنڌي هندن جي ڇڏيل قديم عمارتن تي اوويڪيو ٽرسٽ وفاقي اداري ان جو نيلام شروع ڪيو، مورڙي جي قبر،ملير مندر کان وٺي ڪياماڙي ۽ هندو جيمخاني تائين قبضا ڪيا ويا آهن. فريئر هال جو چونڊ سامان ڪنهن جي بنگلي ۾ موجود آهي، ميڊيا اهو نه ٿي ٻڌائي سگهي، برنس روڊ کان وٺي شو مارڪيٽ ، پاڪستان، چوڪ ۽ لياري تائين لاوارث ڪيل قديم عمارتن تي قبضا ڪري قبضا خورن انهن جو وجود يا ته مٽائي ڇڏيو آهي يا زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

هندو جيم خانو 1925ع ۾ سيٺ گوپال داس جوڙايو هو، جنهن جي مکيه ايراضي تي پوليس ٿاڻن ۽ ٻين ادارن ان ڪري قبضو ڪيو آهي، جو سنڌ جي جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومتن ۾ هڪ به پڙهيل لکيل سنڌي وطن دوست نمائندو اسيمبلي يا اسيمبلي کان ٻاهر جي محاذن تي اچي نه سگهيو آهي. هن وقت به جڏهن ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي 1940ع ۾ ٺهيل هڪ عمارت چيتو مل کي سنڌ جي ثقافت کاتي جي موجودگي ۾ ان کي عيد کان پوءِ ڊاٿو ويو ته ڪراچي شهر ۾سنڌ ثقافت کاتي ۾ ڪو کاتي جي اهميت جي حوالي سان ڪو لکيل پڙهيل ادراڪ رکندڙ وزير يا عملو موجود نه آهي،جي ان وزارت ۽ کاتي ۾ مرحوم گل حسن ڪملتي ،عارف حسن جهڙا ماڻهو موجود هجن ها.

سنڌ ۾ ڪو وفاق ۽ عوام طرفان ايماندارانه احتساب بيورو نه هجڻ ۽ سنڌي ميڊيا ۾ رپورٽنگ کان وٺي اڪثريت تعليم يافته سنڌ جي ثقافتي ماڳن جي حفاظت جو تاريخي ادراڪ رکندڙن جي گهڻائي نه هجڻ ڪري ، دعوتن، گاڏين ۽ اعلي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ماڻهن سان تعلقات رکندڙن صحافين جي هجوم ڪري ڪراچي شهر جو قديم عمارتن سان هندو جيمخاني جهڙو حشر ٿي رهيو آهي . ڪاش فوجي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ هندو جيم خاني تي راڳ، ناچ ۽ ڊرامي سان محبت جو لباس اوڍيندڙ هشتگردن طرفان هندو جيم خاني تي حملي ۽ قبضي مهل سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ڪنهن ڪرپٽ، ڪوڙي شخصيت جو بت اوڍيندڙ سنڌي سيڪريٽري طرفان ڀلي ڪو غير سنڌي ايماندار ، تاريخ لاءِ وڙهندڙ پڙهيل لکيل ڪرپشن جي ڪمن کان پاڪ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري هجي ها ته اهو هندو جيمخاني تي قبضي جي سرڪاري خط تي هر گز صحي ڪري قبضا خورن کي جيمخاني جا تالا سرڪري سطح تي کولي ڏيڻ بدران ان جي سخت مزاحمت ڪري ها ، وڙهي ها ، جي وڙهي نه سگهي ها ته استيعفا ڏئي هليو وڃي ها ، پر سنڌ جي قديم عمارتن جي ميراث سان غداري نه ڪري ها. بهرحال هندو جيمخاني جي بند دروازن ۽ ان جي فوٽو گرافي نه ڪرڻ جي سختين باوجود سول سوسائٽي جي ڪجهه مزاحمتي ماڻهن، ۽ صحافين طرفان هندو جيم خانو خالي ڪرائڻ جي غير منظم مهم هلندي رهي ٿي.

ڪجهه سال اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ڪن هندو ڀائرن ڪيس داخل ڪيو هو، پر ان جو ڪو وڏي پئماني تي نتيجو ان ڪري نه نڪري سگهيو ، جو آمرن جي سهڪار سان گذريل 15 سالن کان سنڌ مٿان مڙهيل جمهوريت مخالف پارٽي جي حڪومت ڪري سنڌ جا سمورا ڪيس رلندا رهن ٿا ۽ هڪ منصوبه بندي تحت ثقافت کاتي سميت سمورن ادارن  ۾ کاتي جي اهميت جي حساب سان پڙهيل لکيل وزير ۽ ڪامورا مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اربع واري ڏينهن تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ هندو جيمخاني جو ڪيس هلايو ويو آهي جنهن دوران پي پي پي ايم اين اي رميش ڪمار کي به گهڻيون ست سريون ڳالهيون ٻڌايون آهن. سپريم ڪورٽ جي طرفان هندو جيمخاني کي سپريم ڪورٽ ۾ جڳهه ڏيڻ تي سنڌ جي هر تاريخ ۽ قديم عمارتن سان محبت ڪندڙ پڙهيل لکيل شهري جي دل ۾ اها اميد پيدا ٿي آهي ته شايد غلام قوم جي غلام هندو جيم خاني تان دهشتگردن جو قبضو ختم ٿيندو ۽ هاڻي قبر ۾ دفن ٿيل آمر جو وڌيڪ هندو جيمخاني متعلق حڪم به هلي نه سگهندو. اهڙي نموني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي شهر جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اهم ۽ شهرين  سان اهم ڳالهيون ڪيون آهن ته انتهائي تڪليف جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرز هيڊڪوارٽر سميت سمورين عمارتن جي ٻاهران موجود رڪاوٽون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت رينجرز هيڊڪوارٽرز، گورنر هائوس ۽ سي ايم هائوس ٻاهران ٽن ڏينهن اندر  حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  عدالت چيو ته 3 ڏينهن اندر سموريون رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، عدالت سمورن لاڳاپيل ۽ سيڪيورٽي ادارن کي عدالتي حڪم جي ڪاپي موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي وفاقي ادارن کي آگاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي به اجازت ناهي ته عوام جي آزاد آمد و رفت ۾ رڪاوٽ وجهي، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ غير قانوني آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون حددخليون ٺاهي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.