وزيراعظم شهباز شريف آڏو سنڌ جي وڏي وزير جون رکيل جائز شڪايتون

اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي واري دوري جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رپورٽن موجب سندس آڏو شڪايت جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ سنڌ جو جائز مالي حصو گهرڻ تي زور ڀريو. مثال طور سنڌ جي وڏي وزير کيس اجلاس ۾ سڀني جي سامهون چيو ته گذريل سال وفاق، سنڌ کي 28 ارب روپيا گهٽ ڏنا. ايف بي آر 2016 ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 5 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ڪاٽي. ٻوڏ سٽيلن جي گهرن جي اڏاوت، موٽر وي، ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي منصوبن ۾ وفاق جو سهڪار نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون. گڏوگڏ ٽيڪس اوڳاڙي روڪڻ جو چتاءُ به ڏنو. نه فنڊ ۽ نه ئي اسڪيمون ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون ۽ گڏوگڏ ٽيڪس اوڳاڙي روڪڻ جو چتاءُ به ڏنو. وڏي وزير حيدرآباد- سکر موٽر وي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي سوڌو ٻيا معاملا به اٿاريا.

رپورٽن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف رٿابندي جي وزير احسن اقبال، ناڻي جي وزير محمد اورنگزيب ۽ سيڪريٽري مواصلات کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي وڏي وزير يا سندس ٽيم سان ملاقاتون ڪن ته جيئن سمورن التوا هيٺ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته هو سنڌ ۾ ان لاءِ آيو آهي ته سمورا پراڻا مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن ترقياتي منصوبا اڳتي وڌي سگهن. هن چيو ته حيدرآباد-سکر موٽر وي تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو. ائين ڄامشورو- سيوهڻ روڊ تي ڪم تيز ڪري کيس رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو ۽ ان ڏس ۾ فنڊ جاري ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ايئن انهن سڀني اشوز تي رپورٽن موجب وزيراعظم ڳالهايو جيڪي وڏي وزير سندس آڏو پيش ڪيا.

انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته وفاقي حڪومتن خاص ڪري جيڪا سنڌي عوام جي نمائندگي نه ڪندي هجي تنهن ڪڏهن به سنڌ جي حقن جو خيال ناهي ڪيو. پر جڏهن کان اتحادي حڪومتون ٺهڻ لڳيون آهن جيئن پ پ جي سهڪار سان وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت جڙي آهي ته اهڙين حڪومتن ۾ وري به سنڌ جو ڪجهه خيال ڪجي ٿو يا ڪا اميد رکي سگهجي ٿي. جڏهن ته ماضي ۾ جيڪڏهن صوبي ۾ پ پ جي حڪومت هوندي هئي ۽ وفاق ۾ مسلم ليگ جي ته وفاقي حڪومت چاهيندي هئي ته جيڪر سنڌ کي نظرانداز ڪجي ته جيئن ڀلي صوبائي حڪومت ناڪام رهي. پر هاڻي جيئن ته پ پ جي سهڪار سان وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڙي آهي ته وفاقي حڪومت هاڻي ماضي وانگر سنڌ صوبي ۽ صوبائي حڪومت جي گهرجن کي چاهيندي به نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي ٻي صورت ۾ اتحادي حڪومت ۾ اختلاف ۽ تڪرار به جنم وٺي سگهن ٿا ۽ انهن اختلافن سبب پ پ اقتداري بينچن تان اٿي مخالف ڌر جي بينچن تي وڃي ويهندي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت به برقرار نه رهي سگهندي.

ان پس منظر ۾ ڏسجي ته مسلم ليگ (ن) جي موجوده شهباز شريف جي سرڪار مجبور هوندي ته اها سنڌ حڪومت کي راضي رکي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت واقعي به سنڌ سرڪار جي شڪايتن جو ازالو ڪري ٿي يا نه. بظاهر ته رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير پاران اٿاريل سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي نيت ڏيکاري آهي ۽ ان ڏس ۾ واسطيدار وزارتن کي هدايت به ڪئي آهي پر عملي طور ڪم ڪيئن ٿا ٿين سو وقت ٻڌائيندو.

بهرحال پنهنجو خيال اهو آهي ته وفاق ۾ ڪنهن به جماعت جي حڪومت هجي ۽ صوبن ۾ ڪهڙي به جماعت جي هجي پر ملڪ هڪ آهي، عوام هن ئي ملڪ جو آهي تنهن ڪري پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت کي سڀني صوبن جي حڪومت هئڻ جو تاثر ڏيڻ گهرجي ايئن نه جيئن پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ۾ هڪ جلسي ۾ عمران خان جي زبان مان نڪري ويو ته ”سنڌ اسان جي ناهي“، اصل ۾ هو  اهو چوڻ پئي چاهيو ته  سنڌ صوبي ۾ سندس حڪومت ناهي يعني صوبائي حڪومت جو ڪم آهي ته پنهنجي صوبي کي سنڀالي جنهن تي مٿس سخت تنقيد ٿي هئي ته ملڪ جو وزيراعظم ٿو چوي ته سنڌ اسان جي ناهي . پر جيڪڏهن صوبائي حڪومت پ پ جي به هئي ته تڏهن به وفاق حڪومت ان سان لاتعلقي جو اظهار نٿي ڪري سگهي.

عمران خان جي زبان مان ته اهو نڪري ويو پر ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وفاق ڪڏهن به دلي طور تي سنڌ کي ناهي قبوليو. جنهن جو احساس هر دور ۾ سنڌ جي عوام کي رهيو آهي باوجود ان جي ته سنڌ اسيمبليءَ ئي سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان جي ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو. سنڌ مان ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽو سميت ڪيتريون ئي شخصيتون ملڪ جون وزيراعظم به رهي چُڪيون آهن. آصف زرداري کي ٻه ڀيرا ملڪ جو صدر ٿيڻ جو اعزاز نصيب ٿيو آهي جنهن جو تعلق به سنڌ سان آهي پر پوءِ به وفاق طرفان دلي طور سنڌ کي ناهي قبوليو ويو ۽ نه ئي سندس سياسي ، مالي ۽ پاڻي جا حق مڪمل طور تي ڏنا ويا آهن. سنڌ کي سڀ کان وڏي شڪايت اها رهي آهي ته وفاق ان کي معاهدي موجب ڪڏهن به پاڻي جو جائز حصو ناهي ڏنو، نه ئي اين ايف سي ايوارڊ تحت جائز مالي حصو ڏنو آهي نه ئي ترقياتي اسڪيمون ۽ رهتون ڏنيون ويون آهن .

اها حقيقت آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ کي جائز مالياتي حصو نه ڏيندي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبا وقت سر مڪمل نه ٿي سگهندا. جيڪي سنڌ ۾ اڻ پورا نظر به اچن ٿا جيئن ڄامشورو سيوهڻ روڊ آهي جيڪو ورهيه ٿي ويا آهن پر مڪمل ٿيڻ جو نانءُ نٿو وٺي ائين ڪراچي جا ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي اڻ پورا آهن.

ان حساب سان ڏسجي ته سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم جي آڏو جائز شڪايتون رکيون آهن پر هتي سنڌ حڪومت جي آڏو وري اسان سنڌي عوام جو ڪيس رکنداسين يا شڪايتون ڪنداسين ته عام تاثر اهو آهي ته سنڌ جا حڪمران ڪرپٽ آهن. ترقياتي منصوبن لاءِ آيل فنڊن کي پنهنجن کيسن ۾ وجهن ٿا. فنڊ اچن ٿا ته استعمال جي بنا ليپس ٿي وڃن ٿا. سنڌ جا وزير ترقياتي اسڪيمون جوڙي انهن تي مليل فنڊ خرچ ناهن ڪري سگهندا سو اسان وفاق جي آڏو برابر سنڌ جا حق رکڻ ۽ شڪايت ڪرڻ جا حامي آهيون پر سنڌ سرڪار کي به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي لاءِ مليل فنڊن کي درست نموني صاف شفاف طريقي سان استعمال ڪرڻ جي وينتي ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.